قاضي فيض محمد صديقي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو


فيض محمد صديقي
قاضي
سياستدان، وڪيل، ليکڪ، دانشور
ذاتي تفصيل
پيدائش 23 نومبر 1908
ھالاڻي
وفات 1982
سياسي جماعت پاڪستان مسلم ليگ
عوامي ليگ
سنڌ ھاري ڪميٽي
نيشنل عوامي پارٽي

قاضي فيض محمد صديقي(انگريزي: Qazi Faiz Muhammad Siddiqui ) 23 نومبر 1908ع تي هالاڻيءَ جي ڳوٺ ۾ قاضي ميان نبي بخش جي گھر ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم هالاڻيءَ ۾ ورتائين. هن ثانوي تعليم هالاڻي، خيرپور ميرس، نوشهري فيروز جي هاءِ اسڪولن ۾ ورتي ۽ سنه 1929ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. 1935ع ۾ هن بي. ايس. سي. پاس ڪئي. سنه 1940ع ۾ هن ايل. ايل. بي پاس ڪري، نوابشاهه ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي[1].

خاندان[سنواريو]

سندس پڙڏاڏو قاضي محمد صادق ۽ ان جا وڏا ميرن جي ڏينهن ۾ هالاڻي شهر جا قاضي هئا. هن جي ڏاڏي جو نالو ميان فيض محمد هو، جو ميان فتح عليءَ جو ننڍو ڀاءُ هو. انهيءَ زماني جي حاڪمن جون سندون به وٽن موجود آهن. ان وقت قاضي ۽ عالم ڇوڪرن کي ديني ۽ دنيوي تعليم ڏيندا هئا ۽ سندن گهرن ۾ ڇوڪرين کي تعليم ڏني ويندي هئي. هنن کي هالاڻيءَ جي ڳوٺ ۾ اڃا تائين استاد گهر ڪري شمار ڪيو ويندو آهي قاضي فتح علي حافظ قرآن به هو. انگريزن جي حڪومت ۾ کيس سروير ڪري رکيو ويو هو. سندن ٻيا عزيز به سرڪاري نوڪرين ۾ هئا. کين پنهنجي زرعي زمين به هوندي هئي، جنهن ۾ قاضي ميان نبي بخش محنت ڪري باغ رکيو هو.[1].

شاگرد سياست[سنواريو]

10 سالن جا مس ٿيا ته 1918ع ڌاري پهرين عالمي جنگ ڇڙي وئي ۽ 1919ع ڌاري برصغير ۾ خلافت ۽ ڪانگريس هلچل پڻ زور ورتو. ان وقت قاضي ٻين هندو شاگردن ۽ ڪانگريسي ڪارڪنن جي صحبت ۾ اچي قومي اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ اهڙي طرح پاڻ 11 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ئي قومي ڪمن ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪيائون. جڏهن پاڻ ٽيون درجو پڙهندا هئا ته پاڻ کاڌي پائڻ، چرخو ڪتڻ، اَسر وقت ڦيريون ڪڍڻ ۽ قومي ترانا ڳائڻ شروع ڪين[2] .1922ع ۾ خيرپور هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺا. ان بعد وري پاڻ نوشهري فيروز جي مدرسي ۾ داخل ٿيا. جتان ئي سندن سياسي زندگيءَ جو صحيح معنيٰ ۾ آغاز ٿيو ۽ پاڻ 1927 کان عملي سياست جي ميدان ۾ داخل ٿيا. پاڻ ”ڪئٽ انڊيا“ (انڊيا خالي ڪريو) واري تحريڪ جي وچ وارن مرحلن ۾ ”سائمن گوبيڪ“ (سائمن ڪميشن واپس وڃ) تحريڪ ۾ حصو ورتن.[2]

سائمن ڪميشن خلاف احتجاج[سنواريو]

