ڌامراھ ( يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڌامراھا کان چوريل)
ڌامراھ
يو سي 24 ڌامراھ
يونين ڪاؤنسل، ديھ ۽ ننڍڙو شھر
لاڙڪاڻي تعلقي جي يو سي 12
ڌامراھ is located in سنڌ
ڌامراھ
ڌامراھ
ڌامراھ is located in Pakistan
ڌامراھ
ڌامراھ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°28′12″N 68°14′41″E / 27.47000°N 68.24472°E / 27.47000; 68.24472مڪانيت: 27°28′12″N 68°14′41″E / 27.47000°N 68.24472°E / 27.47000; 68.24472
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو لاڙڪاڻو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 24,615


ڌامراھ (انگريزي: Dhamrah) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل، ديھ ۽ ھڪ ننڍڙي شھر جو نالو آهي جيڪا لاڙڪاڻي تعلقي ۾ واقع آهن. ان کي تعلقي لاڙڪاڻي جي يو سي 12 پڻ چوندا آهن. 2017 جي آدمشماري مطابق ھن يو سي جي ڪل آبادي 24,615 ۽ ديھ ڌامراھ جي ڪل آبادي 11,134 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڌامراھ ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي جيڪو انڊس ھاء وي (قومي شاھراھ اين 55) تي واقع آهي. ھي ڳوٺ رئيس جان محمد خان جوڻيجو، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد احمد جوڻيجو جو اباڻو ڳوٺ آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڌامراھا، جوڻيجا، جاگيراڻي، چانڊيا، کوکر، شيخ، ڪيھر، ابڙا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ ڪريم بخش جوڻيجو، سومار چانڊيو، ڳوٺ ڪيھر، ڳوٺ گڏاڻي، ديھ دڙا گاد (آبادي 9,659), ديھ ڌامراھا, ديھ سلطان ابڙو ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين محمد ظفر علي جوڻيجو ۽ وائيس چيئرمين غلام شبير کوکر چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڌامراھ جو عبدالحي ڌامراھو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي مرڪز ڌامراھ ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول، شاھين پبلڪ اسڪول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ يو سي جي ٻين ڪجهه ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول واقع آھن.يو سي ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي لاء ھتي ڌامراھ ڳوٺ ۾ بنيادي صحت مرڪز ۽ پي پي ايڇ آء اسپتال واقع آهن.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. ڌامراھ يو سي ۾ واپار جو مرڪز آھي جتي ڪيترائي دڪان واقع آھن . ڌامراھ ۾ ھڪ عيدگاھ پڻ واقع آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/