سلهہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلهہ

سلهہ (Tuberculosis) کي ڦڦڙن جي سلهہ بہ چوندا آهن. هن بيماريءَ کي ”دِق تپُ“ بہ چوندا آهن. ٽي. بي هڪ وچڙندڙ بيماري آهي، جنھن جو ڪارڻ هڪ جيوڙو آهي. هيءَ بيماري انسانن توڙي جانورن کي ٿيندي آهي. هي جيوڙو جڏهن جسم جي تنتي سرشتي تي حملو ڪندو آهي، تڏهن جسم ۾ ننڍڙا داڻا ٺھي ويندا آهن، ۽ اهي ڦڦڙن جي ذريعي ساھ سان گڏ پکڙجي ٻين ماڻهن تائين پھچي ويندا آهن. ٽي. بيءَ جا ٻيا بہ قسم آهن: هڏين جي، آنڊن جي، چمڙيءَ جي وغيره. آڳاٽي وقت ۾ هيءَ لاعلاج بيماري هئي، پر هاڻي سائنسدانن هن بيماريءَ جو علاج ڳولي ڪڍيو آهي، انهيءَ ڪري هن وقت هن بيماريءَ وگهي مرڻ جو سلسلو ختم ٿي ويو آهي. هن بيماريءَ ۾ مريض کي آرام، صفائي، تازي هوا ۽ هلڪو کاڌو ڏيڻ پڻ علاج ۾ شامل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "ٽي بي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-04-06.