گارڊن ايسٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گارڊن ايسٽ
سنڌ جي يونين ڪاميٽي
يو سي 15 گارڊن ايسٽ
ڪراچي جي راڻي باغ جو ھڪ مکيه دروازو
ڪراچي جي راڻي باغ جو ھڪ مکيه دروازو
گارڊن ايسٽ is located in سنڌ
گارڊن ايسٽ
گارڊن ايسٽ
گارڊن ايسٽ is located in Pakistan
گارڊن ايسٽ
گارڊن ايسٽ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°52′46″N 67°01′47″E / 24.87944°N 67.02972°E / 24.87944; 67.02972مڪانيت: 24°52′46″N 67°01′47″E / 24.87944°N 67.02972°E / 24.87944; 67.02972
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
تعلقو جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن

يو سي گارڊن ايسٽ (انگريزي: U C Garden East) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ھن يو سي جي اتر ۾ ڪراچي سينٽرل ضلعو، اولھ ۾ گارڊن ويسٽ، اوڀر ۾ يو سي فاطمه جناح ڪالوني ۽ ڏکڻ ۾ يو سي سولجر بازار واقع آھن. 2013 کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي ساڳي نالي سان يونين ڪاؤنسل نمبر 11 جو ھيو. 2013 ۾ ان کي جمشيد ڪوارٽرز جي نالي سان بحال ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن يو سي ۾ اردو ڳالهائيندڙ اڪثريت ۾ آھن ان کان سواءِ سنڌي پنجابي پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو پڻ رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي محمد حبيب خان چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي محمد آصف ميمڻ چونڊجي آئي. ٻنھي جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1]. ھن علائقي جي وارڊ 2 ۾ واقع علائقن م اليثرب ڪالوني، الامين ڪالوني، باران ڳوٺ، پيڊرو ڊيسوزا روڊ واقع آھن. ھن يو سي جي سڀ کان مشھور جاء ڪراچي جو راڻي باغ آھي جيڪو 1878 م قائم ٿيو ۽ ان جي پکيڙ 33 ايڪڙ آھي. ان جو پراڻو نالو مھاتما گانڌي گارڊن ھيو جيڪو پاڪستان ٺھڻ بعد تبديل ڪيو ويو[2]. ان کان علاوه ھتي نشتر روڊ، بريٽو روڊ، نسروانجي روڊ، گلابي اسٽريٽ، ٽالپر اسٽريٽ، ڊي ڪروز روڊ، بزنس رڪارڊر روڊ، آغاخان پارڪ، گارڊن سپر مارڪيٽ، آغا خان جيمخانه، گارڊن جيمخانه، سينٽ لارنس ڪانوينٽ اسڪول (گارڊن ايسٽ) ، درگاھ جمن شاھ بخاري شامل آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. https://www.politicpk.com/karachi-east-district-uc-list-mna-mpa-seats-%da%a9%d8%b1%d8%a7%da%86%db%8c-%d8%b6%d9%84%d8%b9-%d8%b4%d8%b1%d9%82%db%8c/
  2. https://www.zameen.com/blog/zoos-in-karachi.html