آمريڪي انقلاب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اتر آمريڪا ۾ برطانيا جي 13 باغي رياستن طرفان برطانيائي شهنشاهيت جي وچ ۾ ٿيل جنگ (جيڪا 1775ع کان شروع ٿي ۽ 1783ع ۾ ختم ٿي) کي ”آمريڪي انقلاب يا آمريڪي آزاديءَ جي جنگ“ چيو ويندو آهي. هن جنگ ۾ 13 آمريڪي رياستن بغاوت ڪئي ۽ برطانيا کان آزاديءَ جو اعلان ڪندي 4 جولاءِ 1776ع تي گڏيل آمريڪي رياستن طرفان آزاديءَ جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو. ان ”بغاوت“ کي روڪڻ لاءِ برطانيا پنهنجون فوجون موڪليون. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ پهرين لڙائي ”ليڪنسيگٽن“ جي جاءِ تي ٿي، جنهن ۾ برطانيا کي شڪست ملي، جڏهن ته ان کان پوءِ ٿيل ”بينڪرز هل“ ۽ ”بريڊ هل“ وارين ويڙهن ۾ نيٺ باغي لشڪرين هارايو. هيءَ جنگ 1883ع ۾ پئرس ۾ ٿيل ٺاهه تحت ختم ٿي، جنگ ۾ برطانيا جي موقف کي شڪست ملي، جڏهن ته 13 رياستن گڏجي ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا“ نالي ملڪ قائم ڪيو. اِن جنگ ۾ آمريڪي سياسي اڳواڻن جارج واشنگٽن، ٿامس جيفرسن ۽ جان ايڊمز جو اهم ڪردار رهيو. انهيءَ تبديليءَ جي نتيجي ۾ سڄي دنيا اندر برطانيا مخالف بيٺڪي تحريڪ کي هٿي ملي ۽ سندس قبضي- گيرين خلاف آجپي جي تحريڪن ۽ انقلابن جو اڻ کُٽ سلسلو شروع ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ جنگ کي عام طرح ”آمريڪي انقلاب“ يا آميرڪن ريووليوشن (American Revolution) سڏيو ويندو آهي. هن انقلاب جي فرانس وارن تمام گهڻي حمايت ۽ مدد ڪئي، ڇاڪاڻ جو فرانس روايتي طور برطانيا جو ڏاڍو مخالف هو. اِن جنگ ۾ آمريڪي عوام جي 45 سيڪڙو ماڻهن بغاوت جي حمايت ڪئي، 20 سيڪڙو برطانيا سان وفاداريءَ جي حق ۾ رهيا، جڏهن ته باقي 35 سيڪڙو آبادي اڻ ڌُري هئي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد