چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج (انگريزي:Chandka Medical College) ميڊيڪل ادارو آهي جيڪو سنڌ جي لاڙڪاڻو ضلعو جي لاڙڪاڻو شهر ۾ واقع آهي. هيءُ ادارو 20 اپريل 1973ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۾ قائم ڪيو ويو هو. سنڌ جي اتر وارن شهرن جي شاگردن لاءِ قائم ٿيو ته اهي آساني سان ڊاڪٽري جي تعليم حاصل ڪري سگهن. ڪاليج سان گڏ اسپتال به قائم ڪئي وئي جيڪا عام ماڻهن لاءِ فائديمند ثابت ٿي. هن وقت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج تمام اهم ادارو آهي جنهن منجهان سوين شاگرد هرسال ميڊيڪل جي ڊگري حاصل ڪن ٿا.[1][2]

حوالا[سنواريو]