1927ع ۾ انگلينڊ جي پارليامينٽ سر جان سائمن جي اڳواڻي هيٺ هڪ ڪميشن مقرر ڪري جاچ لاءِ موڪلي ته هندستان جي حڪومت جي انتظام ۾ ڪهڙي بدل سدل ڪجي، جو اتان اڀرندڙ آزادي جون تحريڪون ڪجهه وقت لاءِ ٿڌيون ٿي وڃن ۽ ”انڊيا خالي ڪريو“ هلچل دٻجي وڃي. جڏهن هيءَ ڪميشن ڪراچي ۾ آئي ته هتان جي عوام سندن اڳيان سنڌ جي بمبئي سرڪار کان علحدگي جو مطالبو رکيو ته هن ان تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ۽ هتان جي عوام جي ان گُهر کي ٺڪرائي ڇڏيو. ان لاءِ ملڪ جي ٻين حصن وانگر سنڌ جي سامراج دشمن ترقي پسند سنڌين پروگرام رٿيو ته ”سائمن ڪميشن“ جي ميمبرن جي اچڻ تي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا وڃن. ۽ اها ڳالهه سندن ذهنن تي آندي وڃي ته بر صغير جو عوام آئيني سڌارا يا آزاديءَ جي هلچل کي نقصان رسائيندڙ ٻيا سڌارا برطانوي سامراج جي غلامي هيٺ رهي وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. ان ڪري سائمن ڪميشن جا سڌارا اسان کي منظور ناهن. عوامي ردعمل ڪري سائمن ڪميشن ناڪامي جو منهن ڏسي واپس ٿي وئي. ان وقت قاضي صاحب جن نوشهري ۾ پڙهندا هئا. پاڻ سنڌ جي قومي اڳواڻن جي فيصلي کي اثرائتي موٽ ڏيندي، پنهنجي هم عمر ساٿين کي ان ڳالهه تي متفق ڪيو. پنهنجي اسڪول ۾ تقريرون ڪري، هٿ لکيل پمفليٽ ورهائي، بينر لڳائي ڪافي دوست تيار ڪري پنهنجي اڳواڻيءَ هيٺ وٺي وڃي، پڊعيدن اسٽيشن تي نڪتا. جتان سائمن ڪميشن جا ميمبر ريل گاڏيءَ رستي اڳتي لنگهي رهيا هئا. پاڻ مڙني ساٿين سان گاڏي اچڻ وقت ”سائمن گو بيڪ“ جا نعرا هڻايا، ۽ ميمبرن جو ڪارين جهنڊين سان استقبال ڪيو. قاضي صاحب کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس نوشهري اسڪول ۾ آئي پر ھڪ استاد جي مدد سان قاضي صاحب گرفتاري کان بچي ويو.[2].

ڪراچيءَ ۾ تعليم دوران سياسي سرگرميون[سنواريو]

1933ع ۾ جڏهن ڪراچي ڪاليج ۾ پڙهندو هو، تن ڏينهن ۾ هيءُ، عبدالرحيم ميمڻ هالاڻيءَ واري، ۽ الهداد شجراهه شڪارپور واري سان گڏ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو.[1].سال 36-1935ع ڌاري ”خالق ڏني هال“ ۾ شهيد الهه بخش جي حمايت ۾ هڪ جلسو ٿيو. جنهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي پڻ شريڪ ٿيو. قاضي فيض محمد ۽ محترم جي ايم سيد ان جلسي ۾ وڏي شد مد سان بهرو وٺڻ لڳا. جلسي هلندي حڪومت جي ڪارندن ۽ مسلم ليگين جلسي ۾ مداخلت ڪري، ان کي درهم برهم ڪيو ۽ ماڻهن کي مارڪٽ ڪرڻ لڳا. قاضي فيض محمد علامہ آء آء قاضي جي حفاظت ڪندي کي غنڊن مارڪٽ ڪري ڌڪي، جلسي گاهه کان ٻاهر ڦٽو ڪيو ۽ شديد زخمي ٿي پيو.[2].

وڪالت ۽ سياسي زندگي[سنواريو]

