مواد ڏانھن هلو

لينسڊائون پل (سکر)

بيھڪ: 27°41′37″N 68°53′18″E / 27.69361°N 68.88833°E / 27.69361; 68.88833
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لئنسڊائون پل

پل جو منظر
کڻي ھلندڙ گاڏيون
پار ڪري ٿي سنڌوندي
وصفون
ڊزائين ڪينٽيليور ٽروس
منڍ کان آخر تائين ڊيگھ 790 فٽ
تاريخ
اڏاوتي تڪميل 1889
Lansdowne Bridge Rohri, Sindh

لينسڊائون پل (Lansdowne Bridge) پاڪستان ۾ هڪ پراڻي ريلوي پل آهي، جيڪا سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ سنڌو درياهه تي واقع آهي. هيءَ پل 25 مارچ 1889ع تي جڙي راس ٿي. 6 مئي 1962ع ۾ ايوب پل جي اڏاوت کان پوءِ هن پل کي ريل گاڏين جي لاءِ بند ڪيو ويو ۽ ريلوي ٽريفڪ نئين پل تي منتقل ڪئي وئي. هاڻي هيءَ پل صرف ننڍين گاڏين جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ھن پل جو نالو برٽش انڊيا جي وائسراءِ، لارڊ لينسڊائون جي نالي تي رکيو ويو.

پل جي ڊيگھ 790 فٽ ھئي ۽ ان جي تعمير تي 40 لک روپين جو خرچ آيو. لوھه جو ھي پل انجنيئر لنڊن ۾ ڊيزائن ڪري اتي ٺاھي ان جو فريم لنڊن ٻاھران جوڙي بعد ۾ ان کي کولي بحري جھاز وسيلي ڪراچي آندو ويو ۽ ان کي موجوده جاء تي جوڙي نصب ڪيو ويو. مولائي شيدائي لکيو آهي ته:

"انڊس اسٽيٽ ويلي ريلوي ۽ سنڌ پشين ريلوي لائينن جي کلڻ ڪري ڪوئيٽا کي لاھور ۽ ڪراچيءَ سان گڏائڻ ضروري فوجي مسئلو هو. ٻيو ته انڊس فلوٽيلا ڪمپني جي فلاٽن ۽ جهازن وسيلي ريلوي مال گاڏين کي روهڙي آڻڻ ۽ نيڻ ۾ هڪ ته وقت ضايع ٿيندو هو ته ٻيو ڪمپنيءَ کي خرچ ڏيڻو پوندو هو، تنهنڪري سکر ۽ روهڙي وارين درياهه جي شاخن تي لوهي جو پل تعمير ڪرائڻ جو فيصلو اٽل هو."[1] 

پل اڏڻ جي رٿا 1872ع کان حڪومت هند جي زير غور هئي، جنهن جي منظوري 1883ع ۾ ڏني ويئي. 1885ع ۾ انگلينڊ کان مال اچڻ ۾ دير ٿي ويئي، ڪم روڪجي ويو، 1887ع ۾ وري ڪم شروع ٿيو، جو سال 1889ع ۾ مڪمل ٿيو. هن پل جا ٻه حصا آهن؛ روهڙيءَ وارو حصو جو قينچين تي بيٺل آهي ۽ هن جي ڊيگهه 820 فوٽ آهي، سکر واري شاخ ٽن ٿنڀن تي بيٺل آهي ۽ ڊيگهه ۾ 600 فوٽ آهي، پل جي افتتاحي رسم بمبئيءَ جي گورنر، لارڊ ري ادا ڪئي، جنهن لاءِ سکر ميونسپالٽي بکر جي قلعي ۾ وڏو شاميانو جهنڊين سان سينگاريل کوڙيو هو. هن موقعي تي سنڌ جو ڪمشنر، مسٽر چارلس پرچرڊ ۽ خيرپور جو والي، هز هائنس سر مير علي مراد خان ۽ هندوستان ۽ پنجاب جي وڏن ماڻهن حاضري ڏني. گورنر تقرير ۾ چيو ته افغانستان سان واپار ترقي ڪندو. پل تي چاليهه لک روپيا خرچ ٿيو ۽ ٺيڪو انگلينڊ جي ڪمپني، "ويسٽ ووڊ ائنڊ ايلي" کي ڏنو ويو ۽ مسٽر رابرٽسن انجنيئر جي نگراني هيٺ ڪم هليو، وائسراءِ لارڊ لينسڊائون جي نالي تي پل، "لينسڊائون برج" سڏجڻ لڳو، سکر جا ڀاڳ کلي ويا ڇو ته هيءِ پل دنيا جي عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي تنهنڪري پري پري کان ماڻهون ڏسڻ اچن ٿا، انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جو ڪاروبار 1889ع ۾ پل کلڻ کان پوءِ بند ٿي ويو ۽ سکر تجارتي مرڪز بنجي ويو.[2]

پل جو خاڪو

جمالو واري لوڪ ڪھاڻي

[سنواريو]

ھن پل جي خاصيت ھئي ته ان ۾ ڪوبه ٺلھ ڪونہ ھيو جنھن ڪري ھوجمالو واري ھڪ لوڪ ڪھاڻي جنم ورتو جيڪا روايت ۾ اچي وئي.

حوالا

[سنواريو]
  1. Sindh Historical Journal. Vol. V. January 1941 Karachi. P.5
  2. ڪتاب جو نالو: تاريخ سکر؛ مصنف: رحيم داد خان مولائي شيدائي؛ ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ.


27°41′37″N 68°53′18″E / 27.69361°N 68.88833°E / 27.69361; 68.88833