بشير احمد رند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاڪٽر بشير احمد رند
Dr. Bashir Ahmed Rind

ڊاڪٽر بشير احمد رند
پيدائش بشير احمد رند
اپريل 1966 (عمر 57–58 سال)
ڳوٺ مٺو خان لاشاري، جوهي، دادو ضلعو، پاڪستان
ڌنڌو محقق، پروفیسر
ٻولي سنڌي، اردو
شهريت پاڪستاني
تعليم ایم اي (اسلامي ثقافت)، پي ايڇ ڊي اسلامي ثقافت
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
صنف تحقيق
موضوع اسلامي ثقافت ، اسلامي تعليمات
مُکيه ڪم ڪتاب اسلاميات
رشوت
هديو ۽ سفارش

ڊاڪٽر بشير احمد رند(انگريزي:Dr. Bashir Ahmed Rind ) سنڌ پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ پروفيسر ۽ محقق آهي. سندس ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال[سنواريو]

ڊاڪٽر بشير احمد رند، نظام الدين رند جي گهر ۾ 3 اپريل 1966ع تي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڳوٺ مٺو خان لاشاري ۾ پيدا ٿيو. هن وقت ڄامشورو ۾ رهائش پذير آهي. [1]

تعليم[سنواريو]

پروفيسر بشير احمد رند پرائيمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. هن مئٽرڪ جو امتحان 1990ع ۾گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي مان پاس ڪيو ۽ انٽر 1992ع ۾ گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ڪيائين. هن بي اي 1994ع ۾ پاس ڪئي، ايم اي اسلامي ثقافت ۾ 1996ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي ۽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري 2007ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي.[2]

علمي خدمتون[سنواريو]

پروفيسر بشير احمد رند شروع ۾ سيڪنڊري استاد طور 1993ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هيءُ 2002ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اسلامي ثقافت جي مضمون ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جوهي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. بعد ۾ 2005ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شعبي اسلامي ثقافت ۾ اهليت جي بنياد تي ليڪچرار مقرر ٿيو. ترقي ماڻيندي ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو. هاڻ پروفيسر ۽ شعبي اسلامي ثقافت جو چيئرمين پڻ آهي.[3][4]

تحقيقي ڪم[سنواريو]

پروفيسر بشير احمد رند ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا آهن. ڪيترن ئي ملڪ گير سيمينارن ۾ پنهنجا تڄقيقي مقالا پيش ڪري چڪو آهي. سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪيترين ئي ڪاميٽيون جو ميمبر پڻ آهي. سندس رهنمائي ۾ ڪيترائي رسرچ اسڪالر ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن. سندس 2012ع ۾ ڇڀيل تحيقي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو طرفان اسلامي ثقافت جي موضوع تي اسلامي ثقافت جي مضمون لاءِ ڊگري ڪلاسن جي لازمي ڪورس ۾ شامل آهي. ان کانسواءِ ڊاڪٽر بشير احمد رند جا اسلاميات بابت لکيل ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄامشورو طرفان پڻ ڇپرايل آهن جيڪي پنجين ڪلاس کان نائين ڪلاس جي شاگردن لاءِ تيار ڪيل ۽ لازمي ڪورس ۾ شامل آهن.[2][5]

ڪتاب[سنواريو]

  • اسلاميات، ريسرچ گيٽ وي سوسائٽي، پاڪستان، 2007ع
  • هديو ۽ سفارش، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور ، 2008ع
  • اسلامي تعليمات، گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد 2012ع
  • رشوت، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2017ع[6]
  • اسلام جي معاشي تعليم ، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور

حوالا[سنواريو]

  1. ڊاڪٽر بشير احمد رند، اسلامي تعليمات ،گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد، 2012ع
  2. 2.0 2.1 Solangi, Shumaila. "Dr. Bahsir Ahmed Rind – University of Sindh Jamshoro". حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  3. "Editorial Team | The Scholar-Islamic Academic Research Journal". www.siarj.com. حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  4. Bhutto, Afia. "سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ “پاڪستان ۾ عورتن جا مسئلا ۽ اسلامي تعليمات جي روشنيءَ ۾ انهن جو حل” جي موضوع تي ٻه روزه قومي ڪانفرنس اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي، جنهن ۾ رنگ ۽ نسل جي بنياد تي فرق جي ڪا به گنجائش ناهي: ڊاڪٽر فتح محمد برفت بهتر تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان نياڻي ۽ پٽ جا برابر جا حق آهن، شادي جهڙي اهم فيصلي ۾ پٽ سان گڏ نياڻيءَ جي رضامندي معلوم ڪرڻ به لازمي آهي پاڪستان ۾ عورتن جا مسئلا تمام گهڻا آهن، جن جو اسلامي تعليمات جي روشنيءَ ۾ حل ضروري آهي: ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ٻين اسڪالرن جو افتتاحي تقريب کي خطاب". News & Events. حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  5. ٹاؤن, جامعہ علوم اسلامیہ بنوری. "مضامین برائے ڈاکٹر بشیر احمد رند | جامعہ علوم اسلامیہ علامہ محمد یوسف بنوری ٹاؤن". www.banuri.edu.pk (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  6. ٹیم, ای-پیپر. "(کتاب(ڈاکٹر بشیر احمد رِند | Friday Special". حاصل ڪيل 2020-06-06.