قاضي صاحب 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان بي ايس سي (B.Sc) جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ بي. ايس. سي ڪرڻ بعد مختلف نوڪرين ڪرڻ ۾ لڳي ويا، 1933ع کان 1940ع تائين تعليم کاتي ۾ ملازم رهيا. ان بعد 1940ع ۾ بمبئي يونيورسٽي منجهان ايل ايل بي (L.L.B) جي ڊگري ورتن ۽ 1941ع کان باقاعدي وڪالت شروع ڪيائون. اهڙي طرح قاضي صاحب سنڌ هاءِ ڪورٽ جا مرڻ گهڙي تائين سينئر وڪيل رهيا.[2]. 1942ع ۾، جڏهن بنگال ۾ ڏڪر پيو، ته هي خاڪسار تحريڪ طرفان والنٽيئر ٿي، ٻن مهينن لاءِ بنگال ويو هو. سنه 1943ع ۾ هيءُ مسلم ليگ جماعت ۾ شامل ٿيو. ان کانپوءِ ان ۾ ڪم ڪندو آيو.[1].انگريزن جي دور ۾ قاضي صاحب 46-1945ع ڌاري هاري ڪاميٽي طرفان بٽئي تحريڪ شروع ڪئي. ان موجب هاريءَ کي زمين جي اپت مان 3 حصا ۽ زميندارن کي 2 حصا کڻڻا هئا ۽ خرچ، لاپن ۽ پاڻي وغيره جو پڻ زميندار کي حصو ڏيڻو هو. ان تحريڪ، قاضي صاحب جي نگراني هيٺ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي.[2].1945ع ڌاري سنڌ اسيمبلي جون چونڊون ٿيون ته هاري ڪاميٽي طرفان پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ قاضي صاحب کي ڪنڊيارو تڪ مان اميدوار بيهاريو ويو. ان دور ۾ جلسن جي لحاظ کان هاري ڪاميٽي، ڪانگريس کان پوءِ ٻيو نمبر ڪاميابي حاصل ڪئي. پر پوءِ به وڏيرن ۽ حڪومت جي ملي ڀڳت سان هاري اميدوارن کي چونڊن ۾ شڪست نصيب ٿي. کين پولنگن تان کڻايو ويو، سندن ووٽرن کي ماري ڀڄايو ويو.[2]. 1948ع ڌاري، هيءُ هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. سنه 1949 ۾ مسلم ليگ کان ڌار ٿي ويو. 1951ع ۾ هن کي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. ان عهدي تي هو ٻه سال رهيو. سنه 1952ع ڌاري ميان افتخار الدين طرفان سڀني قومپرست ڪارڪنن کي آزاد پاڪستان پارٽيءَ ۾ شريڪ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي، ته ٿوري وقت لاءِ هيءُ به دوستن سميت ان ۾ داخل ٿيو هو. سنه 1953ع جي سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن وقت سنڌ جي چئن جماعتن- پيپلس پارٽي، آزاد پاڪستان پارٽي، عوامي ليگ ۽ هاري پارٽيءَ گڏجي متحده محاذ ٺاهي، اُميدوار بيهاريا. چونڊن کانپوءِ هن نوابشاهه ۾ متحده محاذ جي پهرين ڪنوينشن سڏائي، ان ۾ محاذ جو دستور پاس ڪرايو ۽ محاذ کي جماعتي صورت ڏياري. ان ڪنوينشن ۾ شيخ عبدالمجيد کي جماعت جو صدر ۽ قاضي صاحب کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. سنه 1954ع جي آڪٽوبر ۾ هن لاريءَ ۾ سوار ٿي، ساريءَ سنڌ اندر ون يونٽ جي خلاف پرچار شروع ڪيو، جنهن ڪري هن کي لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪري، جيل ۾ موڪليو ويو، جتان هي هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪرڻ ڪري آزاد ٿيو. سنه 1955ع ۾، هيءُ ولايت جي سير تي ويو، جنهن ۾ انگلينڊ، فرانس، جرمني، اٽلي، يونان ۽ ترڪيءَ جو سير ڪري واپس آيو.[1]. سنه 1955ع ۾، کهڙي صاحب پاڻ کي سانگهڙ مان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ تي چونڊائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان وقت کهڙي صاحب ملڪ ۾ اهڙو دٻاءُ قائم ڪيو هو، جو ڪو به ماڻهو سندس سامهون اُميدوار بيهڻ لاءِ تيار ڪو نه ٿي ٿيو، ليڪن قاضي صاحب جرئت ڪري، هن جي سامهون اُميدوار بيهڻ لاءِ سانگهڙ پهچي ويو. پر کيس فارم ڀرڻ کان اڳ گرفتار ڪرائي، موٽر ۾ کڻائي، تمام دور فاصلي تي ڇڏيو ويو، جتان واپس موٽي، وقت اندر فارم ڀري نه ٿي سگهيو.[1]. سنه 1956ع ۾، هيءُ ٿوري وقت عوامي محاذ کي ڇڏي عوامي ليگ جماعت ۾ ويو، ۽ اُن جو سنڌ لاءِ جنرل سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. انهيءَ وقت مسٽر حسين شهيد سهروردي پاڪستان جو وزيراعظم هو. مسٽر سهرورديءَ ون يونٽ جي فائدي ۾ بيان ڏنا، ۽ خارجي پاليسيءَ ۾ اهڙو رويو اختيار ڪيو، جو عرب نيشنلزم جي خلاف هو. انهن ڳالهين تان قاضي صاحب ڪيترن دوستن سميت عوامي ليگ مان استعيفيٰ ڏيئي، ٻاهر نڪري آيو، ۽ پاڪستان نيشنل پارٽيءَ جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ٿوري وقت کانپوءِ مولانا ڀاشاني ۽ سندس گروهه به سهرورديءَ جي عوامي ليگ کان جدا ٿي ويو ۽ نيشنل پارٽيءَ سان گڏجي، نيشنل عوامي پارٽي ٺاهيائون. تنهن کانپوءِ قاضي ميان فيض محمد سنڌ نيشنل عوامي پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ساڳئي وقت، هن جي هارين جي ڪمن سان همدردي پڻ هلي آئي. الاٽي هارين کان جڏهن پاڪستان سرڪار زمين کسي، مهاجر دعويدارن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، ته هن ان جي خلاف هارين طرفان احتجاج ڪرائڻ لاءِ ميٽنگن ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائڻ شروع ڪيا. اهڙي هڪ ڪانفرنس لُنڊي اسٽيشن جي ڀر ۾ سڏائي هئائين، جنهن ۾ مولانا ڀاشاني، خان عبدالصمد خان ۽ ٻين ڪيترن شرڪت ڪئي هئي. سنه 1958ع ۾، ڪراچي شهر اندر هارين جي حقن جي حمايت ڪرڻ لاءِ گوليمار محلي ۾، هن هڪ وڏي هاري ڪانفرنس سڏائي. 8 آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ سان مارشل لا لاڳو ٿيڻ بعد، نيشنل عوامي پارٽيءَ جي مکيه ليڊرن وانگر هن کي به جيل ۾ موڪليو ويو هو، جنهن مان ڇهن مهينن بعد هن کي آزاد ڪيو ويو.[1].جي ايم سيد ۽ قاضي صاحب، ونيونٽ خلاف عوامي سهڪار هٿ ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ جي دوري جو پروگرام بڻايو. پر سرڪار پتي لڳڻ شرط جي ايم سيد کي پنهنجي بنگلي تان گرفتار ڪري ورتو. قاضي صاحب ان هوندي به مايوس ڪونه ٿيو. هيڪل پروگرام مطابق ڪم کي جاري رکندي، پهريون جلسو ڪراچي ۾ ڪيائين. ان بعد پاڻ جيپ ۾ سوار ٿي ساري سنڌ اندر ونيونٽ خلاف پرچار شروع ڪين. قاضي صاحب ونيونٽ خلاف ڪراچي، ٺٽي، ڪوٽڙي، حيدرآباد، نواب شاهه، دادو، قمبر، رتيديري ۽ لاڙڪاڻي جو دورو ڪيو. سندن جلسن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيڻ لڳا.[2].جڏهن پاڻ لاڙڪاڻي پهتا ته لاڙڪاڻو ايوب کهڙي جو شهر هوندي به سندن جلسي ۾ پلٽجي پيو. هزارين ماڻهو ڪٺي ٿي ويا. ونيونٽ خلاف فلڪ شگاف نعرا لڳندا رهيا. سندن جذباتي تقرير ون يونٽ جي قهري ڪوٽن کي لوڏي ڇڏيو. حڪومت جي مشنري ٿرٿلي ۾ اچي وئي. حڪومت اتي ئي قاضي صاحب جي دوري کي ختم ڪرائڻ ۽ کين ڪاٺ ۾ هڻائڻ جو منصوبو سٽي ورتو. وزيراعليٰ کهڙي، لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر انور عادل کي سڌو حڪم ڪيو ته قاضي صاحب کي گرفتار ڪيو وڃي.[2]. ڪليڪٽر رات جو 11 بجي پبلڪ سيفٽي ايڪٽ تحت کين قيد ڪيو. قاضي صاحب کي رات جو گرفتار ڪري لاڙڪاڻي کان سکر نيو پئي ويا. پوليس سنڌ جي هن عظيم سپوت کي تڪليفون ڏئي جهڪائڻ لاءِ سياري جي ڇتي موسم ۾ ٽرڪ جي مٿان کلي هوا ۾ وهاريو. سفر ڪندي رستي ۾ هڪ وڻ جو ڏار مٿي ۾ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.[2].قاضي صاحب، جڏهن قيد هو ته دوران سينيٽ جي ميمبرن جي چونڊ ٿي ته پاڻ جيل ۾ هوندي به ان جا ميمبر چونڊجي ويا. قاضي فيض محمد، پنهنجي گرفتاري خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪئي. پوءِ کين هاءِ ڪورٽ جو حڪم تي آزاد ڪيو ويو. جيل مان آزاد ٿي آيا ته وڪالت جو ڌنڌو هيٺ مٿي ٿي چڪو هو. ان ڪري پاڻ ٽن مهينن لاءِ سنڌ کان ٻاهر انگلنڊ، جرمني، فرانس، اٽلي، يونان، ترڪي ۽ مصر جو دورو ڪرڻ ويا.[2].

