چچ نامو
| ليکڪ | نامعلوم [1] |
|---|---|
| اصل عنوان | فتحنامو |
| ترجميڪار | علي ڪوفي(عربي مان فارسي ۾ ) مرزا قليچ بيگ(فارسي مان سنڌي ۾) |
| ملڪ | سنڌ, پاڪستان |
| ٻولي | عربي،فارسي، سنڌي |
| موضوع | سنڌ جي تاريخ قديم تاريخ |
| صنف | تاريخ |
| ڇاپيندڙ | نئين سنڌ لائبريري |
| ڇپائي تاريخ | 1923 |
| پنا | ڪرائون سائيز ۾ 60 صفحا |
چچ نامو يا فتح نامو سنڌ يا تاريخ الهند و السند (عربي ۾) سنڌ جي تاريخ بابت هڪ مشهور ڪتاب آهي[2]، هن ڪتاب ۾ چچ گھراڻي جي تاريخ، راء گھراڻي جو خاتمو ۽ اروڙ جي چچ جو تخت تي چڙهڻ، عربن جي محمد بن قاسم جي هٿان سنڌ جي 8 صدي ۾ فتح جو احوال لکيو ويو آهي. هن ڪتاب جو اصلي نالو ”فتح نامه سنڌ“ هو. اهو ڪتاب، جيڪو سنڌ جي عرب فاتح محمد بن قاسم جي ساٿين مان هڪ جي پوئين وٽ الور ۾ سانڍيل هو، سو نامعلوم سال ۾ لکيل هڪ عربي مخطوطي مان علي بن محمد ڪوفيءَ طرفان سنه 613ھ ۾ فارسيءَ ۾ ڪيل ترجمو هو. تفصيلن لاءِ بهتر آهي ته مرزا جي انگريزي ترجمي کي يو-ايم دائود پوٽي جي فارسيءَ ۾ لکيل جديد تنقيدي ڇاپي، ۽ مخدوم امير احمد ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سنڌي ترجمي سان جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنه 1954ع ۾ ڇاپيو ويو آهيو[3]


چچ نامو سنڌ جي تاريخ بابت هڪ اهم تاريخي ڪتاب آهي، جنهن کي محمد علي ڪوفي 1216ع ۾ عربي مان فارسي ۾ ترجمو ڪيو. ان جو اصل عربي مصنف نامعلوم آهي. ڪجهه عالمن لکڻ جي انداز ۽ متن جي اندروني شاهدين جي بنياد تي اندازو لڳايو آهي ته اهو ڪتاب ممڪن طور المدائني لکيو هجي، پر اها نسبت يقيني نه آهي[4]
سنڌ جي پهرين تاريخ جو هٿ اچڻ
[سنواريو]ناصرالدين جي دؤر ۾ علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي کي، الور ۽ بکر جي هڪ ڏتڙيل عرب خاندان جي هڪ بزرگ قاضي اسماعيل بن علي بن محمد طائي وٽان عربي ۾ لکيل هڪ تاريخ ”منهاج المسالڪ“ (تاريخ سنڌ ۽ هند) هٿ آئي. قاضي صاحب الور جي قاضي موسيٰ بن يعقوب جو پڙپوٽو هو، جيڪو محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ آيو هو ۽ محمد بن قاسم کيس الور جو قاضي ڪري رکيو. اها بکر ۽ الور جي قضات سندن نسل ۾ هلندي پئي آئي. علي بن حامد ڪوفي تاريخ منهاج المسالڪ جو 1216ع ۾ اچ ۾ فارسي ترجمو ڪيو ۽ ان جو نالو ”چچنامو“ رکيائين. چچنامو سنڌ جي پهرين اسلامي تاريخ آهي، جنهن مان اسان کي عربن جي ڪاميابين جي خبر پوي ٿي.