ھوجمالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
جمالو
Urban Sindhis Dancing Ho Jamalo.jpg
گيت ڳائجڻ وقت جمالو رقص
مقامي نالو ھو جمالو
قسم لوڪ رقص
ابتدا ميرن جو دؤر

ھو جمالو (انگريزي: Ho Jamalo ) سنڌ جو مشھور ۽ دلپسند لوڪ گيت آھي جيڪو شادين، جشن يا خوشي جي موقعن تي سنڌ ۾ ڳاتو ويندو آهي. جنھن جي ڳائڻ وقتناچ ٿيندو آھي، جنھن کي ”جمالو ناچ“ چوندا اھن. لفظ جمالو لاء اديبن جي مختلف راين مطابق خيال آهي ته اھو ڪنھن شخص جو نالو ھو، جيڪو ڪنھن سبب گھر کان ٻاھر ويل ھو ۽ جڏھن واپس ايو تہ سندس اچڻ جي خوشيءَ ۾ گيت ڳايا ويا[1]. جمالو گيتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ھو پھلوان ۽ قداور ھو، جيئن: ”جنھن جا پير پنج سير ”ھو جمالو“[1]. سنڌ جي لوڪ گيتن ۾ ھو جمالي کي وڏي اھميت حاصل آھي. ھيءُ گيت سنڌ جي قومي ۽ ثقافتي اھڃاڻ جي حيثيت رکي ٿو ۽ ھن گيت جي ڌن تي قومي رقص ڪيو ويندو آھي. هيءُ گيت سنڌي ماڻهن جي نفسيات سان جڙيل آهي[2]. جَمالَي ۾ ڪيترن شاعرن وقت به وقت نيون ڳالهيون به شامل پئي ڪيون آهن، جھڙوڪ ’جيڪو سکر واريءَ پل تي، ھو جمالو‘ وغيره[1]. ھڪ روايت مطابق ’جمالي‘ جو واقعو ميرن جي دور جو آھي. پروفيسر حاجي محمد اسماعيل آغا مطابق[2]: "گول پڙ ٺاهي، وچ ۾ سازنده بيهاري، باجماعت يا گروپ جي صورت ۾ اهو رقص ڪيو ويندو آهي، جيڪو هر ڪنهن جي وس کان ٻاهر آهي. مگر ڳوٺاڻن جي سـُـتيءَ ۾ اهو رقص پيل هوندو آهي، تنهن ڪري ڳوٺاڻن جي رڳ رڳ ۾ رچيل آهي. جن ڏاڏن، پڙڏاڏن کان پئي ان جي مشق ڪئي آهي. جيئن ئي ڀير تي ڏونڪو لڳو، ”هوجمالو“ جي تال وڄت ۾ آئي، ان جي صدا ڪن پئي ته ڳوٺاڻا پاڻ مرادو ٿڙڪڻ شروع ٿيو وڃن ۽ رقص جاري ٿيو وڃي. بلا مبالغه چئي سگهجي ٿو ته هو جمالو سنڌي عوام جي مزاج ۽ فطرت سان هم آهنگ رقص آهي“[3] ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي موجب ته :”جمالو آڳاٽي وقت ۾ ڪو ڪوپو ،اڙٻنگ شخص هو ،جيڪو گهر کان ٻاهر ويل هو ،جنهن جي موٽي اچڻ تي خوشيءَ ۾ سندس ئي نالي سان گيت ڳايائون ،جنهن بعد ان لوڪ گيت کي پذيرائي ملي[4] .“اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب ته :”هيءُ لوڪ گيت هميشه خوشيءَ جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي .هن گيت جا مضمون جمالي جو جدا ٿيڻ ،سندس وڇوڙي تي افسوس ،جمالي جو موٽي اچڻ ۽ سندس اچڻ تي خوشي ۽ سندس ڳڻن جو تذڪرو آهي[4] .“ڊاڪٽر بلوچ وڌيڪ لکي ٿو ته ’جمالو ‘نالي هڪ شخص هو ،جيڪو پنهنجي ساٿين کان وڇڙي ڪي سال لاڙ وڃي رهيو ۽ جتن سان گڏ گذاريائين ۽ جڏهن ڪجهه عرصي بعد موٽي آيو ،تڏهن سندس ساٿين توڙي سڪ ۽ حب وارن ناچ ڪيا ۽ سندس نالي سان گيت به ڳايائون ۽ پوءِ اهو گيت اڳتي هلي سنڌ جي ثقافتي ورثي جي اهم وٿ بڻجي پيو “.جيئن ته جمالو لوڪ گيت آهي[4].

