جان لاڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جان لاڪ
John Locke

FRS

لاڪ جو پورٽريٽ جيڪو گاڊفري نيلر 1697 ۾ ٺاھيو
پيدائش 29 August 1632
ورنگٽن, سمرسيٽ, انگلينڊ
وفات 28 October 1704 (aged 72)
ھاء ليور, ايسيڪس, انگلينڊ
قوميت انگريز
مادر علمي ڪرائيسٽ چرچ، آڪسفورڊ
عهد سترھين صديءَ جو فلسفو
جديد فلسفو
علائقو مغربي فلاسافي
مڪتبه فڪر
شعبه عمل
مابعدالطبعيات , علم جو نظريو, سياسي فلسفو, عقل جو فلسفو, تعليم جو فلسفو, معاشيات
اهم نظريا
سڃاڻپ نشان


جان لاڪ(انگريزي: =John Locke)ھڪ انگریز طبیعیات دان ۽ فلسفی ھيو، جيڪو تجربیت پسند مڪتب فڪر جو باني ھيو۔ ھي سمرسيٽ جي ڳوٺ ورنگٽن ۾ پیدا ٿيو ۽ آڪسفورڊ یونیورسٽي مان تعلیم حاصل ڪئي؛ ۽ 1661ء کان 1664ء تائين آڪسفورڊ ۾ یوناني ٻولي‘ علم بیان ۽ اخلاقي فلسفي تي لیڪچرر ڏيندو رھيو۔ 1667ء ۾ لاڪ جي دوستي انگریز ریاستي عملدار انتھونی اَیشلي ڪوپر سان ٿي وئي ۽ اُن جو مشیر ۽ طبیب ٿيو ۔ اَیشلي ھڪ جارحیت پسند ۽ دشمن رکندڙ سیاست دان ھيو۔ اھو ھڪ آئیني بادشاھت‘ پروٽسٽنٽ جائنشیني‘ مذھبي رواداری‘ پارلیمنٽ جي بالادستي ۽ برطانیہ جي اقتصادي ڦھلاء جو پر زور حامي ھيو۔ جيئن ته لاڪ بہ سڳيا مقصد اختیار ڪيا ھئا ان لاء ٻنھي جي وچ ۾ مکمل ھم آھنگي پیدا ٿي چڪي ھئي۔ ایشلي کيس اُن گروپ جو سیڪریٽری بہ بڻایو جيڪو امریڪا سان تجارت کي فروغ ڏيڻ لاء ٺاھيو ويو ھو. لاڪ نئين ڪالوني ڪیرولینا جي لاء آئین مرتب ڪرڻ ۾ مدد ڏني. ان دستاویز تحت تمام آبادڪارن کي پنھنجي عقیدي تي عمل ڪرڻ جي اجازت ڏني جڏھن تہ ملحدن جي داخلا منع ھئي۔ نيشنل پورٽريٽ گئلري لنڊن۾رکيل جان لاڪ جو ڪٽڪيٽ پورٽريٽ جيڪو گاڊفري نيلر ٺاھيو
بعد وارن ڏھاڪن ۾ لاڪ ذاتي مطالعي ۾ مصروف رھيو ۽ فلسفي ۽ سائنس جي مسئلن تي دوستن سان بحث ۽ مباحثا ڪرڻ لڳو 1668ء ۾ پنچ سال اڳ قائم ٿيڻ واري ”رائل سوسائٽي“ جو رُڪن ٿيو۔ 1675ء ۾ اَیشلي جي درٻار ۾ غیر مقبولیت جي ڪري فرانس ويو ۽ 4 سال بعد واپس موٽي آيو پر رومن ڪيٿولڪ عيسائيت ۽ انگلش درٻار جي مخالفت جي ڪري کيس اتان جا حالات خراب معلوم ٿيا۔ 1683ء کان 1688ء تائين جو عرصو اُن ھالینڊ ۾ گزاريو۔ 1688ء جي شاندار انقلاب (Glorious Revolution) ۽ پروٽيسٽنٽ عيسائيت جي ڪنھن حد تائين بحالی بعد ھي ھڪ دفعو ٻيهر واپس انگلينڊ آیو۔ بادشاہ انگلينڊ جي بادشاهه ولیم ٽئين کيس ”بورڊ آف ٽریڊ“ ۾ نامزد ڪيو۔ 1700ء ۾ صحت جي خرابي جي ڪري استعفا ڏنائين ۽ 4 سالن بعد وفات ڪيائين.

حوالا[سنواريو]

  1. Fumerton, Richard. "Foundationalist Theories of Epistemic Justification". Stanford Encyclopedia of Philosophy. حاصل ڪيل August 19, 2018. 
  2. David Bostock, Philosophy of Mathematics: An Introduction, Wiley-Blackwell, 2009, p. 43: "All of Descartes, Locke, Berkeley, and Hume supposed that mathematics is a theory of our ideas, but none of them offered any argument for this conceptualist claim, and apparently took it to be uncontroversial."
  3. John W. Yolton, Realism and Appearances: An Essay in Ontology, Cambridge University Press, 2000, p. 136.
  4. The Correspondence Theory of Truth (Stanford Encyclopedia of Philosophy)
  5. Grigoris Antoniou, John Slaney (eds.), Advanced Topics in Artificial Intelligence, Springer, 1998, p. 9.
  6. Locke, John (1690). Two Treatises of Government (10th edition): Chapter II, Section 6. Project Gutenberg.