[5]عرب اسلامي دؤر بابت معتبر حوالا عربي تاريخن ۾ موجود آهن، پر ان دور بابت جيڪا تاريخ هتي سنڌ ۾ مرتب ٿي ۽ جنهن کي ”فتح نامو“ سڏيو ويو ۽ جنهن کي پوءِ عام طرح ”چچ نامو“ چيو ويو، اهو نهايت ئي قيمتي ڪتاب آهي. اهو نه فقط سنڌ جي تاريخ بابت هڪ بنيادي ڪتاب آهي، پر پهريون ”تاريخي ڪتاب“ آهي، جيڪو هن سڄي برصغير ۾ مرتب ٿيو، يعني پاڪستان، بنگله، ديش ۽ هندستان، سڀ ملڪ ملايو ته مڙني تاريخي ڪتابن ۾ فتح نامو پهريون ”تاريخي ڪتاب“ آهي، جو سنڌ جي سرزمين ۾ ئي مرتب ڪيو ويو. اهو ڪتاب شهر اروڙ جي قاضين مرتب ڪيو. انهيءَ جا ماخذ البت ٻيا اڳيان عربي ڪتاب هئا. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اسلام کان اڳ واري تاريخ توڙي اوائلي اسلامي تاريخ بابت اسان کي سڀ ڪجهه ملي ٿو. هن ڪتاب تي شروعاتي تحقيق ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم ڪئي ۽ پهريون ڀيرو ان جو فارسي متن شايع ڪيائون. 1952ع ۾ مخدوم امير احمد صاحب مرحوم ان جو جيڪو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، تنهن ۾ اسان ڪافي نوٽ ۽ حاشيا لکيا. ان وقت کان وٺي هن اهم ڪتاب تي بنده طرفان تحقيقي ڪم هلندو هليو ۽ هاڻي ڇهه مهينا کن ٿيا آهن، جو هن ڪتاب ”فتح نامي“ جو فارسي متن انگريزي ۾ لکيل تفصيلي حاشين ۽ مقدمي سان اسلام آباد جي تاريخي ۽ ثقافتي اداري طرفان شايع ٿيو آهي[6].
تاريخي اهميت
[سنواريو]چچ نامي کي سنڌ جي تاريخ نويسي ۾ خاص مقام حاصل آهي، ڇاڪاڻتہ اهو عرب فتح کان اڳ سنڌ جي مختصر سياسي صورتحال ۽ پوءِ عربن طرفان سنڌ جي فتح جو احوال پيش ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ گهڻو ڪري فاتحن جي نقطه نظر کان بيان ٿيل آهي، جڏهن ته شڪست کاڌل مقامي ڌرين جو موقف نمايان طور موجود نه آهي. متن جي مطالعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪتاب ۾ عرب حملي کي اخلاقي ۽ مذهبي بنيادن تي جائز قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي[4]
حملي جي اخلاقي جواز جو بيان
[سنواريو]چچ نامي ۾ اهو دليل ڏنو ويو آهي ته چچ خاندان قانوني حڪمران نه هو، پر سازش وسيلي اقتدار تي قابض ٿيو ۽ اصل حقدار حڪمران کي تخت کان محروم ڪيو. انهيءَ بنياد تي اهڙي حڪمران کي اقتدار مان هٽائڻ کي اخلاقي طور جائز ڏيکاريو ويو آهي. ڪتاب ۾ فاتحن جي عام روايتي انداز موجب حملي کي ظلم خلاف انصاف جي جنگ طور پيش ڪيو ويو آهي[4]
راجا ڏاهر جي تصوير
[سنواريو]چچ نامي ۾ راجا ڏاهر جي شخصيت کي اهڙي نموني پيش ڪيو ويو آهي جو هو اقتدار جو حريص ۽ اخلاقي طور ڪمزور حڪمران نظر اچي ٿو. ڪتاب ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته هن پنهنجي ڀيڻ سان شادي ڪئي، ڇاڪاڻتہ نجومين اڳڪٿي ڪئي هئي ته سندس ڀيڻ جو مڙس بادشاهه ٿيندو. انهيءَ روايت ذريعي راجا ڏاهر کي اهڙو شخص ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو حڪمراني جو اهل نه هو[4]
سامونڊي قزاقن وارو واقعو
