مواد ڏانھن هلو

محمد هاشم سولنگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پروفيسر محمد هاشم سولنگي (انگريزي:Prof. Mohammad Hashim Solangi) انگريزي ٻولي جو پروفيسر ۽ سنڌي ٻوليءَ جو سنڌيڪار آهي،

زندگي جو احوال

[سنواريو]

پروفيسر محمد هاشم سولنگي جي پيءُ جو نالو ڌڻي بخش سولنگي آهي. هن 2 آگسٽ 1962ع تي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي جي تاريخي ڳوٺ حاجي خان لغاري ۾ جنم ورتو.[1] [2]

تعليم

[سنواريو]

پروفيسر محمد هاشم سولنگي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ جوهي منجهان 1977ع ۾ ڪيائين. انٽر گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان 1979ع ۾ ڪيائين. بي ايس سي باٽني ۾ 1983ع ۽ ايم اي انگريزي ادب ۾ 1987ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين.[1]

عملي زندگي

[سنواريو]

محمد هاشم سولنگي عملي زندگي جي ابتدا استاد طور ڪئي. هيءُ 1988ع ۾ مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ انگريزي جو ليڪچرار مقرر ٿيو. 1990ع ۾ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو ۾ بدلي ٿي آيو. 2009ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ۽ 2014ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي ماڻيائين. هيءُ 2014ع ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪي ايم سي نشتر ڪراچي ۾ بدلي ٿيو جتي فرائض انجام ڏيڻ شروع ڪيائين. هن جو ننڍپڻ کان ادب ڏانهن لاڙو هو. هن انگريزي توڙي سنڌي ادب جو گهرو مطالعو ڪيو. هن ٿعليمي ماهر ۽ ادبي ذوق رکندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شيخ اياز، استاد بخاري، پروين شاڪر، حليم باغي، عزيز ڪنگراڻي ۽ ٻين اهم شاعرن جي سنڌي شاعري جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي.[1] جيڪو ڊگري ڪاليج دادو طرفان نڪرندڙ منڇر مئگزين ۾ شايع ٿيل آهي.[3] هاڻ به انهي علمي ادبي ڪم ۾ مصروف آهي. محمد هاشم سولنگي هن کي 20 گريڊ ۾ ترقي ملي ۽ مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ پرنسپال مقرر ٿيو ۽ پهرين آگسٽ 2022ع تي گورنمينٽ مراد ميمڻ ڳوٺ ڊگري ڪاليج مان ئي پرنسپال جي عهدي تان رٽائر ٿيو آهي.[4]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 "Poets and writers", Aziz Kingrani (انگريزي ٻولي ۾), 17 ڊسمبر 2014, حاصل ڪيل 21 اپريل 2020۔
  2. ڪتاب: Dadu at Glance, Dr. Niaz Abbasi, 2011
  3. منڇرمئگزين،گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو،2011ع
  4. Moderator, The Time News (04 فيبروري 2022), "محمد علي پٺاڻ جون ڪهاڻيون سنڌي سماج جي عڪاسي ڪندڙ آهن: مقرر", The Time News (en-US ٻولي ۾), حاصل ڪيل 06 آگسٽ 2022۔