مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ثميره زرين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ثميرہ زرين
پيدائش 22 فيبروري 1944
شڪارپور, سنڌ، پاڪستان
وفات 13 آگسٽ 1977(1977-08-13)
حيدرآباد، سنڌ
ڌنڌو ڪھاڻيڪارہ
ٻولي سنڌي
دور 1954–1977
مُکيه ڪم ڪھاڻيون:
  • گيت اڃايل مورن جا
  • آئون اھائي مارئي
  • روشن ڇانورو
رشتيدار محمد اعظم اعواڻ (والد)

ثميره زرين (انگريزي : Sumaira Zareen؛ جنم: 22 فيبروري 1944ع - 13 آگسٽ 1977ع) سنڌي ٻوليءَ جي مهان ليکڪا هئي. کيس سنڌي افسانوي ادب جي بانيڪار عورت ليکڪائن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن کي سنڌي ادب جي خاتون اول جو خطاب پڻ مليو[1]. سندس ڪهاڻين جا ٻه مجموعا ڇپجي چڪا آهن.

ننڍپڻ[سنواريو]

ثميره زرين جو جنم 22 فيبروري 1944ع تي شڪارپور ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو محمد اعظم اعواڻ هو. سندس ڏاڏو محمد عارف اعواڻ پنهنجي دور جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. ثميره جو اصل نالو سڪينه اعواڻ هو.

ادبي سفر[سنواريو]

ثميره زرين کي ننڍي هوندي کان ئي لکڻ جو شوق هو. ڏهن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ هن پهرين ڪهاڻي ”زندگي ڪيتري نه گران آهي“ لکي جيڪا نئين زندگي رسالي ۾ 1954ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي. ان کان پوءِ هن جون ڪهاڻيون مسلسل ڇپجنديون رهيون، جن کي ادبي دنيا ۾ سٺي موٽ ملي. شروع ۾ ڪجهه ماڻهن کي اهو گمان گذريو ته شايد هي ڪو مرد آهي جيڪو ثميره زرين جي فرضي نالي سان ڪهاڻيون لکي ٿو. ستر جي ڏهاڪي ۾ هوءَ جڏهن روزاني هلال پاڪستان جي عورتن جي صفحي ”سگهڙين سٿ“ جي سرواڻ بڻي ته پوءِ وڃي ماڻهن کي يقين آيو ته هوءَ ڪو مرد نه آهي بلڪه هڪ نوجوان ناري آهي[2]. ان کان پوءِ هن انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ ۾ جڏهن ريسرچ فيلو جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو ته ادبي لڏي سان سندس سڃاڻپ ٿي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ هن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ”اديون“،”نئين زندگي“ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيون[3]. 1966ع ۾ مشهور ليکڪا سندري اتم چنداڻي پنهنجي ور سان گڏ جڏهن سنڌ گهمڻ آئي ته شڪارپور ۾ خاص طور تي ثميره سان وڃي ملي هئي.

ثميره زرين نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل ڪهاڻيون سهيڙي هڪ ڪتاب ڇپرايو جيڪو ”مهراڻ جون ڇوليون“ جي نالي سان 1962ع ۾ پاڪستان پبليڪيشن پاران ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. هن ڪتاب جو مقدمو هن ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو جائزو“ جي نالي سان لکيو جنهن کي ادبي حلقي ۾ تمام گهڻو ساراهيو ويو.

1970ع ۾ سندس لکيل ڪهاڻين جو مجموعو ”گيت اڃايل مورن جا“ ڇپيو. انهيءَ ڪتاب جو مهاڳ آغا سليم لکيو ۽ اهو ڪتاب ملير ادبي اڪيڊمي حيدرآباد پاران ڇپرايو ويو[4]. ثميره زرين جي ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب ”آئون اهائي مارئي“ ۽ ”روشن ڇانورو“[5] سندس وفات کان پوءِ شايع ٿيا.

ثميره زرين جي ڪهاڻين جو موضوع گهڻو ڪري عورت ئي رهي آهي[6]. سندس ڪهاڻين ۾ رومانوي رنگ به نظر اچي ٿو ته ان سان گڏ معاشرتي براين ۽ فرسوده ريتن رسمن جو به هڪ چٽو عڪس نظر اچي ٿو[7].


مشهور شاعر ۽ اديب نصير مرزا ثميره زرين جي اڻلڀ ڪهاڻين ۽ شخصيت بابت هڪ ڪتاب مرتب ڪيو آهي جنهن جو عنوان آهي ”خاتون اول ڪهاڻيڪاره: ثميره زرين“. اهو ڪتاب روشني پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپيو ويو آهي[8].

وفات[سنواريو]

سنڌي ٻوليءَ جي هن مهان ڪهاڻيڪاره 13 آگسٽ 1977ع تي دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو.

حوالا[سنواريو]

  1. ساهت ڏيهه جا سرجڻهار. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16805&BookTitle=Sahet-Deh-Ja-Sir-Jathar. 
  2. "ثميره زرين : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-09. 
  3. says, Aijaz ahmed unar. "ادبي ريل ۾ مستورات جو دٻو!" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-09. 
  4. "Mokhi Media: Profile of Sameera Zareen". Mokhi Media. حاصل ڪيل 2020-03-09. 
  5. Pathan, Dr. "روشن ڇانورو". www.drpathan.com. حاصل ڪيل 2020-03-09. 
  6. جان, علي. ورهاڱي کان پـــوِء سنڌي ڪهاڻي ۾ سنڌي سماج جي تصوير (پي ايڇ ڊي ٿيسز) (پهريون ed.). ڪراچي يونيورسٽي. p. 171 کان 173. http://prr.hec.gov.pk/jspui/bitstream/123456789/10128/1/Ali_Jan_Buriro_Sindhi_SR_2017_UoK_Karachi_02.11.2018.pdf. Retrieved 2020-03-10. 
  7. "ثميره زرين جي ڪهاڻين جا ڪردار : هڪ اڀياس | An analytical Study of Characters of Short Stories of Sumera Zareen". journal.sindhila.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-09. 
  8. "Khatoon-e-Awal Kahanikar". www.goodreads.com. حاصل ڪيل 2020-03-09.