محمد حيات سنڌي مدني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

محمد حيات سنڌي مدني
معلومات شخصيت
مقام ڄم گهوٽڪي ضلعو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
مقام موت حجاز  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي

ٻارهين صديءَ جو هي سنڌي محدث، جنهن جي علمي فيض کان نه رڳو سنڌ ۽ هند پنهنجي اُڃ لاٿي، پر حجاز، نجد، يمن، مصر،شام، الجزائر ۽اولهه اقصيٰ جا عالم پڻ مستفيد ٿيا محمد حيات سنڌي مدني (Muhammad Hayaat Sindhi Madani) بابت ٿورو گهڻو جيڪو ڪجهه احوال مليو آهي، اهو سڀ عربي ۽ فارسي تذڪرن ۽ فارس ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي.

حسب ۽ نسب[سنواريو]

ھن جو خاص شاگرد ۽ معتقد سيد غلام علي آزاد بلگراميءَپنھنجي ھڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته:

هڪ ڏينهن مان شيخ (يعني استاد) کان سندن اصل ۽ نسب بابت پڇيو، جنهن تي انهن هڪ پني جي ٽڪر تي هن طرح لکي منهنجي حوالي ڪيو: ”ولد الفقير محمد حيات السندي المدني اسمہ ملا ’فلاريتہ‘ من قبيلة چاچر الساکن في اطراف عادلپور والسيد موسيٰ القادري الساکن في کوتہ يعرفہ اهه.“يعني فقير محمد حيات سنڌي مدنيءَ جي پيءُ جو نالو ملا ڦلاريو ذات جو چاچڙ آهي، جيڪو عادلپور جي اطراف جو ويٺل آهي ۽ ڪوته جو سيد موسيٰ قادري کيس سڃاڻي ٿو.

بلگرامي پنهنجي استاد جي اها عبارت لکي اڳتي انهن لفظن جي تشريح هن طرح ڪري رهيو آهي ته فلاريہ ”في“ جي زير سان سنڌي نالو آهي چاچڙ سنڌ جي هڪ قوم آهي ۽ عادلپور بکر پرڳڻي جو هڪ ننڍو شهر آهي ۽ لکي ٿو ته مان جڏهن 1147هه ۾ سنڌ ۾ آيو هوس ته عادلپور به آيو هوس. سيد موسيٰ قادري بکر پرڳڻي جو هڪ بزرگ آهي ”گهوٽه“ ڳوٺ يا قريہ جي معنا لاءِ اچي ٿو.

ڪجھ دانشورن جو خيال آهي ته ڪوته جي تشريح ۾ سيد غلام علي کان غلطي ٿي آهي ته ڪوته ۽ گوڻهه هندي برابر هڪ جهڙا لفظ آهن. اتان شايد بلگرامي صاحب ڪوته کي گوڻهه ڄاڻي قريه معنا ڪئي آهي ته اصل ۾ اهو لفظ گوٽه يعني گهوٽن جو ڳوٺ آهي، جو اڳتي هلي گهوٽڪي جي نالي سان مشهور ٿيو، جتي سيد موسيٰ قادري رح جي قبر پڻ آهي ۽ ان جو خاندان اڃان تائين گهوٽڪيءَ ۾ هليو اچي.

سيد غلام علي اڳتي هلي لکي ٿو ته سندس مامو سيد محمد انهن ڏينهن ۾ سنڌ اندر شاهي خدمت ۽ نوڪري ڪري رهيو هو، ۽ کيس استاد (شيخ حيات محمد سنڌي) حڪم فرمايو ته پنهنجي مامي کي لکي ته هو استاد جي پيءُ جي خبر چار لهي ۽ مامي کي سيد موسا جو به پتو ڏيان ته جيئن مامو ان کان شيخ جي والد جو گهر معلوم ڪري.[1]

اھڙي طرح هن مٿين سرگذشت مان شيخ محمد حيات جي پيءُ جو نالو، قوميت ۽ ڳوٺ جو پتو پئي ٿو.

