بلڙي شاھ ڪريم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بلڙي شاھ ڪريم
شھر
Bulri Shah Kareem
سنڌ جي نقشي ۾ ڳاڙهي رنگ سان ڏيکاريل ٽنڊو محمد خان ضلعو جنھن م. ھي شھر پڻ واقع آهي
سنڌ جي نقشي ۾ ڳاڙهي رنگ سان ڏيکاريل ٽنڊو محمد خان ضلعو جنھن م. ھي شھر پڻ واقع آهي
بلڙي شاھ ڪريم is located in سنڌ
بلڙي شاھ ڪريم
بلڙي شاھ ڪريم
بلڙي شاھ ڪريم is located in Pakistan
بلڙي شاھ ڪريم
بلڙي شاھ ڪريم
جاگرافي بيهڪ: 24°51′48″N 68°19′49″E / 24.86333°N 68.33028°E / 24.86333; 68.33028مڪانيت: 24°51′48″N 68°19′49″E / 24.86333°N 68.33028°E / 24.86333; 68.33028
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ٽنڊو محمد خان
آبادي (2017)
 • ڪل 6,382

بلڙي شاھ ڪريم (انگريزي: Bulri Shah Karim) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جو هڪ شھر آهي جيڪو بلڙي شاھ ڪريم تعلقي جو صدر مقام آهي. ھن شھر جو نالو سنڌ جي مشھور بزرگ ۽ شاعر شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جي نالي تان پيو جيڪو شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو ڏاڏو ھيو[1]. شھر جو شروع ۾ نالو بلڙي ھيو. شاھ عبدالڪريم (1536-1623) مٽياري ۾ ڄائو ھو ۽ پوء لڏي بلڙي ۾ آيو جنھن ڪري ھن شھر جو نالو بلڙي شاھ ڪريم پئجي ويو[2]. چوڻ ۾ اچي ٿو ته بلڙي ھڪ عورت جو نالو ھيو[3]. ان جي مزار پڻ ھتي واقع آهي جيڪا ھن شھر جي سياحت جو مرڪز آھي. ھن شھر م لکي محلو ۽ شيدي محلو واقع آهن. شھر م ھڪ سرڪاري اسپتال چوويھ ڪلاڪ صحت جي سھولت مھيا ڪري ٿي. ھن شھر کان پنج ڪلوميٽرن جي فاصلي تي جھوڪ شريف واقع آهي جتي صوفي شاھ عنايت شھيد جي درگاھ آھي جتي ھر سال ھزارين ماڻھو زيارت لاءِ ايندا آهن. ھن شھر جو هي پوسٽل ڪوڊ يا زپ ڪوڊ 73020 آھي[4].

آبادي[سنواريو]

2017ع جي آدمشماري مطابق ھن شھر جي آبادي 6,382 ھئي[5].

تعليم[سنواريو]

ھن شھر م پرائمري، مڊل، سيڪنڊري ۽ ھڪ ھائر سيڪنڊري تعليم جي سھولت لاء اسڪول موجود آهن. گريجوئيشن لاء پڻ ھتي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج واقع آهي.

ٽائون ڪاميٽي[سنواريو]

بلڙي شاھ ڪريم شھر ٻہ وارڊن تي مشتمل آهي جنھن ۾ ھڪ ميمڻ محلو ۽ ٻئي ۾ لکي محلو اچي وڃن ٿو. شھر جو درجو ٽائون ڪاميٽي وارو آھي. ھر وارڊ مان ھڪ جنرل ڪائونسلر سڌي چونڊ وسيلي چونڊجندو آهي. ڪل ڪائونسلر گڏجي شھر جي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائس چيئرمين کي چونڊيندا آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. "Shah Karim Bulri, Tando Muhammad Khan". heritage.eftsindh.com. حاصل ڪيل 2020-02-08. 
  2. [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-11-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Patron Saint of Bulri Zulfiqar Ali Kalhoro on the life and legacy of Shah Abdul Karim and the order of Karimi Faqirs  by Zulfiqar Ali Kalhoro October 2, 2020 فرائيڊي ٽائيمز
  3. [ https://www.dawn.com/news/470020/sajjada-nashin-of-bulri-shah-karim-dies-in-new-york]
  4. [ https://www.thepostalcodes.net › ...Bulri Shah Karim Postal code - Pakistan Postal Codes] پوسٽل ڪوڊ
  5. › sindhPDFWeb resultstando muhammad khan summary - DISTRICT AND TEHSIL LEVEL ...