سنڌ جون ڊويزنون
| Divisions of Sindh | |
|---|---|
| قسم | First-level administrative body |
| علائقو | |
| بنياد | |
| انگ | 6 (as of 2024[1]) |
| آبادي | Greatest: Karachi —20,382,881 (2023 census) Least: Mirpur Khas —4,619,624 (2017 census)[2] |
| ايراضي | Largest: Hyderabad — 33٬527 km2 (12٬945 sq mi) Smallest: Karachi —3٬528 km2 (1٬362 sq mi) |
| حڪومت | Division Administration |
| ذيلي تقسيم | Districts Tehsils Union councils |
پاڪستان جو صوبو سنڌ انتظامي طور ڇھ ڊويزنن ۾ ورهايل آهي[3]، جڏھن ته ستين ڀنڀور ڊويزن ٺلھو اعلان تائين محدود رھي[3]، جيڪا ڳاڻيٽي۾ نٿي آڻي سگھجي. هن صوبي ۾ هيٺيون ڊويزنون آهن. ڊويزن واري ورھاست جي شروعات برٽش انڊيا واري دؤر ۾ ڪئي وئي ھئي. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ 1956 م اولھ پاڪستان کي ھڪ صوبي جو درجو ڏئي 1970 تائين ان روپ م برقرار رکيو ويو ۽ سموري سنڌ ان جو ھڪ حصو ھئي. ان وقت شروع ۾ ڪراچي وفاق جي حوالي ھيو ۽ سنڌ واري ھاڻوڪي علائقي کي ٻن ڊويزنن ۾ ورھايو ويو هو جن جا نالا حيدرآباد ڊويزن ۽ خيرپور ڊويزن ھيا. ڪراچي جي واپسي بعد ڪراچي ڊويزن قائم ٿي. 1970 م ون يونٽ جي انت کان پوءِ موجوده سنڌ جي بحال ٿيڻ بعد خيرپور ڊويزن ختم ڪري سکر ڊويزن قائم ڪئي وئي ۽ ميرپورخاص ڊويزن جو پڻ قيام ٿيو. بعد ۾ لاڙڪاڻو ڊويزن، نوابشاھ ڊويزن ۽ ڀنڀور ڊويزن قائم ڪيون ويون. نوابشاھ ڊويزن جو نالو تبديل ڪري شھيد بينظيرآباد ڊويزن رکيو ويو. آگسٽ 2000 ۾ ڊويزن سسٽم ختم ڪري لوڪل گورنمينٽ جي ضلعي سرشتو قائم ڪري ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر آفيسرن جي پوسٽ ٺاھي وئي ۽ ڊويزن سطح تي عملدارن جا عھدا ختم ڪيا ويا پر 2008 م ڊويزن سطح تي انتظامي ورهاست بحال ڪئي وئي.
| ڊويزن | ضلعا | صدر مقام | |
|---|---|---|---|
| 1 | ڪراچي ڊويزن | 7 | ڪراچي |
| 2 | ڀنڀور ڊويزن ڇڙو اعلان تائين | 3 | مڪلي |
| 3 | حيدرآباد ڊويزن | 6 | حيدرآباد |
| 4 | ميرپور خاص ڊويزن | 3 | ميرپور خاص |
| 5 | سکر ڊويزن | 3 | سکر |
| 6 | لاڙڪاڻو ڊويزن | 5 | لاڙڪاڻو |
| 7 | شهيد بينظيرآباد ڊويزن | 3 | نوابشاھ |
| ڪل ضلعا | 30 |
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Clearing the Confusion: Is Bhambhore Sindh's Seventh Division?", mcqtimes.com, حاصل ڪيل 21 مئي 2024۔
- ↑ https://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/population/2023/Sindh.pdfaccess-date=2024-05-21۔ خالي يا غائب
|title=(مدد) - ↑ 3.0 3.1 "Clearing the Confusion: Is Bhambhore Sindh's Seventh Division?", MCQtimes.Com (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 27 مئي 2024۔