تعليم لاءِ حرمين شريفين جو سفر[سنواريو]

سيد غلام علي آزاد استاد جي ياد ۾ لکي ٿو:

مولانا شيخ محمد حيات سنڌي، مدني قدس سره رباني عالمن ۽ وڏن محدثن مان هو، علم ۽ عمل جو جامع، ظاهري صورت ۽ باطني سيرت جو مالڪ هو، سنڌ ۾ پيدا ٿيو، ڦوهه جوانيءَ ۾ پنهنجي وطن کان نڪتو ۽ قدمن ۽ پيرن بدران مٿي تي سفر اختيار ڪيائين. حرمين جي برڪتن ۽ سعادتن ماڻڻ لاءِ تيزيءَ سان وک وڌائيندي اچي منزل مقصود تي پهتو. پهريائين حج ڪيائين، جنهن کان پوءِ نبي صلي الله عليہ وسلم جي شهر مديني کي پنهنجو وطن بنائي ويهي رهيو. الله تعاليٰ تي توڪل رکي دنياوي اسبابن کان پاسو ڪري علم پرائڻ ۾ لڳي ويو ۽ علامہ، فهامہ، مفڪر، مولانا شيخ ابوالحسن سنڌي مدنيءَ جي شاگردي اختيار ڪري استاد جي علمي امانتن جو مالڪ بڻجي علم حديث ۾ فائق ٿيو ۽ حديث جي درس ڏيڻ ۾ به يڪتا ثابت ٿيو. کيس خاتمة المحدثين شيخ عبدالله بن سالم البصري کان پڻ علم حديث جي اجازت ملي، ان کان پوءِ حيث محمديءَ جي پڙهائڻ لاءِ سندرو ٻڌي ويٺو ۽ سڄي عمر علم حديث جي خدمت ڪندي گذاريائين. سندس اهو روزانو جو دستور هوندو هو ته صبح جي نمازکان اڳ مسجد ۾ وعظ فرمائيندو هو، جنهن ۾ ان وقت جي ڪيترن سعادتمند ماڻهن جو اجتماع ٿيندو هو، شيخ جي علم مان عرب ۽ عجم جي گهڻي مخلوق نفعو پرايو سندس فيض واري چشمي مان ڪيترا باهمت اڃايل انسان سيراب ٿيا. حرمين شريفين، مصر، شام، روم ۽ هندستان جا ڪيترا رهاڪو وڏي اعتقاد مان شيخ جي خدمت ۾ اچي ان جي فيض ۽ برڪتن کان مالا مال ٿيندا رهيا.[2]

جڏهن ته سيد غلام علي آزاد بلگرامي، محمد حيات سنڌي محدث جو شاگرد آهي، تڏهن سندس تحرير سند جو درجو رکي ٿي. بلگرامي پنهنجي شاگرديءَ جو اعتراف ڪندي لکي ٿو:

”مدينہ منوره ۾ اقامت جي زماني ۾ پنهنجي استاد ۽ سائين، وڏي مرتبي جي مالڪ شيخ محمد حيات سنڌي مدني وٽ صحيح بخاري پڙهيم ۽ کانئس حديث جي ڇهن صحيح ڪتابن ۽ ٻين ڪتابن جي اجازت ورتم ۽ سندس برڪتن واري باغ جي ٽارين مان پڪل ميوا چونڊيم.“[3]

هي جو ڪتاب سلڪ الدرر جي صاحب علامہ مرادي، محمد حيات سنڌيءَ کي ابراهيم سنڌيءَ جو پٽ لکيو آهي ۽ ان جي ٻين پوين عالمن جهڙوڪ فهرس الفهارس جي صاحب ڪتاني فاسي مغربي ۽ ٻين پوئلڳي ڪئي آهي، سا ائين پئي معلوم ٿئي ته اهو نالو پوءِ جو رکيل آهي، ٿي سگهي ٿو ته ”ڦليارو“ يعني گلن ڦلن وارو جي تعريب ابراهيم سان ڪئي وئي هجي، ڇوته ابراهيم عليہ السلام تي باه به باغ ٿي پئي هئي، تڏهن عَلم ابراهيم ۽ گل و گلزار پاڻ ۾ لازم و ملزوم چئبا.

