جين جيڪس روسو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
جين جيڪس روسو
روسو جو پورٽريٽ جيڪو مؤرس ڪئينٽن 1753 ۾ ٺاھيو
پيدائش 28 جون 1712(1712-06-28)
جنيوا،ريپبلڪ آف جنيوا
وفات 2 جُولاءِ 1778 (عمر 66 سال)
ايرمينون ويل, فرانس
عهد ارڙھين صديءَ جو فلسفو
(شروع وارو جديد فلسفو)
علائقو مغربي فلسفو
مڪتبه فڪر سماجي معاھدو
رومانويت
شعبه عمل
سياسي فلسفو, موسيقي, تعليم, ادب, آتم ڪٿا
اهم نظريا
عام مرضي , amour de soi, amour-propre, انسان جي اخلاقي سادگي, ٻار پسندي جي سکيا , ديواني مذھب, پسنديده اقتدار اعلیٰ, مثبت آزادي , عوام جي راء
Signature


جـيـن جـيـڪس روسـو يا ژان ژاڪ روسو (انگريزي: Jean Jacques Rousseau) مشهور فلاسافر ۽ ’فرانس جي انقلابي ابي‘ جي خطاب سان نوازيل، هن فلسفيءَ جو جنم، 28 جون 1712ع ڌاري سوئٽزرلينڊ جي هڪ آزاد ۽ خودمختيار شهر جنيوا (Geneva) ۾ ٿيو[1].

خانداني پس منظر[سنواريو]

سندس ابا ڏاڏا اصل فرانس جا ويٺل، عيسائي مذهب جي پروٽيسٽنٽ فرقي جا هئا، ۽ پنهنجي اعتقادن سبب ئي فرانس مان تڙجي جنيوا شهر ۾ هجرت ڪري اچي ويٺا. جين جيڪس روسو جي والد جو نالو آئزڪ روسو ۽ ماءُ جو نالو سوزن برنارڊ هو. سندس پيءُ جو موروثي ڌنڌو گهڙي سازيءَ جو هو، ۽ سندس ماءُ هڪ وزير جي ڌيءَ هئي.[1]

گھر جتي روسو پيدا ٿيو ھن وقت نمبر 40 ، گرينڊ - رو، جنيوا ۾ واقع آهي

پنهنجي والدين جي ننڍپڻ جي باهمي سڪ ۽ پيار جو داستان ۽ عشق و محبت جي شاديءَ جو احوال روسو، پنهنجي ڪتاب ’اعتراف نامي‘ (Confessions) جي اوائلي صفحن ۾ نهايت دل آويز نموني ۾ بيان ڪيو آهي. هن ڄاڻايو آهي ته سندس ماءُ کيس جنم ڏئي جڏهن اوچتو وفات ڪري وئي، تڏهن باقي سموري عمر سندس پيءُ انهيءَ ناگهاني فراق جي صدمي جو ذميوار کيس (جين جيڪس روسو کي) سمجهندو هو. روسو اڃا ڏهن سالن جو هو ته سندس والد کي به ابن ڏاڏن وانگر ملڪ نيڪالي ڏني وئي، خود روسو کي به 16 سالن جي عمر ۾ 1728ع ڌاري جنيوا ڇڏڻي پئي[1].روسو کي پنھنجي جنيوا سان تعلق تي فخر ھوندو ھو جتي ھن جي وچولي طبقي جي خاندان کي ووٽ جو حق پڻ ميسر ھيو. پنھنجي سموري زندگيءَ م ھن ڪتابن تي صحيح ڪرڻ وقت پنھنجي نالي سان گڏ لفظ جينيوا جو شھري پڻ لکندو رهيو.[2]

روسو جو جنم ۽ ننڍپڻ[سنواريو]

روسو جو جنم 28 جون 1712 ۾ ٿيو. پاڻ ذڪر ڪيو ھئائين تہ ڄمڻ وقت تمام ڪمزور ھيو لڳ ڀڳ مرڻ جھڙو ھيو ۽ سندس بچڻ جي اميد ڪانہ ھئي[3]. تاريخ 4 جولاء 1712 تي ھن جي بپتسما جي رسم شھر جي وڏي ڪيٿيڊرل ۾ ڪئي وئي.[3] ھن جي ڄمڻ کان 9 ڏينھن بعد سندس ماءُ وفات ڪري وئي جنھن لاء ھن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي تہ اھا سندس زندگيءَ جي پھرين بدقسمتي ھئي.[3] ھن جي ۽ سندس وڏي ڀاءُ فرينڪوئس جي پرورش پيء ۽ پڦيءَ ڪئي جنھن جو نالو بہ سوزئن ھيو. روسو جڏهن پنجن سالن جو ٿيو تہ سندس پيءُ گھر وڪڻي پئسا بينڪ م رکيا تہ جيئن ان جي وياج مان روسو ۽ سندس ڀاءُ جو گذر سفر ٿئي ۽ جڏهن وڏا ٿين تہ بينڪ واري رقم ورثي طور وصول ڪن. اھو گھر سندن ماءُ کي پيڪن کان مليو ھو

ليس شارميٽس، جتي روسو پنھنجي وڏي ڀاءُ سان گڏ 1735 ۽ 1736 ۾ رھيو. اھو ھاڻي ھڪ ميوزيم آهي

مفڪر جي ابتدا[سنواريو]

سندس پيءُ واچون ٺاهيندو هو ۽ واندڪائيءَ جي وقت ناچ سيکاريندو هو، پوءِ به گذارو ڏاڍو ڏکيو هوس. روسو اڃا کير پياڪ ٻار ئي هو ته سندس ماءُ جو موت ٿي ويو، ان ڪري هن جي پرورش سندس چاچي ڪئي. ٻارهنِ سالن جي عمر ۾ هن تعليم ڇڏي ڏني ۽ روزي ڪمائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، پر ڪنهن به ڪم ۾ دل نه لڳس. سورهنِ سالن جي عمر ۾ جنيوا کان سوائي هليو ويو پر گذر جي تنگيءَ اتي به پُٺ نه ڇڏيس، ته مجبورن هڪ ڪيٿولڪ پادريءَ وٽ پهتو ۽ کيس چيو ته مان پروٽسٽنٽ هيس پر هاڻي رومن ڪيٿولڪ ٿيڻ چاهيان ٿو. پادريءَ هن جي ڏاڍي آجيان ڪئي ۽ روسو جا ڏينهن آرام سان گذرڻ لڳا. ڪجهه وقت کان پوءِ پادرين کي جڏهن خبر پئي ته مذهب جي تبديلي حقيقت ۾ هڪ مڪر هو ته هنن روسو کي خانقاه مان ڪڍي ٻاهر ڪيو. ان وقت روسو جي کيسي ۾ ڪل ويهه فرانڪ هئا[4].