[سنواريو]چچ نامي ۾ مسلمان عورتن ۽ ٻارن جي گرفتار ٿيڻ جو واقعو به بيان ٿيل آهي، جن کي سامونڊي قزاقن پڪڙيو هو. ڪتاب موجب حجاج بن يوسف راجا ڏاهر کان انهن قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪيو، پر اهي آزاد نه ٿيا؛ ان واقعي کي سنڌ تي عرب حملي جو اهم سبب ڄاڻايو ويو آهي. ڊاڪٽر مبارڪ علي جي تجزيي موجب ڪتاب ۾ عربن جي معاشي مقصدن جو ذڪر نٿو ملي، جهڙوڪ هندي سمنڊ تي واپاري غلبو حاصل ڪرڻ ۽ عرب واپار جي حفاظت[4]
جنگين جو مذهبي بيان
[سنواريو]چچ نامي ۾ عربن ۽ سنڌ جي ماڻهن وچ ۾ ٿيل جنگين کي “حق ۽ باطل” يا “انصاف ۽ ناانصافي” جي جنگ طور پيش ڪيو ويو آهي. عرب لشڪر کي انصاف، حق ۽ خدائي مدد جو نمائندو ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته راجا ڏاهر کي ڪافر، ملعون ۽ ظلم جي علامت طور پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڪيترن هنڌن تي بيان ڪيو ويو آهي ته عرب فوج خدائي مدد سبب تباهي کان بچي وئي[4]
ڪاڪا بن ڪوٽل جو واقعو
[سنواريو]چچ نامي ۾ ڪاڪا بن ڪوٽل جو واقعو اچي ٿو، جنهن رات جو عربن تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس لشڪر رستو وڃائي ويٺو ۽ سڄي رات پريشاني ۾ ڀٽڪندو رهيو. پوءِ جڏهن هن عربن سان صلح ڪيو ته هن قبول ڪيو ته خدا سندن رستو ڀلائي ڇڏيو هو. هن اهو به چيو ته سندس ملڪ جي نجومين اڳڪٿي ڪئي هئي ته هي ملڪ مسلمان لشڪر جي هٿان فتح ٿيندو، تنهنڪري عربن جي ڪاميابي خدائي ارادي جو نتيجو هئي[4]
نجومن جون اڳڪٿيون
[سنواريو]چچ نامي ۾ ڪيترائي حوالا ملن ٿا، جن ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي نجومين جي اڳڪٿين سبب پنهنجي شڪست کي يقيني سمجهندا هئا. ديبل جي قلعي مان هڪ برهمڻ جو عربن سان ملي وڃڻ به اهڙو مثال آهي. هن عربن کي ٻڌايو ته قلعي تي قبضو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن مندر تي لڳل جهنڊو ڪيرايو ويندو. انهيءَ برهمڻ محمد بن قاسم کي “عادل اڳواڻ” طور بيان ڪيو[4]
فتح ۽ مال غنيمت جو تصور
[سنواريو]چچ نامي جي بيان موجب جڏهن سنڌ فتح ٿي وئي ته عربن پاڻ کي ملڪ جا جائز مالڪ سمجهيو. انهيءَ بنياد تي کين ملڪ تي حڪومت ڪرڻ، ان جا وسيلا حاصل ڪرڻ ۽ جنگي مال کي “مال غنيمت” طور وٺڻ جو حق حاصل ٿيو. متن ۾ سنڌ جي فتح کي اهڙي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ڄڻ اها خدائي حمايت سان حاصل ٿيل سياسي ۽ مذهبي ڪاميابي هئي[4]
راجا ڏاهر جي مزاحمت
[سنواريو]چچ نامي مان اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ آساني سان فتح نه ٿي. راجا ڏاهر عربن سان وڙهندي مارجي ويو. هن جي مزاحمت مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جنگ کان پوءِ فتح ٿي، پرامن طريقي سان عرب حڪمراني هيٺ نه آئي. انهيءَ ڪري عربن پنهنجي قبضي کي جنگي فتح جي بنياد تي جائز قرار ڏنو[4].