قاضي صاحب جي زندگي جو ھڪ جائزو[سنواريو]

قاضي فيض محمد گهڻي رخي شخصيت آهي هڪ طرف هو سياستدان آهي ته ٻئي طرف هڪ ليکڪ آهي، اهڙي طرح هو هڪ فنڪار به آهي. سندس اباڻو شهر نوابشاهه آهي جتي سندس زندگيءَ جا لاها چاڙها گذريا. چيو وڃي ٿو ته قاضي صاحب جي زندگي ان وقت ڦيرو کاڌو جڏهن وٽس ڏوڪڙ اچڻ شروع ٿيا، ان وقت پاڻ وڪالت شروع ڪئي هئائين ۽ نوابشاهه جا سمورا هندو وڪيل هجرت ڪري انڊيا وڃي چڪا هئا. قاضي صاحب جو ٻالڪپڻ غربت ۾ گذريو، وٽس پڙهائي جاري رکڻ جيترو پيسو به نه هو. تڏهن سندس پڙهائي اڌ ۾ رڪجي وڃي ٿي ۽ هو درزڪي ڪم تي لڳي وڃي ٿو. ان وقت هڪ همدرد جنهن کي قاضي صاحب پيءُ جو درجو ڏئي ٿو، هن کي درزڪي ڪم تان اٿاري اسڪول ٿو ڇڏي اچي. سندس زندگي ڪيترن ئي لاهن چاڙهن سان ڀري پيئي آهي. قاضي صاحب وستي وستي ووڙيندڙ ۽ فقير طبيعت انسان هو. هڪ ڀيري مايوسين جي انتها طاري ٿيڻ بعد گهر کان نڪري سڌو ٿر ٿو پهچي ۽ اتان کان غير قانوني طور ڀارت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڀارتي عملدار کيس گرفتار ڪن ٿا پر سندس عمر ۽ انداز ڏسي مٿي ڳالهائين ٿا ته شيخ مجيب الرحمان جو مهمان پاڪستان کان بارڊر ٽپي آيو آهي، تڏهن کيس سرڪاري مهمان طور انڊيا ۾ رهايو وڃي ٿو، اهڙي طرح هو انڊيا مان بنگلاديش وڃي ٿو پر اندر جي آنڌ مانڌ کي ڪٿي به شانتي نصيب ڪانه ٿي ٿئي. قاضي فيض محمد سياست ۾ عوامي ليگ، سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ ٻين پارٽين ۾ سنڌ جي حقيقي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. سندس نالو سنڌ جي انهن سڄڻن ۾ هميشه ياد رکيو ويندو جن بنا ڪنهن لالچ جي پنهنجي ماترڀوميءَ لاءِ پنهنجي ذاتي خواهشن کي هميشه لاءِ پاسيرو ڪري ڇڏيو. اڄ اسان سنڌين وٽ سندس لکيل ڪتاب ئي وڏو سرمايو آهن، جن ۾ سنڌ جي ان دور جي ڪٿا بيان ڪيل آهي جڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو ۽ وري پاڪستان مان بنگلاديش آزاد ٿيو. هتي بحث ڪرڻ درڪار نه آهي پر قاضي فيض محمد سنڌ جي مسئلن کي پاڪستان ۾ ويهي حل ڪرڻ جو قائل هو. هن واضع طور ”سنڌوديش“ جي نظريي جي مخالفت ڪئي آهي. ڏٺو وڃي ته پاڪستان هڪ خاص نڪته نظر ”ٻه قومي نظريه“ تحت وجود ۾ آيو. يعني هڪ طرف هندو ٻئي طرف مسلمان، پر جڏهن بنگلاديش وجود ۾ آيو تڏهن مسلمانن کان مسلمانن آزادي حاصل ڪئي ۽ اهو به لکين ماڻهو مارجڻ کان پوءِ، حاصل مطلب ته 1971ع ۾ ئي نظريه پاڪستان جو موت واقع ٿي چڪو هو، هاڻ وارو پاڪستان هڪ جبري الحاق آهي جنهن ۾ سنڌي، بلوچ ۽ پختون پنجاب جون بيٺڪون آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته قاضي صاحب سنڌ جو ڀلو چاهيندڙ هو، ۽ ان لاءِ عملي طور پڻ زندگي ارپي ڇڏيائين. سندس ئي چوڻ آهي ته اسان کي بزرگن جو احترام ڪرڻ گهرجي پر انهن جون چيل ڳالهيون ”الهام“ نه آهن[3]

