اختر ڪالوني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اختر ڪالوني
سنڌ جي جي يونين ڪاميٽي
يو سي 1 اختر ڪالوني
اختر ڪالوني is located in سنڌ
اختر ڪالوني
اختر ڪالوني
اختر ڪالوني is located in Pakistan
اختر ڪالوني
اختر ڪالوني
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°50′31″N 67°04′39″E / 24.84194°N 67.07750°E / 24.84194; 67.07750مڪانيت: 24°50′31″N 67°04′39″E / 24.84194°N 67.07750°E / 24.84194; 67.07750
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
تعلقو فيروز آباد سب ڊويزن

اختر ڪالوني(انگريزي: Akhter Colony ) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي فيروز آباد سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اتر ۾ اعظم بستي، ڏکڻ م مين ڪورنگي روڊ، اوڀر ۾ ڪشمير ڪالوني، اولھ م ڊفينس فيز 1 واقع آهي. 2013 کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي يونين ڪاؤنسل نمبر 1 جو ھيو. شھري حڪومت واري نظام جي خاتمي سان ۽ ضلعن جي بحالي سان ان کي يونين ڪاميٽي جو درجو ڏئي فيروز آباد جي نالي سان نئين قائم ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھي ڪالوني پنجن سيڪٽرن : سيڪٽر A، سيڪٽر B ، سيڪٽر C، سيڪٽر D ۽ سيڪٽر E ۾ ورھايل آھي. ھن ڪالوني م پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کان سواءِ سنڌي، پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو رھندڙ آھن. هتان جي آبادي ھڪ اندازي موجب 100000 جي لڳ ڀڳ آھي. اڪثريت اسلام سان تعلق رکندڙ آهي ۽ اقليت ۾ عيسائي مذھب وارن جو وڏو تعداد ھتي رھندڙ آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي نديم آرائين چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي مسز بملا روز چونڊجي آئي. ٻنھي جو تعلق مسلم ليگ نواز سان آھي[1]. ھن يو سي ۾ زيادہ تر غريب آبادي رھندڙ آھي. پکيڙ جي لحاظ کان ھتي آبادي گھاٽي آھي ان ڪري ھتي گھر ننڍڙا ۽ گھٽيون سوڙھيون آھن. ھن يو سي ۾ رھائشي منصوبه بندي جو فقدان رھيو آھي. ھتي کوڙ مسجدن سميت کوڙ چرچ سينٽ پال، ھولي چرچ آف ڪرائسٽ، سينٽ پيٽرز چرچ ۽ بيٿل چرچ جي نالي سان واقع آهن. ھتي سيلويشن آرمي سيڪنڊري اسڪول اختر ڪالوني ۽ ھڪ پوسٽ آفيس پڻ واقع آهي. ھن يو سي ۾ تعليم ۽ صحت جي سھولتن جو وڏو فقدان آھي. يونين ڪاميٽي جي آفيس سيڪٽر B ۾ واقع آهي.

حوالا[سنواريو]