تاريخ ۽ ڏندڪٿا جو ميلاپ
[سنواريو]تاريخدانن چچ نامي جي تجزيي کان پوءِ اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته هي ڪتاب تاريخ ۽ ڏندڪٿا جو گڏيل متن آهي. ان ۾ ڪيترائي اهڙا اصطلاح استعمال ٿيا آهن، جيڪي عرب دور ۾ رائج نه هئا. مثال طور “شحنه” سلجوق دور جو اصطلاح هو، جڏهن ته “اقطاع” جو استعمال بويهين دور ۾ عام ٿيو. اهڙي طرح مجرم کي جانور جي ڪچي کل ۾ سبي سزا ڏيڻ منگولن جي رسم هئي؛ تنهنڪري محمد بن قاسم کي ڪچي کل ۾ سبي سزا ڏيڻ واري روايت تاريخي طور مشڪوڪ سمجهي وڃي ٿي[4]
محمد بن قاسم جي پڄاڻي بابت روايتون
[سنواريو]چچ نامي ۾ محمد بن قاسم جي سزا بابت روايتون ملن ٿيون، پر ڪجهه تاريخدانن موجب کيس ڪچي کل ۾ سبڻ واري ڪهاڻي درست نه آهي. انهن جي نظر ۾ محمد بن قاسم بي عزتي واري حالت ۾ قيدخاني ۾ فوت ٿيو. ڪجهه مؤرخن اهو به خيال ظاهر ڪيو آهي ته هن خودڪشي ڪئي[4]
عرب فتح ۽ سنڌ
[سنواريو]سنڌ هندستاني ننڍي کنڊ جو واحد علائقو هو، جيڪو عربن فتح ڪيو. بعد ۾ جڏهن سنڌ تي مقامي حڪمرانن يا ترڪي نسل جي بادشاهن حڪومت ڪئي ته محمد بن قاسم تاريخي ڪتابن مان گهڻو ڪري غائب ٿي ويو. ويهين صديءَ جي شروعات تائين سندس ڪردار کي خاص سياسي يا قومي اهميت نه ڏني وئي[4]
ويهين صديءَ ۾ نئين تعبير
[سنواريو]1920ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن هندستان ۾ فرقيواريت وڌي ۽ تاريخ به مذهبي سڃاڻپ جي بنياد تي بيان ٿيڻ لڳي، تڏهن مسلمان ليکڪن محمد بن قاسم کي نئين انداز سان پيش ڪيو. سنڌ کي “دارالسلام” يا اسلام جي دروازي طور بيان ڪيو ويو ۽ محمد بن قاسم کي نوجوان مسلمان هيرو بڻايو ويو، جنهن ڪافرن جي فوجن کي شڪست ڏئي سنڌ کي مسلم دنيا جو حصو بڻايو[4]
ون يونٽ کان پوءِ سنڌي قومپرست تعبير
[سنواريو]1955ع ۾ ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ اولهه پاڪستان جو حصو بڻجي وئي. ان سياسي تبديلي جي ردعمل ۾ سنڌي قومپرستي اڀري ۽ سنڌ جي تاريخ کي نئين سر پڙهڻ ۽ بيان ڪرڻ جون ڪوششون شروع ٿيون. سنڌي قومپرست ليکڪن شڪست کاڌل ڌر جي خاموش آواز کي اجاگر ڪيو. انهن محمد بن قاسم کي فاتح يا هيرو بدران حملي آور ۽ جارح طور پيش ڪيو، جڏهن ته راجا ڏاهر کي پنهنجي ملڪ جي دفاع ۾ وڙهندي جان ڏيندڙ قومي هيرو طور بيان ڪيو ويو[4]
سنڌ جي تاريخ جي نئين شروعات
[سنواريو]سنڌي قومپرست تاريخ نويسي ۾ سنڌ جي تاريخ جي شروعات 711ع يا 712ع کان نه پر سنڌو ماٿري جي تھذيب کان ڪئي وئي. اهڙي طرح اهو قديم ماضي، جنهن کي اڳ غير اسلامي يا غير اهم سمجهيو ويندو هو، سنڌي سڃاڻپ ۽ فخر جو ذريعو بڻيو. هن تبديلي سنڌ جي تاريخ نويسي کي مذهبي دائري مان ڪڍي وڌيڪ سيڪيولر ۽ علائقائي رخ ڏنو[4]
تحرير
[سنواريو]
هي ڪتاب محمد علي بن حميد بن ابو بڪر ڪوفي عربي متن تان فارسي ۾ ترجمو ڪيو. مائونٽ اسٽوئرٽ جي هن ڪتاب جي تاريخي سچائي جي تحقيق تائين هن ڪتاب کي هڪ وقت تائين رومانوي داستان سمجھيو ويندو هو. اهو مڃيو ويندو آهي ته اصل عربي متن سڪفي خاندان جي ڪنهن مرد لکيو جيڪي محمد بن قاسم جا رشتيدار هيا.