بلگرامي جي تحرير مان ظاھر نہ ٿو ٿئي تہ ھن سنڌ جي محدث سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي ھئي يا نہ. اھڙي تصديق لاء ٻہ سندون ملن ٿيون. هڪ ته محمد حيات سنڌيءَ جا اهي بعض رسالا، جيڪي مخدوم محمد معين جي رد ۾ لکيا اٿس، جن ۾ هو مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي بيحد عزت ۽ احترام ڪري ٿو ۽ کيس پنهنجو استاد ۽ شيخ سڏي ٿو، ليڪن ڪن علمي مسئلن ۾ ان سان اختلاف رکندي ان جي بعض تاليفات تي رد به لکي ٿو . ٻي ثابتي آهي ٻارهينءَ صديءَ جي عالمن جو تذڪرو، جنهن ۾ علامہ مرادي سلڪ الدرر جي نالي سان چئن جلدن ۾ ڪتاب تيار ڪيو، جيڪو ايترو ته مستند ۽ مقبول ليکيو وڃي ٿو جو پوين تذڪره نگارن لاءِ سند جو درجو رکي ٿو. علامہ مرادي هن طرح رقمطراز آهي:

”محمد حياث پٽ ابراهيم اصل ۽ پيدائش ڪري سنڌي ۽ سڪونت ڪري مدني، حنفي مذهب، علامه، محدث، فهامہ، سيد الانس والجن نبي صلي الله عليہ وسلم جي شهر مدينہ ۾ حديث ۽ سنت جو علمبردار، سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. شروع ۾ اتي ئي پڙهڻ لاءِ ويٺو. پوءِ اتان سنڌ جي مرڪزي شهر ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو، جتي محمد معين ابن محمد امين وٽ پڙهندو رهيو، اتان هجرت ڪري حرمين شريفين پهتو. مدينه منوره کي پنهنجو وطن بنايائين. شيخ ابوالحسن بن عبدالهادي سنڌيءَ جي درس ۽ صحبت کي پاڻ لاءِ لازم قرار ڏنائين. کيس شيخ عبدالله بن سالم بصري، شيخ محمد ابو طاهر بن ابراهيم ڪوراني ۽ ابوالاسرار حسن بن علي عجمي کان پڻ اجازت ملي.[4]


هن عبارت مان اسان کي محمد حيات سنڌيءَ جي سنڌ ۾ تعليم پرائڻ بابت ٻه ڳالهيون معلوم ٿيون: 1- پنهنجي ڳوٺ ۾ ابتدائي ڪتاب پڙهائين. باقي ڪنهن وٽ پڙهيو ان وقت عادلپور ۽ گهوٽڪيءَ ۾ ڪهڙو مدرسو هو، جتي هن محدث ابتدائي تعليم پرائي، سا ڳالهه اڃا تحقيق طلب آهي. 2- ٻي ڳالهه واضح طور معلوم ٿي ته ٺٽي ۾ پنهنجي وقت جي وڏي محقق، متڪلم، فلسفي، اديب ۽ صوفي مخدوم محمد معين وٽ محمد حيات سنڌي پنهنجي علمي عمارت جي پيڙهه پڪي ڪئي.

