سولجر بازار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سولجر بازار
يو سي 16 سولجر بازار
سنڌ جي يونين ڪاميٽي
سولجر بازار ۾ واقع پنچمکي ھنومان مندر
سولجر بازار ۾ واقع پنچمکي ھنومان مندر
سولجر بازار is located in سنڌ
سولجر بازار
سولجر بازار
سولجر بازار is located in Pakistan
سولجر بازار
سولجر بازار
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°52′32″N 67°01′53″E / 24.87556°N 67.03139°E / 24.87556; 67.03139مڪانيت: 24°52′32″N 67°01′53″E / 24.87556°N 67.03139°E / 24.87556; 67.03139
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
تعلقو جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن

يو سي سولجر بازار (انگريزي: U C Soldier Bazar) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ھن يو سي جي اتر ۾ گارڊن ايسٽ ۽ پٽيل پاڙو، اولھ ۾ جمشيد ڪوارٽرز، اوڀر ۾ دولي کاتا ۽ ڏکڻ ۾ يو سي بھائينڊ جمشيد ڪوارٽرز واقع آھن. 2013 کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي ساڳي نالي سان يونين ڪاؤنسل نمبر 12 جو ھيو. 2013 ۾ ان کي جمشيد ڪوارٽرز جي نالي سان بحال ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن يو سي ۾ اردو ڳالهائيندڙ اڪثريت ۾ آھن ان کان سواءِ سنڌي پنجابي پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو پڻ رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي نوشاد خان چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي افتخار کٽاڻي چونڊجي آيا. ٻنھي جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1]. ھن يو سي ۾ شامل آهن. ھن يو سي جي مشھور جاء ھتان جو نشتر پارڪ آھي جنھن جو پراڻو نالو پٽيل پارڪ ھيو. پاڪستان ٺھڻ بعد ان جو نالو بدلائي سردار عبدالرب نشتر جي نالي تي نشتر پارڪ رکيو ويو. ھي پارڪ ڪراچي م سياسي اجتماعن جي ڪري مشھور آھي. ان کان علاوه ھتي جي مشهور جاين ۾ گل رانا ڪالوني، ڊاڪٽر ابڙو روڊ، مدينه روڊ، سولجر بازار روڊ، ڪليٽن روڊ، انڪل سريا ھاسپيٽل، ميجر بڪلنڊ روڊ، ڀرڳڙي روڊ، نزرٿ روڊ، سچل فقير روڊ، شاھاڻي اسٽريٽ، ڪراچي گرلس ڪاليج (نزد نشتر پارڪ)، سينٽ لارنس ڪانوينٽ گرلس اسڪول (گارڊن ايسٽ) ، ماڻڪجي اسٽريٽ، سينٽ لارنس چرچ، فاطمه ڪاليج، ڪراچي نيشنل پرائيويٽ ھاسپيٽل، آدمجي گورنمينٽ سائنس ڪاليج (گارڊن ايسٽ)، نور ڪاليج آف پروفيشنل ايجوڪيشن، آج ٽي وي ھيڊ آفيس، ابراھيم شاھ درگاه گرومندر، پنچمکي ھنومان مندر واقع آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. https://www.politicpk.com/karachi-east-district-uc-list-mna-mpa-seats-%da%a9%d8%b1%d8%a7%da%86%db%8c-%d8%b6%d9%84%d8%b9-%d8%b4%d8%b1%d9%82%db%8c/