سرائيڪي ٻولي
سرائڪي | |
---|---|
سرائیکی | |
Saraiki in Shahmukhi script (Nastaʿlīq style) | |
ٻولي جو وطن | Pakistan |
خطو | ڏکڻ پنجاب |
نسل | سرائڪي |
ٻولي ڳالهائيندڙ |
20 million (2013)[1] |
لھجو | *Multani |
Perso-Arabic (Saraiki alphabet) | |
سرڪاري حيثيت | |
ريگيوليٽر | No official regulation |
ٻولي جا ڪوڊ | |
ISO 639-3 | skr |
گلوٽولوگ | sera1259 |
سرائيڪي يا سرائڪي ٻولي: Saraiki(سرائیکی Sarā'īkī, also spelt Siraiki, or less often Seraiki) ھڪ انڊو آرين ٻولي آهي جيڪا پاڪستان جي ڏکڻ پنجاب ۾ ڪثرت سان ڳالھائي ويندي آھي. .ھن ٻولي جي ڳالھائيندڙن ۽ اسٽينڊرڊ پنجابي ٻولي جي ڳالھائيندڙن لاء ٻئي ٻوليون باھمي طور تي ھڪٻئي لاء سمجھ ۾ ايندڙ ٻوليون آھن.[3] سرائيڪي پاڪستان جي ٻہ ڪروڙ ماڻهن جي مادري زبان آهي[1][lower-alpha 1]
سرائڪي ٻولي (Siraaiki bboli) معنا سنڌ توڙي سنڌو نديءَ جي سري يعني مٿئين ڀاڱي جي ٻولي، سنڌ جو سرو يا اتر وارو ڀاڱو. سنڌ ۾ جت گهڻو ڪري سرائيڪي ڳالهائيندا آهن، تنهنڪري اها جتڪي به سڏجي ٿي. [4]
سرائڪي ۽ اُڀي جي ٻولي
[سنواريو]’لهندو‘لفظ اصل ۾ آهي’اُلهندو‘۽ خاص طرح معنيٰ اٿس ’پنجاب جو الهندو طرف‘، ۽ اتي جي ٻولي ’لهندا‘ يعني پنجاب جي الهندي طرف جي ٻولي سڏجي ٿي. اها ملتان ڏي ملتاني، بهاولپور ڏي بهاولپوري، ۽ سنڌ ۾ سرائڪي سڏجي ٿي.
سرائڪيءَ جو ٻيو نمونو آهي ’اُڀي جي ٻولي‘ (Ubhay jee bboli). پنجاب جو ڏاکڻون ڀاڱو، بهاولپور جي حد کان وٺي سنڌ جي اتر واري ڀاڱي (اُٻاوڙي ۽ گهوٽڪيءَ طرف) تائين.’اُڀو‘ سڏجي ٿو.’اُڀو‘ معنيٰ مٿيون پاسو(درياءَ جي وهڪ جو). ان جو ضد آهي ’لمو‘ معنيٰ ڏاکڻو يا هيٺاهون ڀاڱو. اُڀي جي ٻولي اُٻاوڙي، گهوٽڪي ۽ ميرپورماٿيلي طرف چالو آهي، جتي اٽڪل ڏهه هزار ٻروچ ڪن ڪسابن کان بهاولپور کان لڏي اچي رهيا آهن. [5] اها اُڀي جي ٻولي سرائڪيءَ کانٿوري ڦريل آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڀاڳناري ۽ جيڪب آباد ۽ شڪارپور طرف جا ڀاڳي، ناريوال، ڇاٽي، روپاهي ۽ ٻيا ڪيترا هندو، جي اصل قلات طرفان آيا آهن، سي اڄ تائين زالين مڙسين، ٻارين ٻچين، سرائڪي ۽ سنڌي ٻيئي ٻوليون ڳالهائيندا آهن. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ جملي هڪ لک کن ماڻهو سرائڪي ۽ اُڀي جي ٻولي ڳالهائين ٿا. [6]