جنيوا ۾ روسو جو مجسمو

روسو جو دلي لاڙو اُستاد ٿيڻ طرف هو. 1735ع ۾ جڏهون 23 سالن جو هو ته پيءُ کي خط لکي اهڙو اظهار ڪيائين. 1740ع کان 1741ع تائين ليان (Lyon) شهر ۾ ۽ ان بعد 1743ع ۾ پئرس ۾ اُستاد ٿيو، پر ان تجربي مان کيس ڪا نمايان ڪاميابي حاصل نه ٿي. ان هوندي به هن 1740ع ۾ پنهنجا تعليمي خيال هڪ تجويز جي صورت ۾ قلمبند ڪيا، جن ۾ سندس ڪتاب ’ايميليءَ‘ ۾ 20 سال پوءِ، هن جيڪي تعليمي اصول 50 ورهين جي ڄمار ۾ ويهي بيان ڪيا، تن جي صاف جهلڪ نظر اچي ٿي[1].خانقاه مان نيڪاليءَ کان پوءِ روسو مادام دُو واسيلي وٽ رهيو پر ان ڪرم فرما عورت به ٽن مهينن کان پوءِ لاڏاڻو ڪيو، ته قسمت روسو کي مادام وارنس جي پاسي ۾ آڻي ويهاريو. مادام وارنس مالدار عورت هئي، ان ڪري روسو نوَ ڏهه سال ان جي ساٿ ۾ ڏاڍي آرام سان گذاريا. ان کان پوءِ آوارگيءَ جو دؤر آيو ۽ روسو شهر شهر رلندو رهيو. 1743ع ۾ هڪ عورت جي معرفت وينس ۾ فرانسي سفير جو سيڪريٽري (منشي) ٿي ويو. اهو سفير ڏاڍو سُست ۽ ڪنجوس هو. سندس سڄي ڪم جو بار روسو تي هو، پر پگهار وقت هو بهانا پيو گهڙيندو هو. آخر تنگ ٿي روسو پيرس هليو آيو. پيرس ۾ روسو جي ملاقات هڪ عورت سان ٿي جيڪا ان هوٽل ۾ نوڪرياڻي هئي، جنهن ۾ روسو رهندو هو. روسو پنهنجي باقي عمر ان عورت سان گڏ گذاري جيتوڻيڪ اها عورت ڏاڍي بدصورت ۽ لالچي هئي ۽ لکڻ پڙهڻ به ڪو نه ڄاڻيندي هئي. ان عورت مان روسو کي پنج ٻار ٿيا.[4] 1749ع جي اونهاري جي موسم ۾ هن جي زندگيءَ ۾ هڪ غير معمولي واقعو پيش آيو، جنهن سندس زندگيءَ جي ڪايا پلٽي ڇڏي. روسو هڪ دوست ڊڊرٽ (Didort) سان ملاقات لاءِ گهران پنڌ نڪتو، جيڪو لاڪ اپ ۾ بند هو. واٽ تي هڪ رسالي جا ورق ورائيندي هن جي نظر ’ڊجون جي درسگاهه‘ (Academy of Dijon) طرفان ڇپيل هڪ اشتهار تي پئي، جنهن ۾ هيٺئين موضوع تي بهترين مضمون لکڻ واري کي انعام جي آڇ ڪئي وئي هئي[1]: "?Whether or not the Arts and Sciences were beneficial to human society or not" ڇا علم ۽ فن انساني سماج لاءِ فائديمند آهن؟[1]هن وقت تائين روسو جي زندگي عشق ۽ عاشقي ۽ رول ۾ گذري هئي ۽ ڪنهن کي به شڪ ڪو نه هو ته ان جذباتي ماڻهوءَ ۾ سوچ سمجهه جي صلاحيت به آهي. 1750ع ۾ ”اڪيڊمي آف دي جان“ هڪ انعامي مقالي جو اعلان ڪيو.[4]روسو پنهنجي مضمون ۾ علمن ۽ فنن جي سخت مذمت ڪئي ۽ لکيو ته تعليم جي ڪري آزاديءَ جو اهو احساس مري وڃي ٿو جيڪو انسان جي وراثت/بُڻ ۾ موجود آهي ۽ انسان غلاميءَ جي زنجيرن سان محبت ڪرڻ لڳي ٿو. علم نجوم وهم پرستيءَ جي تخليق آهي، خطابت لئه جي ۽ هندسه حرس ۽ هوس جي[4] اناج ۽ لوهه انسان جي حق ۾ سڀ کان وڏي لعنت ثابت ٿيا. انهن شين جي استعمال سان اڻ برابريءَ ۾ اضافو ٿيو. ذاتي ملڪيت جو واڌارو ٿيو ۽ ذاتي ملڪيت جي بچاءَ لاءِ قانون ٺاهيا ويا. انسان جي آزادي ختم ٿي وئي ۽ قناعت ۽ توڪل جي جاءِ تي نفعي خوريءَ ۽ مفاد پرستيءَ قبضو ڄمايو[4].

”هڪ طرف ساڙ، رِيس ۽ رقابت، ته ٻئي طرف مفادن ۾ ٽڪر ۽ مٿان لڪل خواهش ته ٻين جي پورهيي مان نفعو ڪمايو وڃي. اهي سڀ برايون ملڪيت جو پهريون ميوو آهن ۽ وڌندڙ اڻ برابريءَ جون دائمي ساٿي.“

— روسو

روسو جي سڀ کان اهم تصنيف ”سماجي معاهدو“ آهي جيڪو 1764ع ۾ شايع ٿيو ۽ ايترو قبول پيو جو فرانسي انقلاب جو انجيل سڏيو ويو، پر سماجي ٺاهه جو تصور روسو جي ذهن جي تخليق نه هو، پر روسو کان گهڻو اڳ برطانيا جا مفڪر هابس ۽ لاڪ ان قسم جا نظريا پيش ڪري چڪا هئا[4].

اهم سوال[سنواريو]

