حبيب ساجد
حبيب ساجد Habib Sajid | |
---|---|
پيدائش | ڳوٺ گل محمد بلوچ، ڪنگري تعلقو، خيرپور ضلعو، سنڌ، پاڪستان |
ڌنڌو | ، شاعر،ليکڪ، ريلوي ملازم |
ٻولي | سنڌي |
رهائش | ماڪا ڳوٺ، سکر |
قوميت | پاڪستاني |
تعليم | ايم. ايس سي، آرڪيالاجي |
مادرِ علمي | شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور |
دور | هاڻوڪو |
موضوع | شاعري ،نثر |
حبيب ساجد (انگريزي:Habib Sajid) سنڌي ٻوليءَ جو شاعر، ليکڪ ۽ سنڌيڪار آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.
زندگي جو احوال
[سنواريو]حبيب ساجد جو پورو نالو حبيب الله پٽ رحمت الله کورکاڻي آهي. سندس جنم 25 ڊسمبر 1968ع تي ڳوٺ گل محمد بلوچ، خيرپور ضلعو ۾ ٿيو. ان کان پوءِ ماڪا ڳوٺ سکر ۾ رهائش پذير اختيار ڪيائين.[1]
تعليم
[سنواريو]ڪچو پهريون ڳوٺ مان ۽ وڌيڪ ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول لقمان، خيرپورميرس مان 1980ع ۾ پرايائين، ثانوي تعليم ڪجهه عرصو ناز پائلٽ هاءِ اسڪول خيرپور مان پڙهي، ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول پريالوءِ مان 1984ع ۾ڪيائين. ايم. ايس سي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان آثار قديمه (آرڪيالاجي) جي مضمون ۾ 1994ع ۾ڪيائين.
ادبي سفر
[سنواريو]حبيب ساجد شاعريءَ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. سندس شاعريءَ ۽ مضمون ماهوار ڪينجهر ٽماهي مهراڻ نئين زندگيءَ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هن ڪيترو عرصو ماهوار ڪينجهر ۾ ’ڪافڪا جي ڊائريءَ‘ ۽ ’فهميده شرف بلوچ ڏي لکيل خط‘ جي سري هيٺ سلسلو هلايو. سن 2000 ۾ هن فهميده شرف بلوڇ سان هڪ سنڌي رسالو ”خواب" پڻ جاري ڪيو، ان کان علاوه هن سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ هڪ ادبي ويب سائيٽ ”سنڌويب" پڻ ٺاهي هئي. جنهن ۾ مختلف سنڌي اديبن جي خاڪن، مضمونن ۽ تصويرن سميت گهڻو ڪجهه ڏنو ويو هئو. حبيب کي فوٽوگرافيءَ سان به ڪافي چاهه آهي.[2][3][4][5]
ڪتاب
[سنواريو]حبيب ساجد جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:
- (1) ’تنهنجي وئي کانپوءِ‘ (شاعري: علي عابد ۽ ابراهيم کرل سان گڏ: 1995ع)[6]
- (2) ’چونڊ نوبل ڪهاڻيون‘ (ترجمو: ممتاز بخاريءَ سان گڏ: 1996ع)
- ان کان سواءِ هن پئبلو نرودا، امارو ۽ شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ تي ’چنڊ، سمنڊ ۽ خواب‘ عنوان سان ڪتاب ترتيب ڏنو آهي.
- نٺري نظمن جو ڪتاب "پرين گهاٽ" تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي.
ملازمت
[سنواريو]حبيب ساجد ريلوي کاتي ۾ ٽرين انچارج جي نوڪري ڪري رهيو آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "اڄوڪو ڏينهن 25 ڊسمبر تاريخ جي دري مان". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-04-21.
- ↑ آءُ اسان وٽ ويههُ. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=17244&BookTitle=Aau-Asaan-Wat-Wehu.
- ↑ "ڳاڙهي جهنڊي ريل بيهاري! -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-21.
- ↑ onlineindus.com https://onlineindus.com/sindhi/75463. حاصل ڪيل 2020-04-21. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-04-21.
- ↑ "تـنهنجي وئي کان پوءِ (حبيب ساجد / ابراھيم کرل/ علي عابد) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-04-21.