اعظم بستي
اعظم بستي | |
---|---|
سنڌ جي جي يونين ڪاميٽي | |
يو سي 3 اعظم بستي | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°50′50″N 67°04′36″E / 24.84722°N 67.07667°Eمڪانيت: 24°50′50″N 67°04′36″E / 24.84722°N 67.07667°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڪراچي اوڀر ضلعو |
تعلقو | فيروز آباد سب ڊويزن |
اعظم بستي(انگريزي: Azam Basti ) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي فيروز آباد سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اتر ۾ چنيسر ڳوٺ ۽ اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ اختر ڪالوني. 2013 کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي يونين ڪاؤنسل نمبر 3 جو ھيو. 2013 ۾ ان کي فيروز آباد جي نالي سان نئين قائم ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن ڪالوني م پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کان سواءِ سنڌي، پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو رھندڙ آھن. ان آبادي جي اڪثريت مسلمان آهي پر اقليت ۾ آبادي جو ھڪ نمايان حصو عيسائيت سان تعلق رکندڙ آهي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي عبدالخالق چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي طاھر جميل چونڊجي آيا ۽ ٻئي آزاد اميدوار ھيا[1]. ھن يو سي ۾ پکيڙ جي لحاظ کان آبادي گھاٽي آھي. ھن يو سي جي علائقن ۾ اعظم بستي ۽ اعظم ٽائون وارا علائقا شامل آهن. ھتي شھيد بينظير ڀٽو گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج اعظم بستي، سينٽ پيٽرز اينڊ پال ھاء اسڪول اعظم بستي، اي آر پي چرچ، ھولي روسري ڪيٿولڪ چرچ، اعظم بستي قبرستان، النور سيڪنڊري اسڪول اعظم بستي، بخت بھاري ھاسپيٽل اعظم ٽائون، فاطمه جناح ڊينٽل ڪاليج اعظم ٽائون واقع آھن.