مطلق آمريت

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

مطلق آمريت يا ٽوٽليٽيريئنزم (Totalitarianism) جي نظريئي جو بنيادي خاڪو 1932ع ۾ نامياري عوام دوست اِٽليائي سياستدان ۽ صحافي ’جيواني اميندولا‘ (1882-1926) ڏنو، جڏهن هُن ’فاشيت‘ کي روايتي آمريت کان جُدا قرارڏيندي ان لاءِ Totalitario جو اصطلاح استعمال ڪندي ٻُڌايو ته هي سرشتو هر قسم جي حڪومتي/رياستي اختيارن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇڏي ٿو. هي نظريو فرد جي با اختيار هئڻ بدران رياست يا سرشتي جي سگهاري هئڻ جي وڪالت ڪري ٿو. ’مطلق آمريت‘ حاڪمن ۽ محڪومن جو وچ ۾ واضح سَنڌو ڪندي، سماج جي مخصوص ماڻهن کي حاڪميت جو حق ڏئي ٿي ۽ فرد جي راءِ ۽ آباديءَ جي ڀلائيءَ لاءِ وسيع انساني سهڪارکي رد ڪندي، سماج جي ڀلي لاءِ فقط رياست ۽ اُن جي ادارن تي ڀاڙڻ لاءِ زور ڏئي ٿي. ان کان سواءِ هي نظريو هڪ گروهه يا جماعت جي حڪومت جي قيام، رياست جي حدن ۽ غير معمولي اختيارن ۾ مسلسل واڌ، خاص نظريي جي برتري/مطلق العناني ۽ تڪرارن جي نبيري لاءِ طاقت جي استعمال، خاص ڪري جنگ ذريعي مسئلا حل ڪرڻ وارن نُڪتن کي ترجيح ڏئي ٿو. مطلق آمريتي راڄ عام طور تي پنهنجو دٻدٻو حڪومتي مشينريءَ جي پاران ٿيندڙ هڪ- طرفي پروپيگنڊا، رياستي جبر جي ادارن، معيشيت ۽ ميڊيا تي سخت ضابطي ۽ لاڳيتي گهوٽالي واري صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ رکي ٿو. فاشيت (Fascism)، قومي سماج- واد (National Socialism) ۽ ڪميونزم (Communism) هن نظريي جا مختلف قسم آهن. انهن مان پهريان ٻه قسم رياستي ڍانچي ۾ هر اڳڀرائي يا تبديلي ڪنهن هڪ طاقتور شخص ۾ ڪم ڪندڙ سياسي گروهه جي قيادت ۾ آڻڻ جا حامي هئا ، جڏهن ته ڪميونزم جماعتي آمريت جي حق ۾ هوندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد