حڪيم عبدالحميد چانڊيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حڪيم عبدالحميد چانڊيو
Hakeem Abdul Hameed Chandio

حڪيم عبدالحميد چانڊيو
پيدائش ڳوٺ ستاڻي چانڊيو، خيرپور ناٿن شاه تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ
ڌنڌو حڪيم ليکڪ
ٻولي سنڌي
رهائش ڳوٺ ستاڻي چانڊيو
قوميت پاڪستاني
دور هاڻوڪو
موضوع تاريخ، تحقيق
رشتيدار حڪيم اعجاز حسين چانڊيو، ڊاڪٽر پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو

حڪيم عبدالحميد چانڊيو (انگريزي:Hakeem Abdul Hameeed Chandio) سنڌي ٻولي جو ليکڪ،محقق ۽ ناميارو حڪيم آهي.[1]

زندگي جو احوال[سنواريو]

حڪيم خليفو عبدالحميد چانڊيو 2 ڊسمبر 1938ع تي خليفي عبدالمجيد چانڊيو جي گهر ۾ سنڌ جي دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي ڳوٺ ستاڻي چانڊيو لڳ ڳوٺ ماڏو ۾ جنم ورتو. طب ۽ حڪمت جو پيشو سندس جد امجد حڪيم خليفي محمد باقر کان ورثي ۾ مليو جنهن کي سنڌ جي حڪمران نواب ولي محمد لغاري 1815ع ۾ طب جي سند سان نوازيو هو. آڳاٽي وقت کان سندس والد خليفي حڪيم عبدالمجيد سميت سندس وڏا چانڊيا نواب گهراڻي جا حڪيم ٿي رهيا آهن. جن ۾ نواب غيبي خان چانڊيو اهم هو. خليفي عبدالحميد کي حڪمت پنهنجي والد محترم کان ورثي ۾ مليل آهي. سندس والد حڪمت ۾ استاد رهيو. هاڻ سندس ننڍو فرزند حڪيم اعجاز حسين چانڊيو بہ حڪمت جو ڪم ڪري ٿو. کيس تاريخ سان لڳاءُ رهيو آهي. سندس تحقيق ۽ تاريخ تي مبني پهريون ڪتاب شفا خانه، حڪيم عبدالحميد خان ماڏي تعلقي خيرپور ناٿن شاھ طرفان سنڌ جو اُتر ڪاڇو 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن ڪتاب ۾ هن چانڊڪي پرڳڻي جي تاريخ، قديم آثارن، ماڳن مڪانن ۽ شخصيتن کي سهيڙي شامل ڪيو آهي. ان کان علاوه سندس ٻيو ڪتاب نواب غيبي خان چانڊيي جي سوانح حيات بابت بهترين تحقيق تي مبني آهي. [2] جيڪو 2006ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب کي ليکڪ تيرهن بابن ۾ ورهايو آهي. حڪيم عبدالحميد چانڊيو جا ٻنهي ڪتابن ۾ نهايت ئي ڪارائتا ۽ تحقيقي حوالن سان تاريخي مضمون شامل آهن. هن کي فريدآباد لڳ ماڏي شهر ۾ حڪمت جو دوا خانو آهي، جيڪو سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي.[3]سندس گهراڻو علمي ۽ ادبي گهراڻو آهي. سنڌ جي معتبر عالمن ۽ اديبن جي ساڻس دوستي ۽ صحبت رهي جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، حڪيم محمد سعيد، نياز همايوني، غلام رباني آگرو، محسن ڪڪڙائي ۽ استاد بخاري سرفهرست آهن. سندس وڏو فرزند ڊاڪٽر پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو سياست جي علم جو نالي وارو اسڪالر ۽ ليکڪ آهي.[4][5]

حوالا[سنواريو]

  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-12-02. 
  2. "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-12-02. 
  3. "خليفو عبدالحميد چانڊيو حڪيم : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-02. 
  4. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  5. "حيدرآباد ۾ خانه بدوش ڪيفي بند ڪرڻ خلاف صحيحن جي مهم شروع" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-03.