ھو جمالو ٻول[سنواريو]


وقت گذرڻ سان هن گيت ۾ واڌارا ٿيندا رهيا آهن:
منهنجو جمالو جتن سان..... هو جمالو!
منهنجو لڙي ويو لاڙ ڏانهن ... هو جمالو !
منهنجو کٽي آيو خير سان .... هو جمالو !
اهڙيءَ ريت جمالي گيت ۾ ’جمالي ‘جي سونهن ،ڏندن ،چپن ،اکين ،پڳ ،منڊيءَ ،لڪڻ ۽ جتيءَ وغيره جي تعريف واريون مصرعون به سڄي سنڌ ۾ مشهور آهن .باقي هن گيت ۾ ماضي قريب جا ڪي اهڃاڻ به ملن ٿا ’منهنجو سکر واري پل تي ‘يا ڪي اهڙيون ٻيون مصرعون وقت سر وڌنديون رهن ٿيون ،جيڪي سماجي تبديليءَ ڏانهن نشاندهي ڪن ٿيون[4].

هيٺ ’جمالي‘ گيت جون ڪجھ مصرعون ڏجن ٿيون:

منھنجو جمالو جتــــن سـان، ھو جمالو!
جنھن جا پــــــير پنج ســــير الا، ھو جمالو!
جنھن کي سوني منڊي چيچ ۾، ھو جمالو!
جيڪو لڙي آيو لاڙ مان، ھو جمالو!
جنھن جون اکيون رب رکيون، ھو جمالو!
جنھن جا وار گھــــنڊيدار الا، ھو جمالو!
جنھن جا ھٿ ميندِي رتــڙا، ھو جمالو!

— [1]

ناچ جو طريقو[سنواريو]

پروفيسر حاجي محمد اسماعيل آغا ھوجمالو ناچ يا رقص جي ادائگي جو طريقو ھيٺين طرح بيان ڪيو آهي[2]:

”رقص جي ابتدا ۾ ٻه قدم اڳتي کڻبا آهن. هڪ لحظو توقف ڪري ٻانهون وڻ جي شاخن مثل آهستگي سان لچڪنديون آهن. هٿ شگوفن وانگر ٽڙي پوندا آهن. کٻي پير سان لٺڪو ڏيئي ٻئي لمحي سڀئي منهن پڙ ۾ پائي قدم اندر ورائيندا ۽ وچ ڏانهن نـِوڙي هٿ ڊگها ڪري تاڙي وڄائي، سنوان بيهي هڪ قدم پويان کڻندا آهن ۽ پڙ موڪرو ڪري وڃبو آهي. چئني پاسي رخ ڪري رقصان ٿبو آهي. پڙ هڪ لمحي اڳتي هلندو آهي ته ٻي لمحي پوئتي. ڪڏهن پڙ سوڙهو ٿي ويندو آهي ته ڪڏهن ڪشادو ۽ اهو سڄو عمل ايتري خوبصورت هم آهنگيءَ سان ٿيندو آهي جو ڏسڻ سان لطف اچي ويندو آهي. اهڙو روح پرور نظارو انسان جي تخليقات ۾ ٻيو ڪو ورلي نظر ايندو. انهيءَ رقص مان سنڌ جي مٽيءَ جي سڳند ۽ سنڌي ماڻهن جي مزاج ۽ جمالياتي حس، نظم و هم آهنگيءَ جي ترجماني ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري هو جمالو کي سنڌ ثقافت جو ترجمان ۽ ڪلاسڪ جو درجو حاصل آهي“

— [5]

جيڪو سکر واري پل تي[سنواريو]