علامہ مرادي، سنڌ جي هن محدث جو ڪريڪٽر هن طرح بيان ڪري رهيو آهي: ”هو هڪ پرهيزگار انسان هو. درس، تدريس کان سواءِ ٻين وقتن ۾ ماڻهن کان الڳ رهندو هو، سندس اهو دستور هوندو هو جو مسجد نبويءَ ۾ جماعت سان پهرئين صف ۾ نماز ادا ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو هئائين.“

علامہ عبدالحي ڪتاني فاسي به محمد حيات کي محدث الحجاز، شيخ، حافظ جهڙن لقبن سان ياد ڪري ٿو. ڪتاني جي ڪلام مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته علامه ابوالحسن سنڌي جي وفات کان پوءِ، ان جي مسند تي محمد حيات سنڌي برابر 24 سال درس ڏيندو رهيو.[5]

تصنيف ۽ تاليفات[سنواريو]

شيخ محمد حيات جي استاد ابوالحسن ڪبير سنڌيءَ بابت ته سڀني عالمن جي اها متفقہ راءِ آهي ته جيئن هو لاجواب استاد ۽ مدرس هو، جنهن مان ھزارين فيضياب ٿيا.، اهڙيءَ طرح هو تصنيف، تاليف ۾ به بي نظير هو، ان لاءِ سندس ڪتاب شهادت لاءِ ڪافي آهي. الله پاڪ طرفان هن جي تحرير ۾ اهو ته زور ۽ قوت سمايل آهي، جو مختصر عبارت ۾ به باريڪ نڪتا بيان ڪندو آهي، جي اسان کي ٻين ڪتابن ۾ نٿا ملن. اها هڪ ڏات آهي جا سڀ ڪنهن کي حاصل نه آهي. محمد حيات سنڌي به پنهنجي پويان تصنيفي سرمايو يادگار ڇڏي ويو. درس و تدريس جي بيحد مشغولي هوندي به ڪي ڪتاب لکي ويو آهي. تذڪرن، فهارس ۽ معاجم ۾ هيٺين ڪتابن جا نالا سندس تاليف ۾ اچن ٿا:

1-شرح علي الترغيب والترهيب للمنذري 2 جلد 2- شرح علي الاربعين النودية 3- مختصر الزواجر 4- شرح الاربعين حديثا من جميع الملا علي القاري 5- الايقاف علي سبب الاختلاف 6- تحفة الانام في العمل بحديث النبي عليہ الصلواة والسلام 7- ارشاد النقاد اليٰ تيسير الاجتهاد 8- شرح الحڪم العطائية 9- شرح حڪم الهدادية

سلڪ الدرر مرادي ج4. فهرس الفهارس ڪتاني ص264، معجم المؤلفين عمر رضا ڪحالہ ج9 ص275، ايضاح المکنون ج1 ص413، هداية العارفين ج2 ص322، فهرس الخزانة التيمورية ج3 ص134[6]

رسالہ رد توابيت[سنواريو]

احقر راقم جي ذاتي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.
1- فتح الغفور رسالہ النهي عن عشق المرءِ والنسوان
2. ٻيا رسائل.
هنن ڪتابن مان شرح الاحاديث الاربعين النودية هن ناقص جي نظر مان گذريو، جڏهن آئون تازو حج جي موقعي تي مدينہ منوره زادها الله شرفا و تعظيما جي زيارت لاءِ اتي ويل هئس.[7]

مدينہ منوره ۾ مڪتبہ شيخ الاسلام عارف حڪمت هڪ وڏو ڪتب خانو آهي، جنهن ۾ خطي ڪتابن جو ڪافي ذخيرو موجود آهي. جتي شيخ ابوالحسن ڪبير سنڌي، شيخ ابوالطيب سنڌي، ابوالحسن صغير سنڌي، شيخ رحمت الله سنڌي جي تصنيفات پن موجود آهن. محمد حيات سنڌي جي ڪتابن مان مٿيون ڪتاب شرح اربعين پڻ اتي پيل آھي، جو خط نسخ ۾ لکيل آهي. هر صفحي جون سٽون 19 اٿس. اوراق 32، سنهري چٽسالي سان سينگاريل، سن ڪتابت 1144هه ڪاتب جو نالو نامعلوم.

انهيءَ ڪتابت واري سن مان اهو پتو پوي ٿو ته ليکڪ اهو ابتدائي دور ۾ ڪتاب لکيو آهي، ڇو ته ليکڪ جي وفات جو سال 1163هه آهي.

