حڪيم اعجاز حسين چانڊيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مترجم ۽ مضمون نگار حڪيم اعجاز حسين چانڊيو 5 آگسٽ 1970ع تي حڪيم عبدالحميد خان چانڊئي جي گهر ۾ ماڏي (تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ) ۾ جنم ورتو. ايم. اي، F.T.J ۽ B.U.M.S جون ڊگريون ورتل اٿس. هي پيشي جي لحاظ کان حڪيم آهي. اعجاز حسين چانڊيو سٺو ليکڪ به آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: طب يوناني ۽ جديد ميڊيڪل سائنس (2003ع)، تحفا طبيبن جا (2005ع)، پامسٽريءَ جا راز (2005ع)، نهج البلاغه (ترجمو 2006ع)، پهرا شناسي (2006ع)، بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه صوفي القادري ترتيب:2006ع)، ديوان دادن (ترتيب: 2006ع) شامل آهن. هو ماڏي شهر ضلعي دادو ۾ رهي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "اعجاز حسين چانڊيو حڪيم : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-02.