سکر واري پل جو ھن لوڪ گيت ۾ ذڪر سکر جي لينسڊائون پل متعلق آھي. ھن پل جي خاصيت ھئي ته ان ۾ ڪوبه ٺلھ ڪونہ ھيو جنھن ڪري ھڪ لوڪ ڪھاڻي جنم ورتو ۽ روايت ۾ اچي وئي. ڪھاڻي مطابق جڏهن ھيء پل تيار ٿي تہ ٺلھ نہ ھجڻ ڪري ريل جي ڊرائيورن ڊپ جي ڪري ھن پل تي ريل ھلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنھن ڪري انگريزن کي مشڪل پيش آئي ۽ انتظاميه ان کي حل ڪرڻ جو انوکو منصوبو جوڙيو. سکر جيل جي جمالو نالي موت جي سزا جي قيدي کي ٽرين ھلائڻ سيکاري معاھدو ڪيو تہ پل تان ريل کي پار ڪندو تہ کيس معافي ڏني ويندي اھڙي طرح جمالو پل تان ريل کي پار ڪري ڏيکاريو ۽ ان جي زال مڙس جي ڪاميابي جي خوشي ۾ ھو جمالو نالي گيت ڳايو اھڙي طرح ان لوڪ گيت جي ابتدا ٿي. ان روايتي ڪھاڻي جي اڃان ڪٿان ثابتي ڪانہ ٿي آهيref name =" مولائي شيدائي " > ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ </ref>.

جمال بلوچ وارو قصو[سنواريو]

ھڪ روايت مطابق ھو جمالو جي ابتدا جمال بلوچ جي واقعي سان ٿي ھئي جنھن جو تعلق اتر سنڌ سان ھو. ان جي علائقي تي دشمن چڙھائي ڪري آيا ھئا ۽ ان ڳوٺاڻن سان گڏجي دشمنن سان مقابلو ڪري ويڙھ کٽي ھئي. جڏھن اھو واپس ڳوٺ موٽي آيو تہ ان جي استقبال م عورتون نڪري آيون ۽ ھو جمالو منھجو کٽي آيو خير سان ڳائڻ شروع ڪيو[6].

عمر میمڻ جي ھوجمالو ڊاڪيومينٽري[سنواريو]

ھو جمالو تي انگلينڊ ۾ رھندڙ عمر ميمڻ جي ٺاھيل ھڪ وڊيو ڊاڪيومينٽري مشهور آهي. بي بي سي اردو جي ھڪ رپورٽ مطابق ھو جمالو لوڪ گيتن م پھريون گيت آهي جنھن تي دنيا جي 120 ملڪن جا ماڻھو ناچ ڪري چڪا آهن[7].

پنجابي لوڪ گيت لڊي ھي جمالو[سنواريو]

پنجابي ٻولي م پڻ ھڪ لوڪ گيت لڊي ھي جمالو پا مشھور آھي جنھن تي پڻ جمالو رقص ڪيو ويندو آهي. ان جا ٻول ھيٺ ڏجن ٿا:

لُڈّی ہے جمالو پا

دنیا توں پیار مِلے
کوئی دِلدار مِلا
آندا سواد گل بات دا
کھِلرے نے وال میرے
رہنا میں نال تیرے
وعدہ اے پہلی ملاقات دا
لُڈّی ہے جمالو پا لُڈّی ہے جمالو
لُڈّی ہے جمالو پا لُڈّی ہے جمالو
تینوں تکّیاں بِنا
پیار منگیا تیرا
ایہ وی جاناں نہ میں
کون دِلبر میرا
اینا دھیاں رہوے
سارا جہان کہوے
چُھٹدا نہیں ساتھ دن رات دا
لُڈّی ہے جمالو پا لُڈّی ہے جمالو
لُڈّی ہے جمالو پا لُڈّی ہے جمالو
آکے تو ٹُر گیوں
روگ لگ جائے گا
کلّی رہ جاں گی میں
کی مزہ آئے گا
بُلّیاں بُلان تینوں
اکھیاں منان تینوں
ساہواں وچ شور برسات دا
لُڈّی ہے جمالو پا لُڈّی ہے جمالو
لُڈّی ہے جمالو پا لُڈّی ہے جمالو

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 [ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي ]
  2. 2.0 2.1 2.2 [١] ”ھو جمالو“ سنڌ جو لوڪ گيت قاضي مقصود احمد
  3. {سنڌي ثقافت ۽ هوجمالو“، پروفيسر حاجي محمد اسماعيل آغا، ماهوار ”نئين زندگي“ مئي 1995ع}
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 [ https://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%AC%D9%85%D8%A7%D9%84%D9%88] انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
  5. {سنڌي ثقافت ۽ هوجمالو“، پروفيسر حاجي محمد اسماعيل آغا، ماهوار ”نئين زندگي“ مئي 1995ع}
  6. {[٢]Elim ud Din Mazari Kashmore Published in Dawn, September 16th, 2018}
  7. {www.bbc.com › urdu › e...Web results'ھو جمالو ایک جشن اور خوشی کا اظہار ہے' - BBC News اردو}[٣]