J جي. جيڪس روسو جي تصوير 1962 ۾ رومانيا جي ٽپال جي ٽڪلي تي جاري ڪيل

هن آڇ، روسو جي ذهن ۾ بجليءَ وارا چمڪاٽ پيدا ڪري وڌا ۽ هن مضمون لکي، پاڻ کي هڪ نئين دنيا ۾ محسوس ڪيو. ان مضمون تي کيس انعام ته مليو، پر هن تي حقيقي علم جي بحر جا ڄڻ ته دروازا کلي پيا.[1] ان واقعي کان پوءِ لڳاتار 15 سال روسو، پنهنجي قلم سان پنهنجي همعصر دور جي ذهن ۽ خيال کي ايڏو ته لوڏيو، ڊاٺو ۽ ٺاهيو، جو ان کان پوءِ اهو دور وري ساڳيو دور نه رهيو.[1] سياسيات، اخلاقيات، تعليم، نفسيات ۽ ادب جو نئون دور، پهريائين يورپ ۾، ۽ يورپ کان پوءِ هڪدم ساريءَ دنيا ۾ پکڙجڻ شروع ٿيو.[1] هن کي ’ٿريسي‘ نالي هڪ ڇوڪريءَ سان عشق ٿيو جنهن مان هن کي پنج ناجائز ٻار ڄاوا. هن انهن پنجن ئي ٻارن کي يتيم خاني ۾ داخل ڪرايو ۽ آخر 56 سالن جي عمر ۾ ٿريسي سان شادي ڪئي[1]. ان بعد مسلسل فڪر، مشاهدن ۽ تجربن مان هن جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو، ان جو نچوڙ پنهنجن ٻن ڪتاب ’سماجي معاهدو‘ (Social Contract) ۽ ’ايميلي عرف تعليم‘ (Emile) جي صورت ۾ دنيا جي اڳيان، ٽن سالن جي لاڳيتيءَ محنت سان ساڳئي وقت لکي، 1762ع ۾ پيش ڪيو. هنن ٻنهي ڪتابن ۾ روسو جيڪي اصول بيان ڪيا آهن، تن جو بنياد انسان جي فطرتي مساوات، اخوت ۽ حريت تي بيٺل آهي. هي ٻئي ڪتاب روسو جي قلم جا بهترين شاهڪار آهن. ارڙهين صديءَ جي انقلابي دور جا هي ٻئي ڪتاب پيشرو هئا[1].روسي جي عملي زندگيءَ جي شروعات ان مقالي سان ٿي. انعام مليس ته هن پراڻيون عادتون ڇڏي ڏنيون ۽ ڏاڍي سادي زندگي گذارڻ لڳو، تان جو پنهنجي واچ به اهو چئي وڪڻي ڇڏيائين ته هاڻي کيس وقت ڄاڻڻ جي ضرورت نه ٿي پوي[4].

1754ع ۾ هن جو ٻيو ڪتاب ”برابريءَ جي ابتدا“ شايع ٿيو. ان ڪتاب ۾ روسو تاريخ بدران تخيل ۽ عقل بدران جذبن کان مدد ورتي آهي. انسان کي مخاطب ٿيندي هو چوي ٿو ته[4]:

”ڏسو، هيءَ آهي اوهان جي تاريخ، جيئن هئڻ گهرجي، نه ڪي اها تاريخ، جيڪا ڪتابن ۾ بند آهي، ڇو ته ڪتابن جا ليکڪ ڪوڙ ٿا ڳالهائن، پر قدرت ڪوڙ نه ڳالهائيندي آهي ۽ مون قدرت جي ئي پوئواري ڪئي آهي.“

— ڪتاب: برادري جي ابتدا, روسو

روسو جي راءِ ۾ ابتدائي انسان نهايت نيڪ، سادو سودو ۽ معصوم هو. هو غرور، حرص ۽ هوس، نفرت ۽ دشمني، لڙائي، فساد، مطلب ته سماج جي سمورين براين کان پاڪ زندگي گذاريندو هو. اڃ لڳندي هئس ته چشمي مان پاڻي پي وٺندو هو، بک لڳندي هئس ته وڻن جو ميوو کائي وٺندو، ننڊ ايندي هئس ته ڪنهن وڻ جي پاڇي ۾ پير ڊگهاري سمهي پوندو، نه ڏينهن جو ڏک، نه ماڻهن جي ڳڻتي، نه ڪو آقا ۽ نه ڪو ڪنهن جو محڪوم، پر آسودائيءَ، آزاديءَ ۽ برابريءَ جو اهو دؤر ذاتي ملڪيت جي ڪري برباد ٿي ويو[4].

”شهري سماج جو حقيقي باني اهو ماڻهو آهي جنهن سڀ کان اول زمين جي هڪ ٽڪري کي چئني طرفن کان ٻَنو ٻڌو ۽ دعوى ڪئي ته اهو ٽڪرو سندس آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ان ٻني کي ٽوڙيو هجي ها ۽ ماڻهن کي خبردار ڪيو هجي ها، ته ڏسو، هن ڌوڪي باز جي ڳالهين ۾ ڪڏهن نه اچجو، ڇو ته زمين ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي ملڪيت نه آهي پر زمين جو ميوو سڀني جو آهي، ته انساني نسل ڪيترين جنگين، ڪيترن ڏوهن، ڪيترن قتلن، ڪيترين مصيبتن، ڪيترين بربادين کان بچي پوي ها.“

— روسو

فتوائون[سنواريو]

هنن ٻنهي ڪتابن کي پبلشرن وٽ پهچڻ سان ئي باهه ۾ ساڙڻ جي فتويٰ صادر ڪئي وئي. ’ايميلي‘ 1760 ع ۾ لکجي پورو ٿيو 1762ع ۾ ’سماجي معاهدو‘ سان گڏ هالينڊ (Holland) ۾ جڏهن ڇپجي پڌرو ٿيو ته فرينچ پارليامينٽ ان کي قانون خلاف چئي ضبط ڪيو، ۽ پئرس ۾ سرڪاري طور ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت (Palais de Justice) جي ڏاڪڻ هيٺيان ساڙيو ويو ۽ اعلان ڪيو ويو ته ”فقط ڪتاب کي ساڙڻ ڪافي نه آهي، پر ان سان گڏ مصنف کي به جيئري جلايو وڃي.“[1]

روسو جو ڪراڙپ وارو پورٽريٽ

فرينچ پارليامينٽ نيٺ روسو کي جلاوطن ڪيو. فرانس کان جلاوطن ٿي سوئٽزرلينڊ پهتو، پر اتي به هن جي مخالفت جاري رهي. نائين ڏينهن کان پوءِ سندس ڪتاب ’ايميليءَ‘ کي به سر عام ساڙيو ويو[1].

پناه[سنواريو]

اهڙي طرح جهالت ۽ اوندهه جي علمبردارن جي عداوت کان ڊڄندي، لڪندي ۽ ڀڄندي، روسو اخر پرشيا (Prussia) جي هڪ آزاد خيال گورنر لارڊ ڪيٿ (Lord Keith) وٽ اچي پناهه ورتي، جتي اڍائي سال سلامتيءَ سان گذاريائين. جيئن ئي لارڊ ڪيٿ کي ٻئي صوبي ڏانهن بدلي ڪيو ويو ته فوراً پادرين روسو تي ’مسيح دشمن‘ (Anti Christ) جي فتويٰ لاڳو ڪري مٿس ديولن جا دروازا بند ڪيا. سرڪاري ۽ پادرين جي پروپيگنڊا سبب هن کي جتي به ڏٺو ويندو هو، ٻار، نوجوان، عورتون ۽ ٻُڍا مٿس پٿرن جا وسڪارا لائي ڏيندا هئا[1]. 1765ع ۾ سندس گهر تي رات جو حملو ڪيو ويو ۽ روسو ڀڄي وڃي سوئٽزرلينڊ پهتو. اتان جي حڪومت پڻ سندس ملڪ نيڪالي ۽ گرفتاريءَ جو حڪم ڪڍيو، نتيجي طور پنهنجو نالو بدلائي، هڪ روپوش گنهگار وانگر، پرئس مان ٿيندو، مشهور انگريز مورخ ڊئوڊ هيوم (David Hume) وٽ انگلنڊ ۾ وڃي ڪجهه عرصو ترسيو. هتي به کيس آرام سان ويهڻ نه ڏنو ويو[1]. 1767ع جي مئي مهيني ۾ وري موٽي فرانس آيو ۽ بيوس ۽ ڪمزور جانور وانگر هڪ هنڌان ٻئي هنڌ رلندو، لڪندو، ڀڄندو رهيو. آخرڪار کيس پئرس ۾ موٽي اچڻ جي اجازت ملي، جتي هڪ مسواڙي غريباڻي گهر ۾ زندگيءَ جا آخري ڏينهن گذارڻ شروع ئي مس ڪيائين ته سماجي جلادن ۽ جاسوسن مٿس وري اچي وارو وار شروع ڪئي. ان بيڪسيءَ واري صورتحال ۾ هن هڪ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو. ’روسو جي جين جئڪس کان آڏي پُڇا‘، جنهن ۾ هن پنهنجي شخصيت جي بي ريا ڇنڊڇاڻ نهايت لطيف پيرايي ۾ ڪئي. ڪتاب پوري ڪرڻ بعد هن چاهيو ته پئرس جي وڏيءَ ديول ناٽرڊم (Notredame) جي منبر تي وڃي عرض رکي، پر ناٽرڊم جا دروازا به مٿس بند ڪيا ويا.[1] 20 مئي 1778ع ۾ جڏهن روسو کي زندگيءَ جا ڪي چند هفتا باقي هن فاني دنيا ۾ گذارڻا هئا، تڏهن کيس هڪ نيڪ دل دولتمند شخص ايم. ڊي. جروڊي (M. de Girardi) وٺي وڃي پنهنجي عاليشان محل ۾ رهايو، جتي هن زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا مسرت ۽ اطمينان سان گذاريا[1].

تصنيفون[سنواريو]

روسو (1755), ڊسڪورس آن ان ايڪئلٽي, ھالينڊ, آڏو وارو ڏيک ۽ ٽائيٽل صفحو 

روسو جي ايڏي مخالفت جي باوجود، خود سندس زندگيءَ ۾ سندس جملي تصنيفن جا ڇهه ڇاپا ظاهر ٿي چڪا هئا. 1780ع کان فرانس جي ماڻهن پنهنجن بادشاهن، راڻين ۽ شهزادن سميت هن ’مجذوب مفڪر‘ جي قبر جون زيارتون ڪرڻ شروع ڪيون. اهي سموار نوجوان اسڪالر ۽ مجاهد، جي اڳتي هلي 1779ع ۾ ۽ ان کان پوءِ فرينچ انقلاب جا رهنما بنجڻا هئا، هڪٻئي سان هزارين اختلاف هوندي به روسو جا هڪجهڙا معتقد هئا. 7 مئي 1794ع تي فرينچ انقلابين طرفان فرينچ پارليامينٽ ۾ روسو کي ’بني نوع انسان جو اُستاد‘ ۽ انقلاب جو پهريون داعي سڏيو ويو. 100 سال پوءِ، روس جي مشهور مفڪر ٽالسٽاءِ تي روسو جي تعليم ايترو ته اثر وڌو، جو هو نوجوانيءَ واري دور ۾، سندس جو لاڪيٽ تائٿ طور پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي گهمندو هو[1]. روسو (Rousseau) جي ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي[1]:
(1)La Nouvella He loise
(1761),
(2)ايملي
(1762),
(3) سوشل ڪانٽريڪٽ
(1762),
(4) اعتراف
(1770)

وفات[سنواريو]

ھيوملکي ٿو تہ[5][6]1770 ۾ روسو ڊسوريا(انگريزي: dysuria) نالي پيشاب واري بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو ھو.[7] 24 آڪٽوبر 1876 ۾ پيرس جي روڊ تي ھڪ امير جي سواري واري گاڏي جي ٽڪر ڪري مٿي م ڌڪ لڳڻ سان کيس دماغ اندر زخم تي پيو جنھن سان سندس طبيعت بگڙڻ شروع ٿي.1878 جي بھار جي موسم م ھڪ دوست مارڪئس جيرارڊين جي دعوت تي ايرمينون ويل شھر ۾ سندس گھر اچي ٽڪيو جتي 2 جولاءِ تي دماغ جي رڳ مان رت وھڻ ڪري کيس اڌرنگ جو جھٽڪو آيو جنھن م وفات ڪري ويو [8][9][10] 2 جولاءِ 1778ع تي خميس جي ڏينهن جين جئڪس روسو زندگيءَ جا آخري ساهه کنيا ۽ هن دنيا کي الوداع ڪيو.[1]

پيرس ۾ پينٿيئن ۾ روسو جو مقبرو
ايرمينون ويل ۾ تدفين

سندس تدفين پھرين 4 جولاء 1778 م کي ڊيس پيپليئر، ايرمينون ويل ۾ ٿي.11 آڪٽوبر 1794 م سندس باقيات منتقل ڪري پيرس ۾ تدفين ڪئي وئي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 1.18 1.19 ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011
  2. Damrosch 200531.
  3. 3.0 3.1 3.2 Damrosch 2005.
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 4.5 4.6 4.7 4.8 [1](ڪتاب: موسیٰ کان مارڪس تائين؛ ليکڪ:سبط حسن )
  5. Damrosch 2005406.
  6. Damrosch 2005407.
  7. Bruce, Alexander, ed (1908). Review of Neurology and Psychiatry, Volume 6. T.N. Foulis. p. 437. https://books.google.com/books?id=PRqgAAAAMAAJ&pg=PA437&lpg=PA437#v=onepage&q&f=false. 
  8. Durant & Durant 1967886.
  9. Damrosch 2005488.
  10. Damrosch 2005489.