مواد ڏانھن هلو

سنڌ جون ڊويزنون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Divisions of Sindh
قسم First-level administrative body
علائقو  پاڪستان
بنياد  سنڌ
انگ 6 (as of 2024[1])
آبادي Greatest: Karachi —20,382,881 (2023 census)
Least: Mirpur Khas —4,619,624 (2017 census)[2]
ايراضي Largest: Hyderabad — 33٬527 km2 (12٬945 sq mi)
Smallest: Karachi —3٬528 km2 (1٬362 sq mi)
حڪومت Division Administration
ذيلي تقسيم Districts
Tehsils
Union councils


پاڪستان جو صوبو سنڌ انتظامي طور ڇھ ڊويزنن ۾ ورهايل آهي[3]، جڏھن ته ستين ڀنڀور ڊويزن ٺلھو اعلان تائين محدود رھي[3]، جيڪا ڳاڻيٽي۾ نٿي آڻي سگھجي. هن صوبي ۾ هيٺيون ڊويزنون آهن. ڊويزن واري ورھاست جي شروعات برٽش انڊيا واري دؤر ۾ ڪئي وئي ھئي. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ 1956 م اولھ پاڪستان کي ھڪ صوبي جو درجو ڏئي 1970 تائين ان روپ م برقرار رکيو ويو ۽ سموري سنڌ ان جو ھڪ حصو ھئي. ان وقت شروع ۾ ڪراچي وفاق جي حوالي ھيو ۽ سنڌ واري ھاڻوڪي علائقي کي ٻن ڊويزنن ۾ ورھايو ويو هو جن جا نالا حيدرآباد ڊويزن ۽ خيرپور ڊويزن ھيا. ڪراچي جي واپسي بعد ڪراچي ڊويزن قائم ٿي. 1970 م ون يونٽ جي انت کان پوءِ موجوده سنڌ جي بحال ٿيڻ بعد خيرپور ڊويزن ختم ڪري سکر ڊويزن قائم ڪئي وئي ۽ ميرپورخاص ڊويزن جو پڻ قيام ٿيو. بعد ۾ لاڙڪاڻو ڊويزن، نوابشاھ ڊويزن ۽ ڀنڀور ڊويزن قائم ڪيون ويون. نوابشاھ ڊويزن جو نالو تبديل ڪري شھيد بينظيرآباد ڊويزن رکيو ويو. آگسٽ 2000 ۾ ڊويزن سسٽم ختم ڪري لوڪل گورنمينٽ جي ضلعي سرشتو قائم ڪري ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر آفيسرن جي پوسٽ ٺاھي وئي ۽ ڊويزن سطح تي عملدارن جا عھدا ختم ڪيا ويا پر 2008 م ڊويزن سطح تي انتظامي ورهاست بحال ڪئي وئي.

سنڌ صوبي جون ڊويزنون
ڊويزن ضلعا صدر مقام
1ڪراچي ڊويزن7ڪراچي
2ڀنڀور ڊويزن ڇڙو اعلان تائين3مڪلي
3حيدرآباد ڊويزن6حيدرآباد
4ميرپور خاص ڊويزن3ميرپور خاص
5سکر ڊويزن3سکر
6لاڙڪاڻو ڊويزن5لاڙڪاڻو
7شهيد بينظيرآباد ڊويزن3نوابشاھ
ڪل ضلعا30

حوالا

[سنواريو]
  1. "Clearing the Confusion: Is Bhambhore Sindh's Seventh Division?", mcqtimes.com, حاصل ڪيل 21 مئي 2024۔
  2. https://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/population/2023/Sindh.pdfaccess-date=2024-05-21۔ خالي يا غائب |title= (مدد)
  3. 1 2 "Clearing the Confusion: Is Bhambhore Sindh's Seventh Division?", MCQtimes.Com (en-US ٻولي ۾), حاصل ڪيل 27 مئي 2024۔