فهميده شرف بلوچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فهميده شرف بلوچ [1] شاعر آهي,، هيءَ سنڌي ۾ شاعري ڪندي آهي.[1][2]



ذاتي زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

فهميدا ذات جاگيراڻي جي آهي[3]. هن 07 اپريل 1980ع ۾، پير جو ڳوٺ، ضلع خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.[1] سندس تعليم ايم اي سنڌي آهي. هن وقت ڪراچي ۾ نوڪري ڪري رهي آهي.

لکڻيون[سنواريو]

سندس شاعريءَ جو ڪتاب “اُماس راتيون، اُداس رستا”، آهي.[4]

شاعري[سنواريو]

فهميده شرف بلوچ جي شاعريءَ واري ڪتاب ۾، غزل[5]، وايون، گيت، بيت، ترائيل، ڏيڍ سٽا، نظم، آزاد نظم ۽ چَوسٽا شامل آهن. جيڪي انساني اُمنگن، آدرشن، مُحبتن، نفرتن ۽ اذيتن جا اُهڃاڻ معلوم ٿين ٿا. “شوخ چنچل زندگي خاموش آ، درد جي هر انتها ڀوڳيون پيا. من کي ڪاٿي ٿو ملي هاڻي سُڪون؟ اذيتون بي ساختا ڀوڳيون پيا”. ڪتاب “اُماس راتيون اُداس رستا” جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته “هڪ سُهڻي آهي، جيڪا سماج جي، سُورن جِي سِير ۾، گھاگھائي گھڙي پيئي آهي. جنهن جي ڄنگھ ڄرڪي وات ۾ ۽ سِسِيءَ کي، سُورن جا سوين سَو سَينسار چنبڙيل آهن. لکين چُهٽيس لوهڙيون، ٿيليون ٿڻنيون ڌار، مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سُهڻي”.


سماجي خدمتون[سنواريو]

هيءَ سماجي خدمت پڻ ڪندي آهي.


حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 "فهميده شرف بلوچ: شخصيت ۽ شاعري". روزاني مھراڻ (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-04-01. 
  2. "مرڪندڙ مک واري اداس شاعره فهميده شرف بلوچ". Epaper Daily Sindhi News روزاني ڌيان طلب حيدرآباد (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-04-02. 
  3. "فهميده شرف بلوچ : خواب ۽ خوشبوءِ جھڙي شاعره". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-04-02. 
  4. "Books Written by Fahmida Sharaf Baloch – Punjnud.com". www.punjnud.com. حاصل ڪيل 2020-04-02. 
  5. Says, حبيب ساجد. "غزل.........فهميده شرف بلوچ -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-02.