ذوالفقار هيسباڻي
ذوالفقار هيسباڻي(انگريزي:Zulfiqar Hisbani) سنڌي ٻولي جو شاعر، ڊراما نگار ۽ براڊ ڪاسٽر آهي.
زندگي جو احوال
[سنواريو]ذوالفقار علي هيسباڻي ولد در محمد هيسباڻي 25 آڪٽوبر 1961ع تي سنڌ جي دادو ضلعو جي ميهڙ تعلقو جي ميهڙ شهر ۾ پيدا ٿيو.[1]
تعليم
[سنواريو]هن پرائيمري کان ڪاليج سطح جي تعليم ميهڙ ۾ حاصل ڪئي. هن ايم اي سنڌي ادب ۽ ٻي ايڊ جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيون. ايل ايل بي جي ڊگري حيدرآباد لا ڪاليج مان حاصل ڪئي.[1]
ادبي خدمتون
[سنواريو]هن ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ ٻاروتڻ ۾ قدم رکيو ۽ سنڌي فلم جي مشهور مزاحيه اداڪار شيخ سنڌي سان گڏ 1968ع ۾ ڪم ڪيو. هن 1973ع لان شاعري سان گڏ اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي ڊراما پڻ لکڻ شروع ڪيا جيڪي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽پي ٽي وي ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا. سنڌ ۾ مختلف شهرن ۾ پنهنجا لکيل اسٽيج ڊراما پيش ڪيا جن ۾ هن اداڪاري به ڪئي. 1974ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان ڪمپيئر طور سلهاڙيل آهي. کيس مڃتا طور ايوراڊ پڻ مليل آهن.[1][2][3][4]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 "Poets and writers". Aziz Kingrani (انگريزي ۾). 2014-12-17. 2020-01-06 تي حاصل ڪيل.
- ↑ www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta//images/2017/April/02-04-2017/Page9/P9-15.htm. 2020-01-06 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. 2020-01-06 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "ٻڌي پٿر پيٽ کي تاڻيان ٿو، تڏهن ڪتاب آڻيان ٿو". روزاني مھراڻ (اردو ۾). 2020-01-06 تي حاصل ڪيل.