درستگي
[سنواريو]تاريخِ معصومي ۽ تحفته الڪرام ساڳئي دور جون ئي ٻه مسلم تاريخون آهن ۽ جيڪي ڪجهه موقعن تي ساڳين واقعن جون مختلف تفصيلون ڏين ٿيون. نظام الدين احمد، نورالحق، فرشتو ۽ مير معصوم جي بعد وارين مسلم تاريخن عربن جي فتح جو احوال چچ نامي مان حاصل ڪيو آهي. ڪوفي به ڪجهه "واڱڻائي نثر " ڪندي محسوس ڪيو يو آهي هي چڱي طرح عربي مواد جو وڏو حصو ترجمو درستگي سان ڪندڙ جي طور تي مڃيو وڃي ٿو انکان علاوه هن معلومات جا ذيعا به ٻڌايا آهن ته اهي عام ماڻهن جا آهن يا صرف ”روايت“.ان وقت جي تاريخي جاگرافي، سماجي ۽ سياسي واقعن بيان ڪندڙ مواد جي طور تي هن ڪتاب کي مڃتا حاصل آهي. سڪفي خاندان جي قدرتي تعصب تي مشتمل غير درست تحريرون پڻ ڪتاب جو حصو آهن.مرزا قليچ بيگ ھن ڪتاب جو جيڪو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ان لاءِ لکي ٿو: ”قديم سنڌ جي تاريخ، هندو راجائن جي بابت ۽ عربن جي فتح تائين ٽن فارسي ڪتابن ۾ لکيل آهي، چچنامي، تاريخ معصومي ۽ ”تحفة الڪرام“ ۾. پويان ٻه ڪتاب پهرئين تان ورتل هئا ۽ انهن ۾ گهڻو احوال نه هو. تنهنڪري چچ نامي جي پهرين مون انگريزي ۾ ترجمو ڪيو، جو سرڪار ڇاپايو ۽ هاڻي ڪن دوستن جي فرمائش موجب مون سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ته سنڌ جا ماڻهو قديم سنڌ جي تاريخ جو مفصل احوال معلوم ڪن.“ مرزا قليچ بيگ جي ان ترجمي ۾ چچ نامي جو پهريون ڀاڱو آهي، جنهن ۾ فقط چچ جي راڄ تائين احوال ڏنل آهي. هي ڪتاب 60 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز ۾، بليوٽسڪي پريس حيدرآباد مان ڇپيو، ۽ اُن کي سال 1923ع ۾ نئين سنڌ لئبرري وارن ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو تہ: چچ نامي سنڌيءَ جو ٻيو حصو ڪٿي ڇپيو يا نه، ان بابت مون کي معلومات ملي نه سگهي آهي. سال 1923ع ۾ مرزا صاحب ”چچ نامي“ جو سنڌي ترجمو مڪمل ڪيو هو.[7]
انگريزي ترجمو
[سنواريو]چچ نامو انگريزيءَ ۾: جهڙيءَ ريت سنڌ جي تاريخ جو اولين ڪتاب ”چچ نامو“ آهي، ٺيڪ ان ريت مرزا صاحب پڻ سنڌ جي اتهاس تي ڪم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اول هن ڪتاب جو انتخاب ڪيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ اندر راءِ ۽ برهمڻ خاندان جي حڪومت جي احوال سان گڏ عرب فتوحات جو بيان آهي، ابتدا ۾ هيءُ ڪتاب عربي زبان ۾ لکيو ويو، جنهن کي پوءِ سن 1613ھ/1216ع ۾، علي بن حامد ڪوفيءَ فارسي زبان ۾ ترجمو ڪيو. هيءُ فارسي ترجمو ئي پوءِ صدين تائين اهل علم وٽ استعمال ۾ رهيو. ميرن جي دور جي بنهه آخر ڌاري ٽي، پوسٽنس هن ڪتاب جا ڪي حصا انگريزي ۾ ترجمو ڪيا. اُهي حصا سال 1838ع ۾ 1841ع ۾ رايل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال جي جرنل ۾ ڇپيا. سال 1953ع ۾ وري ”چچ نامي“ جا ڪجهه اقتباس ايليٽ انگريزي ۾ اُلٿو ڪيا، ۽ اُنهن کي هندستان جي تاريخ بابت پنهنجي مطالعي جي جلد اول ۾ شايع ڪيو [8] . مرزا قليچ بيگ کي ”چچ نامي“ جي قدامت ۽ اهميت جو ڀرپور احساس هو. ان پس منظر ۾ پاڻ هن سڄي ڪتاب کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. هي ترجمو ڪمشنر پريس ڪراچيءَ ۾ سال 1900ع ۾ ڇپيو، ۽ اُن جو انتساب ڪمشنر سنڌ جيمس صاحب (H.E.M.James) کي ڪيو ويو. هن ڪتاب جو سڄو نالوهن ريت آهي:
The Chachnamah, an
— ancient History of Sindh.
