مواد ڏانھن هلو

مخدوم ابوالحسن ٺٽوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مخدوم ابوالحسن ٺٽوي (انگريزي: Makhdoom Abul Hassan Thatvi) سنڌ جي ڪلهوڙن جي دور جو جيد عالم، معلم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پهرين لِپي جوڙيندڙ ٻوليءَ جو ماهر هو. سندس 1699ع يا 1700ع ڌاري لکيل ڪتاب مقدمة الصلواة مشهور آهي.[1] ابوالحسن ٺٽوي (1661ع–1711ع) سنڌ جو نامور شاعر، عالم ۽ لساني مصلح هو، جنهن سنڌي ادب ۽ لکت جي تاريخ ۾ بنيادي حيثيت حاصل ڪئي. هو ٺٽي سان لاڳاپيل هو، جيڪو اُن زماني ۾ علم، ادب ۽ تصوف جو وڏو مرڪز هو[2].


زندگي جو احوال

[سنواريو]

ميان ابوالحسن ٺٽي جي آخوندن مان هو، پر هن وڏي سڄاڻ استاد جي سوانح بابت تفصيلي حوالا موجود نه آهن. البت پنهنجي ڪتاب (مقدمة الصلواة) جي آخر ۾ هن پنهنجو سڄو نالو ’ابوالحسن‘ توڙي عام ننڍو نالو ’ابول‘ يعني ’ابل‘ ۽ پنهنجي والد جو نالو عبدالعزيز لکيو آهي. سندس ڀاڻيجو ميان عبدالله ’واعظ‘ عرف ميان موريو، 1100ھ/1688ع واري عرصي ۾ زندهه هو. مخدوم محمود قائم، جنهن غالباً ميان ابوالحسن کان مڪتبي تعليم ورتي، تنهن سال 1157ھ/1744ع ۾ وفات ڪئي. ان مان گمان نڪري ٿو ته ميان ابوالحسن 1080–1100ھ/1669–1688ع واري عرصي ۾ حال حيات هيو. تحفة الڪرام ۾ ڄاڻايل آهي ته ميان ابوالحسن پيريءَ ۾ ڏنگڙي پُٺي ڪري هلندو هو، جنهن جي معنيٰ ته وڏيءَ عمر جو هو. انهن اهڃاڻن جي مدنظر ميان ابوالحسن اندازاً 1010ھ/1601ع ڌاري ڄائو، ۽ جيڪڏهن وفات وقت سندس عمر پنجاسي سال کن هئي ته پوءِ هن سال 1105ھ/1693ع ڌاري وفات ڪئي. انهن يا مٿين اهڃاڻن مطابق ميان ابوالحسن 11هين صدي هجريءَ جي پوئين اڌ واري عرصي جو وڏو عالم ۽ استاد هو.


تعليمي حيثيت ۽ سنڌي ذريعي تعليم جي تحريڪ

[سنواريو]

ان وقت هو ٺٽي ۾ سنڌيءَ ذريعي بنيادي تعليمي تحريڪ جو اڳواڻ هو، جنهن جي شروعات کانئس اڳ ٿي چڪي هئي. ان سلسلي ۾ هن نماز جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ هڪ خاص ڪتاب ’مقدمة الصلواة‘ لکيو. اڳ هن موضوع تي عربيءَ يا فارسيءَ ۾ ڪتاب پڙهايا ويندا هئا. 1041ھ/1631ع ۾ فتح محمد نالي هڪ برک سنڌي عالم—جيڪو پاڻ هندوستان جي شهر برهانپور جو رهاڪو هو، پر جنهن جا وڏا سنڌ جي شهر پاٽ (موجوده ضلعي دادو) جا هئا—تنهن فارسيءَ ۾ ’مفتاح الصلواة‘ (نماز جي ڪنجي) نالي ڪتاب لکيو، جيڪو مشهور ٿيو ۽ مڪتبن ۽ مدرسن ۾ پڙهايو ويو. غالباً ان کان پوءِ ميان ابوالحسن ’مقدمة الصلواة سنڌي‘ (نماز جو مهاڳ سنڌي) جي نالي سان پنهنجو ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيو[3].

’مقدمة الصلواة سنڌي‘ جي تصنيف ۽ مقصد

[سنواريو]

ابوالحسن ٺٽوي سنه 1700ع ۾ مقدّمه الصلوٰة تصنيف ڪئي، جيڪا مسلمانن لاءِ نماز ۽ وضو بابت هدايتن تي مشتمل هڪ اهم ديني ڪتاب آهي. هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ اسلامي تعليمات کي منظم نموني سان پيش ڪرڻ جي شروعاتي ڪوششن مان شمار ٿئي ٿو[4]. جيڪڏهن ميان ابوالحسن وڏيءَ عمر ۾ 1105ھ/1693ع ۾ وفات ڪئي، ته پوءِ هيءُ ڪتاب پنجويهه سال کن اڳ، سنه 1080ھ/1669ع ڌاري لکيو هوندائين. ان جي لکجڻ سان سنڌيءَ ذريعي تعليم ڏيڻ واري تحريڪ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو، ڇاڪاڻ⁠ته هن سڄاڻ عالم اهو ڪتاب خاص طرح شاگردن جي تعليمي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ هڪ درسي ۽ نصابي ڪتاب طور لکيو هو[3].>. هن ڪتاب جي خاتمي تي مصنف پنهنجي ڪتاب لکڻ جو مقصد هن ريت ڄاڻايو آهي:

  • هن نماز جا مسئلا عربيءَ يا فارسيءَ بدران سنڌي ٻوليءَ ۾ ساري لکيا آهن؛
  • انهيءَ لاءِ ته سڀ ان ڪتاب کي چاهه ۽ توفيق سان پڙهن ۽ ٻين کي پڙهائين؛
  • هن هيءُ ڪتاب خاص طرح شاگردن جي تقاضا تي لکيو آهي؛
  • ان جو نالو ’مقدمة الصلواة سنڌي‘ (نماز جو مهاڳ سنڌي) رکيو آهي[3].

ڪتاب جي اصل نالي ’مقدمة الصلواة سنڌي‘ جي معنيٰ اها آهي ته هيءُ ’مقدمة الصلواة‘ يعني ’نماز جو مهاڳ‘ آهي، پر اهو سنڌيءَ ۾ آهي، يعني عربيءَ يا فارسيءَ بدران هي سنڌي ’مقدمة الصلواة‘ آهي. تڏهن کان وٺي هن ڪتاب کي ’مقدمة الصلواة سنڌي‘ جي بدران ’ابوالحسن جي سنڌي‘ سڏيو ويو. مصنف جي نالي سان گڏ ڪتاب جو اهو عام سولو نالو ان دور جي انهيءَ چاهه ۽ ذوق جو نتيجو هو ته علمي ۽ تعليمي سلسلي ۾ جيڪي ڪجهه هجي، سو سولي سنڌيءَ ۾ ئي هجي. سنڌيءَ ۾ هن درسي ڪتاب جي تصنيف ڪرڻ بعد سڀ کان اول مخدوم ابوالحسن پاڻ پنهنجي درسگاهه ۾ هن ڪتاب کي پڙهائڻ شروع ڪيو. ان وقت کان وٺي هيءُ درسي ڪتاب ايترو ته مقبول ٿيو، جو نه فقط وڏن عالمن ۽ استادن جي وچ ۾ ان جي موضوع ۽ مضمون بابت تحقيقي بحث مباحثو ٿيو، پر سنڌ جي مڪتبن ۽ مدرسن ۾ ايندڙ اڍائي سؤ سالن تائين، يعني اندازاً 1090ھ/1680ع کان وٺي 1350ھ/1916ع تائين، وڏي چاهه سان درسي ڪتاب طور پڙهايو ۽ پڙهايو ويندو رهيو. سال 1920ع ۾ هن ڪتاب جو جيڪو ڇاپو حيدرآباد مان شايع ٿيو، تنهن جي ديباچي مان ظاهر آهي ته ان وقت جي تعليمي نصاب ۾ پڻ هيءُ هڪ درسي ڪتاب طور پڙهايو ويندو هو[3].

ابوالحسن جو سنڌيءَ ۾ لکيل مقدمة الصلواة، نماز جو مهاڳ، درسي ڪتاب طور ايڏي وڏي اهميت وارو ثابت ٿيو، جو بقول مخدوم محمد هاشم جي “نماز جي مسئلن بابت اهو دستورالعمل بنجي چڪو هو”. انهيءَ عام مقبوليت جي مدنظر ان دور جي وڏن عالمن مخدوم محمد هاشم ۽ مخدوم محمد قائم ان ڪتاب تي علمي بحث شروع ڪيو، جنهن جي ذريعي هن درسي ڪتاب جي صحت ۽ اهميت جي وڌيڪ تصديق ٿي. اهو متفقه طور تي درسگاهن ۾ پڙهايو ويو ۽ مادري زبان سنڌيءَ ذريعي بنيادي تعليم ڏيڻ واري تحريڪ مضبوط ٿي[3].

هن ڪتاب جا ڇاپا گهڻائي ڀيرا شايع ٿيا آهن، جن مان بمبئيءَ مان ڇپيل ٻه ڇاپا سڀ کان آڳاٽا سمجهيا وڃن ٿا. پهريون ڇاپو 1869ع ۾ قاضي ابراهيم بن قاضي نورمحمد طرفان حيدري پريس، بمبئيءَ مان ڇپيو، جنهن جي قيمت 7 آنا مقرر ڪئي وئي هئي. ان کان پوءِ ٻيو ڇاپو 1887ع ۾ صفدري پريس، بمبئيءَ مان شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 6 آنا ڄاڻايل آهي. انهن کان علاوه، هيءُ ڪتاب سنڌ جي تعليم کاتي طرفان پڻ 1871ع ۾ تعليم کاتي جي پريس، ڪراچيءَ مان ڇپرايو ويو، جنهن جي قيمت 8 آنا مقرر ڪئي وئي هئي هيءُ ڪتاب سنڌ جي تعليم کاتي طرفان پڻ تعليم کاتي جي پريس، ڪراچيءَ مان 1871ع ۾ ڇپايو ويو، جنهن جي قيمت 8 آنا ڄاڻايل آهي[3]. سنڌي رسم الخط بابت منسوب دعوى ۽ تنقيدي نڪتو مرحوم محمد صديق ميمڻ پنهنجي تصنيف ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾ هن عالم کي عربي الف-ب ۾ فارسيءَ جا چار اکر ملائي ’سنڌي الف-ب‘ ٺاهڻ جو موجد قرار ڏنو، جنهن کي ٻين سڀني اديبن ۽ عالمن جيئن جو تيئن قبول ڪيو، ۽ مزيد ائين به لکيائون ته ان کان اڳ سنڌي ٻولي ديوناگري لپيءَ ۾ لکي ويندي هئي</ref name=":0">. غور طلب نُڪتو هيءُ آهي ته ’مقدمة الصلواة‘ جي تصنيف جو سال 1112ھ/1700ع آهي، جڏهن⁠ته ان کان اڳ ميين شاهه عنايت، شاهه لطف الله قادريءَ، ۽ ميين شاهه ڪريم جا ڪلام عربي–سنڌي رسم الخط ۾ ئي لکيا ويا هئا. خاص ڪري انهيءَ حالت ۾ جڏهن 1030–1060ھ/1620–1650ع ۾ ’الف-ب‘ ۾ تحرير ٿيل منظومين جو وڏو ذخيرو موجود هو، ۽ اهي به سؤ کن سال اڳ تحرير ٿيل منظومين جو اُتارو هئا. البت ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ الف–ب جي ترتيب ٻين عالمن کان ڪجهه وڌيڪ بهتر هئي.[3].

شاعري ۽ فني اسلوب

[سنواريو]

ابوالحسن ٺٽوي شاعريءَ ۾ هندي ڪويتا (Kavitta) واري صنف اختيار ڪئي، جيڪا اُن دور ۾ هندستاني ادبي فضا ۾ مقبول هئي. هن سنڌي ٻوليءَ کي اُن فني قالب ۾ آڻي، مقامي اظهار کي نئين ادبي صورت ڏني[5].

لساني جدت ۽ رسم الخط

[سنواريو]

ابوالحسن ٺٽوي جو سڀ کان اهم ڪارنامو سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي-بنياد رسم الخط متعارف ڪرائڻ آهي. ان کان اڳ سنڌي گهڻو ڪري ديو ناگري رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي. هن پهريون ڀيرو عربي الفابيٽ جا 28 اکر سنڌي لکڻ لاءِ استعمال ڪيا، جنهن سان اسلامي علمي ۽ ادبي ضرورتن کي وڌيڪ مناسب صورت ملي. بعد ۾، هن نظام ۾ فارسي الفابيٽ مان ٽن اکرن (پ، چ، گ) کي شامل ڪيو ويو، ۽ عربي–فارسي اکرن تي اضافي نقطا لڳائي اهڙا نوان اکر ٺاهيا ويا، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي خاص آوازَن (جهڙوڪ ڏ، ٽ، ڙ، ڱ وغيره) جي نمائندگي ڪري سگهن. هي ارتقا بعد ۾ جاري رهي، ۽ برطانوي دور ۾ سنڌي رسم الخط مڪمل معياري صورت اختيار ڪندي لڳ ڀڳ 52 اکرن تي مشتمل ٿيو، جيڪو اڄ جديد سنڌي لکت جو بنياد آهي[6]. ابوالحسن ٺٽوي جو مرتب ڪيل رسم الخط سنڌي ٻوليءَ جي بقا، واڌ ۽ علمي حيثيت لاءِ فيصلائتو ثابت ٿيو. هن جو ڪم نه رڳو اسلامي ديني ادب کي سنڌي ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ اهم هو، پر ان جديد سنڌي آرتھوگرافي (orthography) جو به بنياد وڌو، جنهن کي بعد ۾ سرڪاري ۽ علمي سطح تي قبول ڪيو ويو. ابوالحسن ٺٽوي کي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ لساني مصلح، شاعر ۽ ديني عالم طور ياد ڪيو وڃي ٿو. سندس ڪوششن سنڌي ٻوليءَ کي اسلامي، ادبي ۽ علمي دنيا سان مضبوط نموني ڳنڍيو، ۽ اهڙي رسم الخط جي بنياد وڌي، جيڪو صدين کان پوءِ به سنڌي سڃاڻپ جو اهم نشان بڻيل آهي.

وفات

[سنواريو]

مخدوم ابوالحسن وڏيءَ عمر ۾ 1105ھ/1693ع ۾ وفات ڪري ويو.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (سنڌي ادبي بورڊ)", www.sindhiadabiboard.org, حاصل ڪيل 07 سيپٽمبر 2020۔
  2. A DICTIONARY OF SINDHI : Jt. LITERATURE MOTILAL JOTWANIFirst Edition : 13 January, 1996 New Delhi, page:4
  3. 1 2 3 4 5 6 7 8 ابوالحسن ٺٽوي مخدوم : (Sindhianaسنڌيانا)
  4. A DICTIONARY OF SINDHI : Jt. LITERATURE MOTILAL JOTWANIFirst Edition : 13 January, 1996 New Delhi, page:4
  5. A DICTIONARY OF SINDHI : Jt. LITERATURE MOTILAL JOTWANIFirst Edition : 13 January, 1996 New Delhi, page:5
  6. A DICTIONARY OF SINDHI : Jt. LITERATURE MOTILAL JOTWANIFirst Edition : 13 January, 1996 New Delhi, page:5