ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي
ڏيک
ظاهر سهراب فقير ڪنگراني (انگريزي:Zahir Suhrab Fakir Kingrani) ميانوال تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو. سندس مقبرو سنڌ جي دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي ۾ ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي قبرستان ويجهو خستہ حال ۾ موجود آهي. ڪاڇي واري علائقي ۾ سندس ڪيترائي ئي تڪيا ملڻ ٿا جن بابت روايتون آهن ته انهن جاين تي ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي عبادت ۾ مشغول رهندو هو. سنڌ جي مشهور محقق حڪيم عبدالحميد چانڊيو موجب هو شمس تبريزي جو مريد هو[1] پر ڪن محقق ان راءِ سان سهمت نه آهن.[2] خيرپور ناٿن شاھ تعلقي ۾ سندس عقيدت منڊي جو حلقو تمام وسيع آهي. هن فقير جي زندگي جو سربستو احوال نه ٿو ملي.[3][4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ خليفو عبدالحميد چانڊيو، سنڌ جو اتر ڪاڇو ،2000ع
- ↑ ڪاڇو هڪ اڀياس،عزيز ڪنگراڻي ،انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو،2009ع
- ↑ "ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي". SindhSalamat. 2020-06-17 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Suhrab Fakir Kingrani سهراب فقير ڪنگراڻي". Aziz Kingrani (انگريزي ۾). 2020-06-16. 2020-06-17 تي حاصل ڪيل.