مرزا صاحب جي دوست ۽ سنڌ جي نهايت معروف شخصيت ديوان ڏيارام گدومل ترجمي تي نظرثاني ڪئي ۽ اُن تي هڪ عمدو تعارف لکيو، جيئن ته اُن وقت تائين ”چچ نامي“ جو ڪو ڇاپي ۽ معياري ايڊيشنل موجود نه هو، ان ڪري مرزا صاحب کي اُن جو ترجمو ڪندي ڏاڍي تڪليف پيش آئي. پاڻ لکن ٿا: ”اُن بعد وڏيءَ محنت ۽ ڪشش سان ۽ عربي عالمن جي مدد سان، عبارت جون درستيون ڪيون ويون ۽ جيترو به ٿي سگهي خال ڀريا ويا. اُن بعد مون ڪتاب جو حتي الامڪان لفظ به لفظ ترجمو ڪيو… مون اڪثر حوالا ۽ حاشيا به ڏنا آهن. جي مفيد ثابت ٿيندا. اُن کان علاوه مشترڪه واقعن بابت مون تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام جي بيانن جا اقتباس به ڀيٽ خاطر ڏنا آهن. قرآن مجيد جي آيتن لاءِ رڪوع ۽ سورتن جا حوالا مون سيل (Sale) جي انگريزي ترجمي تان ڏنا آهن ۽ رچرڊ سن جي ٽيبل تان مون هجري سالن جا مسيحي سال به درج ڪيا آهن“. هڪ طرف ”چچ نامي“ جو ڪنهن به زبان ۾ ڇپيل هي پهريون ايڊيشن هو ۽ ٻئي طرف هي انگريزي ٻوليءَ ۾ هو. ان ريت سنڌ جي تاريخ جو هي قديم ترين ماخذ، سنڌ ۽ هند کان علاوه يورپ ۾ پڻ اسان جي تاريخ جي مطالعي ۾ مددگار بڻيو. سال 1938ع ۾ هن ترجمي تان ”چچ نامي“ جو اردو ترجمو ٿيو. هي ترجمو بهاولپور جي محمد حفيظ الرحمان ”حفيظ“ ڪيو [9] . تازي دور ۾ (1980ع ڌاري) مرزا صاحب جي هن انگريزي چچ نامي جا ٻه ايڊيشن نڪتا آهن. هڪ ڇاپو سنڌ ڪلاسڪس ڪراچي ڪڍيو آهي، ليڪن اُن تي طباعت جو سال درج ڪونهي. ٻيو ايڊيشن وين گارڊ لهور اپران 1985ع ۾ نڪتو آهي.[10]
حوالا
[سنواريو]- ↑ فارسي ترجمو علي ڪوفي, سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد. چچ نامو. سنڌي ادبي بورد. 24 June 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "چچ نامه/ چچ نامو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2021-03-26 تي حاصل ڪيل.
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 مبارڪ علي, ڊاڪٽر (2005). Essays On The History of Sindh. لاهور: فڪشن هائوس. ص. 9–12. حوالي جي چڪ: Invalid parameter "<ref" in
<ref>tag. The supported parameters are: dir, follow, group, name. - ↑ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي - ↑ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ريڊيو انٽرويو جو متن؛.ڪتاب جو نالو ؛ مهراڻ 1983ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 34 نمبر 4- 1983ع ڇپيندڙ :سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ {ڊاڪٽر غلام محمد لاکو جو لکيل مضمون:" مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌ جي تاريخ"؛ مھراڻ رسالو سال 2003 ، شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
- ↑ {”فتح نامہء سنڌ عرف ”چچ نامو“، مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص ص 58- 59، ۽ ص 61، سنڌي ادبي بورڊ 1976ع.}
- ↑ {حفيظ الرحمان سنڌ بابت هڪ ٻئي ڪتاب جو به اردو ۾ ترجمو ڪيو. هيڪ تاب هدايت علي تارڪ سنڌ جي شاعرن بابت لکيو هو، جنهن کي حفيظ الرحمان ”تاريخ شعراءِ سنده“ جي نالي سان 1365ھ/1945ع۾ بهاولپور مان شايع ڪيو هو.}
- ↑ {ڊاڪٽر غلام محمد لاکو جو لکيل مضمون " مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌ جي تاريخ"؛ رسالو مھراڻ سال2003, شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- اڻڄاتل پيرا ميٽر سان ڪتاب ڄاڻخانو استعمال ڪندڙ صفحا
- CS1 errors: missing title
- CS1 errors: bare URL
- سانچا
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from January 2025
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- چچ نامو
- عربي ڪتابون
- مشهور ڪتابون
- فارسي ڪتابون
- سنڌ جي تاريخ
- سنڌي ۾ ترجمو ڪيل ادب
- تاريخ اسلام
- تاريخ پاڪستان
- ٻڌمت جي تاريخ
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا