مواد ڏانھن هلو

غزوه خندق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

Battle of the Trench
سلسلو جنگ خندق
مديني جي اسلامي رياست-مڪي جي مشرڪن وچ جنگيون

خندق جي جنگ جو نقشو
تاريخ31 مارچ کان 14 اپريل، 627ع [1]
مقامSurrounding perimeter of Medina
24°29′N 39°35′E / 24.483°N 39.583°E / 24.483; 39.583
نتيجو
  • احزاب ناڪام ٿي موٽي ويا[2][3][4][5]
  • مسلمان يهودين جي غدار قبيلي تي حملو ڪيا ۽ سڀني کي قتل ڪري ڇڏيا.
علائقائي
تبديليون
مديني جي چوڌاري
شريڪ جنگ

مسلمان بشمول؛

  • خزرج ۽ اوس جا انصار
  • مختلف نسلن جا مهاجر جن ۾ قريش ۽ بنو قيس جي مهاجرن جا اهم حصا شامل هئا.

احزاب، اتحادي لشڪر بشمول؛

  • مڪي جي قريش قبيلي جا مشرڪ
  • بنو قريظه ۽ بنو نضير جا يهودي قبيلا
  • ٻيا عرب قبيلا جهڙوڪ بنو مره، خيبر، حئي بن عوف مري، بنو غطفان، بني اسد، بنو شجاع ۽ وڌيڪ (ڏسو: احزاب)
سپهہ سالار ۽ رهنما
محمد صلي الله عليه وسلم
حضرت علي ابن ابي طالب رضي الله تعالي عنه
حضرت سلمان فارسي رضي الله تعالي عنه
حضرت عباده بن صامت رضي الله تعالي عنه[6]
حضرت سعد بن معاذ رضي الله تعالي عنه 
ابو سفيان ابن حرب
عمرو ابن عبدود
طليحه اسدي 
طاقت
3,000[7] 10,000
نقصان
5[8] – 6[9][10] 3[9][10]
غزوه خندق is located in Saudi Arabia
غزوه خندق
Location within Saudi Arabia
مديني شريف ۾ خندق جي جنگ جو ماڳ

غزوه خندق يا خندق جي جنگ (عربي: غزوة الخندق)، جنهن کي اتحادي گروهن جي جنگ (عربي: غزوة الاحزاب) جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، مسلمانن ۽ قريش جي وچ ۾ لڙائي جو حصو هئي، جتي هن ڀيري قريش جارحيت اختيار ڪئي ۽ بني غطفان سان گڏ 10,000 جي لشڪر سان اڳتي وڌيا ۽ مديني شريف جو محاصرو ڪيو. مسلمانن، جن مديني ۾ پنهنجو بچاءُ ڪيو ۽ پنهنجي بستيءَ جي چوڌاري، حضرت سلمان فارسيءَ رضي الله تعالي عنه جي تجويز تي خندق کوٽيا.[11] اها جنگ، جيڪا 627ع ۾ ٿي ۽ اٽڪل ٻه هفتا هلي.[10]

احد جي جنگ ۾ شڪست جي باوجود پيغمبر اسلام ﷺ جن کي طاقت ۽ شهرت ۽ اسلام جي پکڙجڻ کي جاري رکندي ڏسي قريش تنگ ٿي پنهنجي شهر مديني تي قبضو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهو محسوس ڪندي ته انهن وٽ فوجي صلاحيت گهٽ هئي، ڇاڪاڻ ته هن صرف واپاري هئا، انهن بدوين (بنو غطفان) سان زور ڀريو ته جيئن انهن کي مهم ۾ شامل ڪيو وڃي. بنو نضير، جن کي محمد ﷺ پهريان مديني مان نيڪالي ڏني هئي، اهي به انهيءَ ڪوشش جو حصو هئا، ايتري قدر جو انهن بدوين کي پنهنجو اڌ فصل خيبر ۾ پيش ڪيو ته جيئن کين حصو وٺڻ لاءِ قائل ڪيو وڃي. آخر ۾، هنن مبينا طور تي 10,000 مردن (جيمز واٽ جي اندازي مطابق 7,500 کان به گهٽ) جي اتحادي فوج گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جن ۾ بنو غطفان، بنو سليم ۽ بنو اسد شامل هئا.

ٻئي طرف جڏهن محمد صلي الله عليه وسلم کي قريش جي اڳڀرائي جي خبر پئجي، حضرت سلمان فارسي، انهن جي حرڪت کي روڪڻ لاء سندس پوئلڳن کي هڪ اونهي خندق ٺاهن جي صلاح ڏني. بنو قريظه جو يهودي قبيلو خندق کوٽڻ ۽ اوزارن کي قرض ڏئي مسلمانن جي ان ڪوشش ۾ مدد ڪئي، پر پوء قريش ۽ بنو نضير جي يهودي سردارن جي اڪسائڻ تي غداري ڪيا. قريش جڏهن ويجهو پهتا ته اهي ان حڪمت عمليءَ کان ناواقف هئا ۽ خندق کان اڳتي وڌڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳا. جيئن ئي گهيرو وڌندو ويو، نبي صلي الله عليه وسلم بنو غطفان سان ڳجهي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ وقت استعمال ڪيا ۽ پنهنجي مخالفن ۾ بي اعتمادي پيدا ڪيا. اٽڪل ٻن هفتن کان پوء، موسم خراب ٿي ويو ۽ حملي ڪندڙ پارٽي واپس ورتو. جنگ سبب مڪي وارن کي شام ڏانهن واپار ۽ سندن عزت جو گهڻو نقصان ٿيو. جڏهن ته مسلمانن جو رعب سڃي عرب تي پيو. احزاب جي موٽڻ کان پوءِ مٿس جبرائيل آيا، جنهن کيس بنو قريظه تي حملو ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مسلمانن طرفان ان جي آبادي کي قتل ۽ غلام بڻائي ڇڏيو.

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Watt 1956, p. 35–36.
  2. Brockopp 2010, p. 9.
  3. Lapidus 2012, p. 42.
  4. Buhl & Welch 1993, p. 370.
  5. Watt 1961, pp. 167–174.
  6. Gil, Moshe (1997-02-27). Ibn Sa'd, 1(1), 147 VII(2), 113f, Baladhuri, Tarikh Tabari, 1 2960, Muqaddasi, Muthir, 25f; Ibn Hisham, 311. Cambridge University press. ص. 119. ISBN 0521599849. 26 January 2020 تي حاصل ڪيل.
  7. Rodinson 2002, p. 208.
  8. Hazleton 2014, p. 259.
  9. 1 2 Rodgers 2012, p. 148.
  10. 1 2 3 Watt 1961, p. 169.
  11. Watt 1961, p. 168.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]