جان ملٽن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جان ملٽن
(انگريزي ۾: John Milton خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 9 ڊسمبر 1608[1][2][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 8 نومبر 1674 (66 سال)[1][2][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
لنڊن[4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت انگلينڊ جي بادشاهت  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو شاعر[3]،ليکڪ[3][5]،سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي انگريزي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي لاطيني ٻولي،يوناني ٻولي،عبراني ٻولي،انگريزي ٻولي[6][7]،فرانسيسي ٻولي،آرامي ٻولي،سرياني ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دستخط
 

جان ملٽن (Jhon Milton) جو جنم 9 ڊسمبر 1608ع تي لنڊن جي بريڊ اسٽريٽ ۾ ٿيو. هن جي پيءُ جو نالو سينيٽر جان ملٽن هو ۽ والده جو نالو ساره جيوفري هو.

تعليم[سنواريو]

هن بنيادي تعليم ايس ٽي، پائو جي اسڪول مان ورتي. جتي هن لاطيني ۽ يوناني ادب کي پڙهڻ شروع ڪيو. هن 1625ع ڌاري ’ڪئمبرج يونيورسٽيءَ‘ جي ’ڪرائسٽ ڪاليج‘ مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ 1629ع ڌاري بي.اي جو امتحان ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين ۽ 3 جولاءِ 1632ع ۾ ايم.اي جي ڊگري حاصل ڪيائين.

شاعريءَ جي ابتدا[سنواريو]

ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ 1632ع کان 1637ع تائين ’هارٽن‘ ۾ وڃي پنهنجي پيءُ سان رهيو ۽ اوائلي ادب، خاص طور شاعريءَ جي صنفن جو مطالعو ڪيائين. هن جو تعلق پيوريٽن فرقي سان هو. هيءُ دولت مشترڪه جو ملازم به هو. ادبي لکڻين جي شروعات ڪاليج واري دؤر کان ئي ڪيائين. 1626ع ڌاري پهريون ڀيرو هن لاطيني ٻوليءَ ۾ ‘Ekgia Prima’ مرثيو لکيو.

نظم[سنواريو]

هن 1629ع ڌاري ٻه اهم نظم لکيا:

  • (1) 'On the Death of a Fair in fant'،
  • (2) 'On the morning of chirists Nativity' ۽ وري 1630ع ڌاري شيڪسپيئر تي ‘The Poem on Shakespear’ لکيائين. 1637ع ڌاري هن ڪاليج جي يادن بابتLycidas نالي شاعريءَ جو ڪتاب لکيو. چيو وڃي ٿو ته ملٽن Lycidas، بادشاهه ايڊورڊ (Edward)کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ لکيو هو. 1649ع ڌاري'Magistrets' ۽ 'The Tenure of kings' لکيائين. 1654ع ۾ اکين ۾ سائي موتئي جي ڪري هميشه لاءِ انڌو ٿي ويو. ڪجهه عرصي کانپوءِ هن چوڏهن سٽن وارو نظم ‘On his Blindness’ لکيو، جنهن کي انگريزيءَ ۾ سانيٽ ‘Sonnet’سڏيو ويو.

شاديون[سنواريو]

هن پهرين شادي 1651ع ڌاري ميريءَ سان ڪئي، جيڪا 1652ع ۾ وفات ڪري وئي. ٻي شادي 12 نومبر 1656ع تي ڪيائين، جيڪا پڻ 1658ع ۾مري وئي ۽ ٽين شادي 24 فيبروري 1663ع تي ايلزبيٿ سان ڪيائين. 1959ع ڌاري هن جو ڪتاب ’A Tratise of Civil Power‘ ڇپيو. هن ڪيترا نثري نظم لکيا. ملٽن جو مشهور نظم ‘Paradise lost’ آهي، جيڪو هڪ طويل نظم هو، ان ملٽن کي مشهور ڪيو. هيءُ بيانيه انداز ۾ لکيل مذهبي نظم آهي، جنهن ۾ خدا، شيطان، آدم، حوا، جنت، جهنم ۽ انهن ۾ رهندڙ فرشتن جو ذڪر ڪيل آهي، هيءُ طويل نظم هن 1664-1658 ڇهن سالن جي محنت کان پوءِ تيار ڪري ڇپايو ۽ وري 1671ع ڌاري ‘Paradise Regained’ شايع ٿيو.

وفات[سنواريو]

8 نومبر 1674ع تي هن بڪين جي مرض سبب وفات ڪئي، کيس چرچ آف ايس. ٽي. گلس ڪرپلگيٽ ۾ دفنايو ويو.[8]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  2. 2.0 2.1 http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb119162033 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 https://cs.isabart.org/person/81843 — اخذ شدہ بتاریخ: 1 اپريل 2021
  4. مدیر: Alexander Prokhorov — عنوان : Большая советская энциклопедия — اشاعتسوم — باب: Мильтон Джон — ناشر: The Great Russian Encyclopedia
  5. full work available at URL: https://www.bartleby.com/lit-hub/library — مدیر: Charles Dudley Warner — عنوان : Library of the World's Best Literature
  6. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb119162033 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  7. CONOR.SI ID: https://plus.cobiss.net/cobiss/si/sl/conor/7141731
  8. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-40-6) سال: 2011