شادي ۽ اولاد[سنواريو]

هن ماستر فيض محمد مرحوم ولد مولوي عبدالله هالاڻيءَ واري جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي آهي. ان مان کيس پنج پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون آهن: سندس پٽن جا نالا هي آهن: (1) غلام مرتضيٰ، (2) غلام مجتبيٰ، (3) غلام مصطفيٰ، (4) غلام رضا، ۽ (5) جاويد. سندس وڏي نياڻيءَ بي. ايس. سي جو امتحان پاس ڪيو آهي.[1].

ڪتاب[سنواريو]

قاضي فيض محمد جا اڪيچار ڪتاب ڇپجي چڪا آهن سندس آتم ڪٿا تي مشتمل ڪتاب ”منهنجو سفر“ انهن مان هڪ اهم ڪتاب آهي ۽ ان دور جي تاريخ جو هڪ اهم باب پڻ. ڪتاب جي ديباچي ۾ قاضي فيض محمد لکي ٿو، ”علامه آءِ آءِ قاضي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي ۽ ٻين بزرگن لاءِ سنڌ جي نوجوان کي هميشه احترام هئڻ گهرجي. مگر ساڳي وقت جيڪي ڪجهه هنن بزرگن چيو آهي اهو الهام ناهي...“ قاضي صاحب جا ناول ”جنسار“ ۽ ”اڻ ڄاڻ“ تمام گهڻي اهميت وارا ليکي سگهجن ٿا. ٻنهي ناولن ۾ آرٽ سان گڏ فلسفي کي پڻ نمايان اهميت ڏني وئي آهي. سندس پٽ جاويد قاضي ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو، ”هو سائنس جو طالب هو، رياضيات، فلسفو ۽ فزڪس هن جا سبجيڪٽ ها.“ قاضي فيض محمد اهو ڪتاب 1975ع ۾ لکي پورو ڪيو. پر اهو ڪتاب ڪيترن سالن تائين ڇپجي نه سگهيو، نيٺ سندس پٽ جاويد قاضيءَ جي ڪوششن سان اهو اهم ترين ڪتاب ڇپجي سنڌ جي پڙهندڙن تائين پهتو.

قاضي صاحب ٻن ڪتابن جو ليکڪ آهي:

  • جنسار
  • منھنجو خواب
  • ٻاويھ سؤ ٻاويهه
  • سورن سندي سيڄ
  • علامہ آء آء قاضي
  • ھاري ڪميٽي۽ الاٽي تحريڪ
  • دردن سندو داستان
  • Lateefi Sindh in search of truth
  • منھنجو سفر
  • اڻ ڄاڻ


سندس بيانن ۽ ننڍن مضمونن جو ڪاٿو ئي ڪو نه آهي.[1]

وفات[سنواريو]

قاضي صاحب 1982 ۾ وفات ڪئي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 1.8 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 ڪتاب: قاضي فيض محمد جي سوانح حيات؛ ليکڪ : رڪ سنڌي؛ قاضي فيض محمد اڪيڊمي [1](ڪلڪ ڪري ڪتاب پڙھو)
  3. ڪتاب: ”منهنجو سفر“ ليکڪ قاضي فيض محمد مان ورتل ڄاڻ