ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي جو مقبرو

ظاهر سهراب فقير ڪنگراني (انگريزي:Zahir Suhrab Fakir Kingrani) ميانوال تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو. سندس مقبرو سنڌ جي دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي ۾ ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي قبرستان ويجهو خستہ حال ۾ موجود آهي. ڪاڇي واري علائقي ۾ سندس ڪيترائي ئي تڪيا ملڻ ٿا جن بابت روايتون آهن ته انهن جاين تي ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي عبادت ۾ مشغول رهندو هو. سنڌ جي مشهور محقق حڪيم عبدالحميد چانڊيو موجب هو شمس تبريزي جو مريد هو[1] پر ڪن محقق ان راءِ سان سهمت نه آهن.[2] خيرپور ناٿن شاھ تعلقي ۾ سندس عقيدت منڊي جو حلقو تمام وسيع آهي. هن فقير جي زندگي جو سربستو احوال نه ٿو ملي.[3][4]

حوالا[سنواريو]

  1. خليفو عبدالحميد چانڊيو، سنڌ جو اتر ڪاڇو ،2000ع
  2. ڪاڇو هڪ اڀياس،عزيز ڪنگراڻي ،انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو،2009ع
  3. "ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-06-17. 
  4. "Suhrab Fakir Kingrani سهراب فقير ڪنگراڻي". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-06-17.