اعظم بستي
اعظم بستي | |
|---|---|
سنڌ جي جي يونين ڪاميٽي | |
| يو سي 3 اعظم بستي | |
| Coordinates: 24°50′50″N 67°04′36″E / 24.84722°N 67.07667°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | ڪراچي اوڀر ضلعو |
| تعلقو | فيروز آباد سب ڊويزن |
| آبادي | |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| وقتي علائقو | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت ) |
اعظم بستي (Azam Basti) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي فيروز آباد سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اتر ۾ چنيسر ڳوٺ ۽ اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ اختر ڪالوني اهن. 2013ع کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي يونين ڪاؤنسل نمبر 3 جو ھيو. 2013ع ۾ ان کي فيروز آباد جي نالي سان نئين قائم ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن ڪالوني ۾ پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کان سواءِ سنڌي، پٺاڻ، سرائيڪي ماڻھو رھندڙ آھن. ان آبادي جي اڪثريت مسلمان آهي پر اقليت ۾ آبادي جو ھڪ نمايان حصو عيسائيت سان تعلق رکندڙ آهي. سال 2015ع جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي عبدالخالق چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي طاھر جميل چونڊجي آيا ۽ ٻئي آزاد اميدوار ھيا.[1] ھن يو سي ۾ پکيڙ جي لحاظ کان آبادي گھاٽي آھي. ھن يو سي جي علائقن ۾ اعظم بستي ۽ اعظم ٽائون وارا علائقا شامل آهن. ھتي شھيد بينظير ڀٽو گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪالج، سينٽ پيٽرز اينڊ پال ھاء اسڪول، اي.آر.پي. چرچ، ھولي روزاري ڪيٿولڪ چرچ، اعظم بستي قبرستان، النور سيڪنڊري اسڪول، بخت بھاري ھاسپيٽل ۽ فاطمه جناح ڊينٽل ڪاليج واقع آھن.
حوالا
[سنواريو]- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from March 2026
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- ڪراچي جا گردونواح
- ڪراچي جون يونين ڪاؤنسلون