مواد ڏانھن هلو

جان ڪيٽس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جان ڪيٽس
 

معلومات شخصيت
ڄم
موت
وجه موت
رهائش انگلينڊ
آئرلينڊ
اسڪاٽلينڊ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو رهائش (P551) وڪي ڊيٽا تي
شھريت عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
نسل
ڌرم
بيماري سلهہ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو medical condition (P1050) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو
ڪم جي ٻولي
دلچسپي
مؤثر جان ملٽن ،ورجل   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو influenced by (P737) وڪي ڊيٽا تي
تحريڪ
دستخط
 
ويب سائٽ
IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

مشهور انگريز شاعر جان ڪيٽس جو جنم 1795ع ڌاري لنڊن ۾ ٿيو.[1]

خانداني پسمنظر

[سنواريو]

هن جي پيءُ جو نالو ’ٿامس‘ هو. کيس ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي ۽ هيءُ سڀني کان وڏو هو. 1804ع ڌاري هن جي پيءُ جو روڊ حادثي ۾ موت ٿيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن جي ماءُ ٻي شادي ڪئي، پر اها شادي ناڪام ٿي. پوءِ سڀئي ٻار پنهنجي نانيءَ جي گهر ايڊمنٽن ۾ وڃي رهڻ لڳا. هن جي ماءُ 1810ع ڌاري ٽي. بي جي بيماريءَ سبب گذاري وئي.[1]

تعليم ۽ ادبي خدمتون

[سنواريو]

ڪيٽس پنهنجي تعليم ’پروگريسو ڪلرڪ اسڪول‘ مان حاصل ڪئي، جتي هن اينيئڊ (Aeneid) جو ترجمو ڪيو. 1814ع ڌاري هن جو پهريون نظم ‘Lines in Imitation of Spenser’ نالي ڇپيو. 1817ع ڌاري هن جو ڪتاب ‘Poems by Jhon Keats’ نالي ڇپيو، پر اهو مشهور ٿي نه سگهيو. 1818ع ڌاري اينڊيمين، 1819ع ڌاري ’دي ايو آف ايس ٽي ايجنس‘ ۽ ’لابيل ڊيم سينس مرسي‘ نالي نظمن جا ڪتاب ڇپيا. ساڳئي عرصي دوران هن جون مشهور ڏُکاريل ڪوِتائون: ‘On a Grecian Urn’، ‘To a Nightingale’ ۽ ‘To Psyche’ وغيره ڇپيون، جن هن کي ’امر‘ ڪري ڇڏيو.[1]

وفات

[سنواريو]

1820ع ڌاري ڪيٽس تمام گهڻو بيمار ٿيو، سيپٽمبر 1820ع تي هيءُ روم ويو ۽ ان ئي سال پنجويهن سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ نومبر 1820ع تي وفات ڪري ويو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد., اصل نسخو مان 2025-01-05 تي محفوظ ڪيل, 2020-07-08 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)