مسلڪ[سنواريو]

عربي ۽ فارسيءَ جا جمله سوانح نگار شيخ محمد حيات سنڌي کي حنفي مذهب، مسلڪ جو لکي ويا آھن. عام طرح گهڻن حنفي مذهب جي محقق عالمن جو اهوئي دستور رهيو آهي. علامہ ڪمال الدين ابن همام فتح القدير جو صاحب حنفي مذهب جو هڪ وڏو محقق عالم ٿي گذريو آهي، سندس دستور به اهو رهيو ته پنهنجي تحقيق ۽ غور، خوض کي به ان هٿان نه ڇڏيو. ابوالحسن صغير جي سوانح ۾ اچي ٿو ته هو پنهنجي استاد محمد حيات وانگر مصنف ۽ محقق حنفي هو. محمد عابد سنڌي، جنهن کي نواب حسن پويالي ”ابجد العلوم“ ۾ متعصب سڏيو آهي، سو خود پنهنجي نادر روزگار تاليف ”المواهب اللطيفة شرح مسند الامام ابي حنيفة“ ۾ قرائة الفاتحة جهڙي وڏي اختلافي مسئلي ۾ نرم ٿي ويو آهي. محمد حيات سنڌي جو اهو مسلڪ آهي تقليد جي باري ۾. باقي بدعت ۽ شرڪ جي رد ۽ نبي صلي الله عليہ وسلم جي سنت جي جيارڻ ۾ ڏاڍو سرگرم رهندو هو، جتي ڪو معمولي شرڪ جو شائبو ڏسندو هو، اتي ان کي ناجائز سڏيندو هو. جيئن سيد غلام علي آزاد بلگرامي لکي ٿو:

”جڏهن مان مدينہ منوره کان مڪي معظمه پهتس ته شيخ محمد حيات تغمده الله بغفرانہ مون ڏانهن هڪ خط لکيو ۽ منهنجي نالي جي شروع مان ”غلام“ جو لفظ ڪاٽي ڇڏيو ۽ هي جو حديث شريف ۾ اچي ٿو ته الله تعاليٰ کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڏانهن بندگيءَ جي نسبت نه ڪريو. ان حديث تي عمل ڪندي ”السيد علي“ لکيائين. مان واضح دليل ڏسي ماٺ ٿي ويس ۽ ان نقصان جي تلافي ۾ حيران رهيس. نيٺ جواب هٿ اچي ويو ۽ هن بابت صحيح بخاريءَ جي اها حديث پنهنجي نالي جي جواز لاءِ پيش ڪيم، جنهن ۾ اچي ٿو ته اوهان مان ڪوبه ”عبدي يا امتي“ جو لفظ استعمال نه ڪري، باقي فتاي، فتاني ۽ غلامي جو لفظ ڳالهائي. اهڙي طرح صحيح مسلم ۾ به هڪ حديث آئي آهي. اهي ٻئي حديثون پنهنجي استاد (محمد حيات سنڌي) ڏانهن لکي موڪليم ۽ کيس اهو به لکيم ته ”غلام“ لفظ جي اصل ۾ معنيٰ آهي ڇوڪرو، جيستائين وڃي وڏو ٿئي. ابن فارض جي هڪ شعر ۾ انهيءَ معنيٰ لاءِ استعمال ٿيو آهي ۽ جي منهنجي نالي ۾ غلام کان ولد مراد ورتو وڃي تڏهن به علي ڏانهن اها معنيٰ صحيح نڪري ٿي، ڇوته مان سيد گهراڻي جو فرد آهيان ۽ جي نالي رکندڙ ان مان ”عبد“ جي معنيٰ به ورتي هجي ته هاڻي ڳالهائيندڙ کي کپي ته اها معنيٰ نه وٺي، پر ولد واري معنيٰ وٺي، سڀ ڪنهن کي نيت جو ڦل ملندو.“ بلگرامي وڌيڪ لکي ٿو: ”منهنجو استاد (محمد حيات سنڌي) انهيءَ جواب تي خوش ٿيو ۽ (تائيد ۾) فرمائڻ لڳو، يا بشريٰ هذا غلام (هن آيت ۾ غلام ولد جي معنيٰ ۾ ڪتب آندل آهي) ۽ منهنجو نالو لکيائون “

تلامذه[سنواريو]

محمد حيات سنڌي جو فيض ايڏو ته عام هو جو ڪنهن به اسلامي ملڪ جو ڪو اهڙو محدث ورلي ملندو، جنهن جي سند جو سلسلو هن سنڌي محدث تي نه پهچندو هجي. هتي رڳو سندس وڏن شاگردن جا نالا لکيل آھن:

(1) ابوالحسن صغير سنڌي
(2) علامہ محمد قائم سنڌي
(3) سيد محمد فاخرالہ آبادي
(4) شيخ احمد بن عبدالرحمٰن سنڌي
(5) سيد غلام علي آزاد بلگرامي
(6) شيخ محمد سعيد صفر
(7) شيخ عبدالقادر خليل ڪرڪ
(8) سيد عبدالقادر بن احمد بن عبدالقادر
(9) شيخ عبدالڪريم بن عبدالرحيم الداغستاني
(10) شيخ علي بن صادق الداغستاني
(11) سيد علي بن ابراهيم بن جمعة العبسي
(12) شيخ عبدالڪريم بن احمد الشراباتي
(13) شيخ علي بن عبدالرحمٰن استنبولي
(14) شيخ علي بن محمد الزهري
(15) مفتي محمد بن عبدالله الخليفتي المدني
(16) شيخ عليم الله بن عبدالرشيد لاهوري (مدفون دمشق)
(17) شيخ خير الدين بن محمد زاهد السورتي
(18) محمد بن عبدالوهاب نجدي.[8]

لاڏاڻو[سنواريو]

سنڌ جو هي محدث پنهنجي عمر جو سمورو سرمايو مديني منوره ۾ حديث جي خدمت ۾ صرف ڪندي اربع ڏينهن تاريخ 26 صفر 1163هه ۾ دارفاني کان رحلت فرمائي مديني منوره جي جنت البقيع ۾ وڃي آرامي ٿيو.

سندس شاگرد رشيد غلام علي آزاد بلگرامي ”رحلة شيخي“ مان اها تاريخ وفات ڪڍي آهي ۽ ”رحلة“ لفظ جي ”ت“ کي ”هه“ قرار ڏئي ان جا 5 عدد ورتا ويا آهن. ان لاءِ سيد صاحب پنهنجي استاد عبدالجليل بلگرامي جي هڪ رسالي جي عبارت سند طور ڪم آندي آهي ته تانيث واري ”ت“ جيڪا ”هه“ جي شڪل ۾ لکي ويندي آهي، تنهن کان صورتخطي جو خيال رکي 5 (پنج) وٺندا آهن، 400 نه وٺندا آهن.[9]

اسان کي اهو ئي سن وفات صحيح نظر اچي ٿو. فهرس الخزانة التيمورية وارو سلڪ الدرر جي حوالي سان هن سنڌي محدث جي وفات جو سن1163هه لکندي وڌيڪ لکي ٿو ته مجموعة التاجي ۾ سن وفات 160هه ڄاڻايل آهي.[10][11][12]

حوالا[سنواريو]

  1. {سبحة المرجان ص55}
  2. سبحة المرجان في آثار هندستان ص56
  3. {سبحة المرجان ص120}
  4. {سلڪ الدرر ج 4}
  5. فهرس الفهارس والاثبات ص264
  6. Brockelmann Supplement
  7. ادبي بورڊ جي لائبريري ۽ پڻ ڪتب خاني پير جهنڊي ۾ موجود آهي
  8. نزهة الخواطر ج6 ص340
  9. {سبحة المرجان ص90}
  10. {مجموعة التاجي رقم 628 تاريخ ص130}
  11. {فهرس الخزانة التيمورية ج3 ص144}
  12. {مقالات قاسمي، ليکڪ؛ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي}