جاني اسحاق ملاح

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جاني اسحاق ملاح
Jani Ishaq Mallah

جاني اسحاق ملاح
پيدائش غلام اسحاق ملاح
مئي 01 1967(1967-05-01)

ڳوٺ رحيم ملاح، جوهي تعلقو دادو ضلعو، سنڌ
وفات 17 مئي 2011 (عمر 44 سال)

جوهي
ڌنڌو شاعر ليکڪ
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
صنف شاعري،ڪھاڻي
مُکيه ڪم موکي مٽ اپٽيا

جاني اسحاق ملاح انگريزي (Jani Ishaq Mallah) (جنم: 1 مارچ1967ع-وفات:17 مئي2011ع) سنڌي ٻولي جو بهترين شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار هو.[1]

زندگي جو حوال[سنواريو]

جاني اسحاق ملاح جو پورو نالو غلام اسحاق ولد احمد خان ملاح هو. هن پهرين مارچ1967ع تي ڳوٺ رحيم ملاح جوهي تعلقي، دادو ضلعي، سنڌ ۾ جنم ورتو. هن لکڻ جي شروعات 1986ع کان ڪئي. سندس شاعري سان گڏ ڪهاڻيون ٽماهي مهراڻ[2] ۽ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون. شاعري جي 2005ع ۾ ڇپيل گڏيل ڪتاب موکي مٽ اپٽيا ۾ سندس شاعري به شامل آهي. سندس ڊراما ڪي ٽي اين چئنل تان نشر ٿيا.[3][4][5][6]

حوالا[سنواريو]