سرائڪيءَ ۽ اُڀي جي ٻوليءَ جو جگري ناتو پنجاب جي ’لهندا‘ ٻوليءَ سان آهي، اهي سڀ داردڪ بنياد جون آهن ۽ پئشاچ لوڪن جي پئشاچي پراڪرت مان پيدا ٿيل آهن، تنهن ڪري اسان جي سنڌي ٻوليءَ سان جگري ناتو ڪو نه اٿن. پر ’لهندا‘ ۽ ’سنڌي‘ ٻئي هندستان جي بنهه اتر اولهه طرف چالو آهن. [7]
سرائيڪي ۽ سنڌي ٻولي ۾ هڪجهڙايون سنڌيءَ ۾ ٻه، ڄ، ڏ ۽ ڳ اهي چار نج سنڌي اکر ليکيا وڃن ٿا. انهن مان ڪو به اکر جنهن لفظ ۾ ايندو آهي سو نج سنڌي ليکيو ويندو آهي. مثلاً: ڄڃ، ٻڌڻ، ڏيڻ، ڳڱ. اهي چارئي اکر نڪي سنسڪرت ۾ نڪي ڪنهن پراڪرت ٻوليءَ ۾ آهن. ته پوءِ اسان ڪٿان آندا؟ پڌرو پيو آهي، ته سرائڪي ڳالهائيندڙن سان نهايت قديم زماني کان وٺي، ويندي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبين تائين، گهڻو لڙهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري کانئن سکيا آهيون. سرائڪي ۾ چارئي اکر آهن. مثلاً:
دم دم سان ڏي دل تي سڄڻان ديان ڳالهيان، ڏاڍا فــــراق لــڳــــڙا، بــرهه باهــيــان ٻــالـيــــان. (بيڪس)
هتي ڏسو ته ’ٻاليان‘ ۾’ٻ‘، سڄڻان‘ ۾ ’ڄ‘ ’اسان ڏي ۽ ڏاڍي‘ لفظن ۾ ’ڏ‘ ۽ ’ڳالهيان‘ ۾ ’ڳ‘ آهي. ٻيا مثال: هندي سرائڪي سنڌي دينا ڏيوڻ ڏيڻ دانت ڏند ڏند ديکنا ڏيکڻ ڏسڻ
اهڙا به ڪيترا مثال آهن جن ۾ ’ڙ‘ بدران سنڌي توڙي سرائڪيءَ ۾’ڏ‘ جو اُچار آهي. مثلاً: هندي لفظن ’گاڙي‘ ۽ ڪؤڙي بدران سرائڪيءَ توڙي سنڌيءَ ۾ چون ’گاڏي‘ ۽ ’ڪوڏي‘. سرائڪي ڳالهائيندڙ انهيءَ ريت ’ر‘ کي به مٽي ’ڏ‘ ڪندا آهن. مثلاً: هندستاني ’ميرا‘ ۽ ’تيرا‘ بدران چون ’ميڏا‘ ۽ ’تيڏا‘. هن مان ظاهر آهي، ته اها عادت سرائڪيءَ ۾ زور آهي. ديري اسماعيل خان پاسي به ’د‘ بدران ’ڏ‘ چوندا آهن. مثلاً: دادا، دال ۽ دو بدران چون ڏاڏا، ڏال ۽ ڏون معنيٰ ٻه. اهو ساڳو نمونو ملتاني، سرائڪي ۽ سنڌيءَ ۾ به آهي:
’ڏينهن مڙيئي ڏون،اُٿي لوچ لطيف چوي‘ (شاهه). [7]
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 Lewis، Simons & Fennig 2016.
- ↑ "Western Panjabi". Ethnologue. حاصل ڪيل 21 July 2016.
- ↑ Rahman 1995, p. 16; Shackle 2014b
- ↑ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ
- ↑ لنگئسٽڪ سروي، جلد 8، ڀاڱو1: صفحو 360
- ↑ لنگئسٽڪ سروي جلد 8، ڀاڱو 1، صفحو 5
- ↑ 7.0 7.1 Sindhi Adabi Board Online Library (Lasaniyat)
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref>
آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/>
نہ مليو