سيسم جو قلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سيسم جو قلعو

سيسم جو قلعو (انگريزي ٻولي:Sisum Jo Qilo) هن قلعي جو ذڪر ڪتاب چچنامو ۾ موجود آهي. جڏهن محمد بن قاسم 712ع ۾ سيوستان يعني سيوھڻ شريف جو قلعو فتح ڪيو هو ته سيوستان جو حاڪم بجهراءِ ٻُڌيه پرڳڻي جي قلعي سيسم ۾ پناھ ورتي هئي. مقامي ماڻهن جي مدد ۽ سهڪار سان ٻن قاسم سيسم جو قلعو فتح ڪيو هو ته بجهراءِ گنداوا ڀڄي ويو هو. ايڇ ٽي ليمبرڪ جي تحقيق جي روشني ۾ ڄڻ محققن جو خيال آهي ته سيسم جو قلعو موجوده دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڳوٺ سِم ويجهو هو ۽ گاج ندي جي ڪناري هو. اڄ به سم ڳوٺ ويجهو قديم بستي جا کنڊرات ۽ ان جي قريب کيرٿر پهاڙن ۾ قلعو موجود آهي.[1] [2][3]

حوالا[سنواريو]