آبِ زمزم
Well of Zamzam
زمزم | |
---|---|
![]() | |
جاگرافي بيهڪ: 21°25′19.2″N 39°49′33.6″E / 21.422000°N 39.826000°E | |
Government | |
• Body | سعودي عرب جي حڪومت |
ڪعبة الله شريف جي قديم چشمي جو اھو مٺو پاڻي، جيڪو حاجي سڳورا حج دوران پيئڻ ۾ ڪم آڻيندا آھن. آب زم زم جو کوھ چار گز ويڪرو ۽ 9 گز اونھون آھي. هن کي ”چاهه زم زم“ به چوندا آهن. زم زم کوهه واري عمارت 1960ء ڌاري ٺهي تيار ٿي. هن کوهه جو انجيل ۽ توريت ۾ به ذڪر آهي. ان کوهه جو پاڻي ڪيترين صدين تائين جاري رهيو، ليڪن بعد ۾ اهو بند ٿي ويو، حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ڏاڏي عبدالمطلب لاءِ چون ٿا ته کيس خواب ۾ اشارو ملڻ بعد هن پنهنجي پٽ حارث جي مدد سان تحقيق ڪري وڏن ڪشالن سان ان کوهه جو صحيح هنڌ معلوم ڪري، نئين سر کوٽائي، وري آب زم زم جاري ڪيو.
ھيءُ چشمو ان وقت جو يادگار آھي، جڏھن حضرت ابراھيم عليه السلام، پنھنجي گھرواريءَ بيبي ھاجره ۽ پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام کي کارڪن جي ھڪ ٿيلھي ۽ پاڻيءَ جي سانداري ڏئي، کين خدا تعاليٰ جي حڪم تي ڇڏي واپس ھليو ويو. جڏھن پاڻي ختم ٿيو ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام اڃ کان لڇڻ لڳو، تڏھن بيبي ھاجره پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ڊوڙڻ لڳي، ۽ صفا ۽ مروه ٽڪرين جي وچ ۾ ست ڊوڙون پاتائين.
حضرت اسماعيل عليه السلام سخت اڃ جي حالت ۾ کرڙيون ھڻڻ لڳو. خدا جي قدرت سان ان ھنڌان پاڻيءَ جو چشمو ظاھر ٿي پيو. بيبي صاحبه سانداريءَ ۾ پاڻي ڀري، حضرت اسماعيل کي پياريو ۽ پاڻ به پيتائين. چشمي جو پاڻي وھڻ لڳو ته بيبي صاحبه پاڻيءَ کي حڪم ڪيو ته ”زم زم“ يعني ”بيهه، بيهه“؛ پوءِ ان چشمي تي نالو ئي پئجي ويو ”زم زم“. هيءُ لفظ بابلي ٻوليءَ جو آهي. [1]
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Infobox mapframe without OSM relation ID on Wikidata
- Coordinates on Wikidata
- Pages using infobox settlement with unknown parameters
- Pages using infobox settlement with missing country
- Pages using infobox settlement with no map
- اسلام
- نقشن وارا صفحا