شراب
شراب:
نالا: ع. خمر، ف. مٽي، هه. وغيره___ شراب، شادر، اسقنطه ۽ اثاطون.
ڊاک، کارڪن، ڇوڏن يا ڪن ٻين دوائن مان هڪ خاص نموني تي عرق حاصل ڪبو آهي، جيڪو پاڻيءَ وانگر پٽڙو ۽ نشيدار ٿئي ٿو.
طب[سنواريو]
خاصيت: دماغ جي حواسن کي سست ڪري ٿو، رت چڱو پيدا ڪندڙ آهي. قوت باهه کي وڌائي ٿو. وزن کان وڌيڪ استعمال رت کي ساڙي، عقل ۽ ذهن کي وڃائي ڇڏي ٿو. هن جو دوا طور استعمال دمڪشي، کنگهه ۽ ڦڦڙن جي بيمارين کي فائدو ڪري ٿو..[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو