ذوالفقار هيسباڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ذوالفقار هيسباڻي

ذوالفقار هيسباڻي(انگريزي:Zulfiqar Hisbani) سنڌي ٻولي جو شاعر، ڊراما نگار ۽ براڊ ڪاسٽر آهي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

ذوالفقار علي هيسباڻي ولد در محمد هيسباڻي 25 آڪٽوبر 1961ع تي سنڌ جي دادو ضلعو جي ميهڙ تعلقو جي ميهڙ شهر ۾ پيدا ٿيو.[1]

تعليم[سنواريو]

هن پرائيمري کان ڪاليج سطح جي تعليم ميهڙ ۾ حاصل ڪئي. هن ايم اي سنڌي ادب ۽ ٻي ايڊ جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيون. ايل ايل بي جي ڊگري حيدرآباد لا ڪاليج مان حاصل ڪئي.[1]

ادبي خدمتون[سنواريو]

هن ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ ٻاروتڻ ۾ قدم رکيو ۽ سنڌي فلم جي مشهور مزاحيه اداڪار شيخ سنڌي سان گڏ 1968ع ۾ ڪم ڪيو. هن 1973ع لان شاعري سان گڏ اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي ڊراما پڻ لکڻ شروع ڪيا جيڪي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽پي ٽي وي ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا. سنڌ ۾ مختلف شهرن ۾ پنهنجا لکيل اسٽيج ڊراما پيش ڪيا جن ۾ هن اداڪاري به ڪئي. 1974ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان ڪمپيئر طور سلهاڙيل آهي. کيس مڃتا طور ايوراڊ پڻ مليل آهن.[1][2][3][4]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-01-06. 
  2. www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta//images/2017/April/02-04-2017/Page9/P9-15.htm. حاصل ڪيل 2020-01-06.  Missing or empty |title= (مدد)
  3. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-01-06. 
  4. "ٻڌي پٿر پيٽ کي تاڻيان ٿو، تڏهن ڪتاب آڻيان ٿو". روزاني مھراڻ (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-01-06.