برڪینا فاسو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
برڪينا فاسو

Flag of Burkina Faso
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"Unité–Progrès–Justice" (French)
"Unity–Progress–Justice"
ترانو: Une Seule Nuit / Ditanyè  (French)
One Single Night / Hymn of Victory

مڪانيت  برڪینا فاسو  (تيز نيرو) – نقشو آفريڪا  (ھلڪو نيرو & تيز ڀورو) – in the آفريڪي يونين  (ھلڪو نيرو)  –  [Legend]
مڪانيت  برڪینا فاسو  (تيز نيرو)

– نقشو آفريڪا  (ھلڪو نيرو & تيز ڀورو)
– in the آفريڪي يونين  (ھلڪو نيرو)  –  [Legend]

جو مقامBurkina Faso
گادي جو هنڌ اوگادوگو
12°20′N 1°40′W / 12.333°N 1.667°W / 12.333; -1.667
سڀ کان وڏو شهر اوگادوگو
دفتري ٻوليون فرينچ
تسلیم ٿيل قومي ٻولي موئر
فولا
ڊئولا [1]
نسلي گروھ (1995)
مقامي آبادي برڪينيبي
حڪومت وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ
• صدر
راڪ مارڪ ڪرسچين ڪيبوري
پال ڪابا ٿائبا
مقننه نيشنل اسيمبلي
آزادي
• فرانس کان ورتائين
5  آگسٽ 1960
پکيڙ
• جملي
274٬200 km2 (105٬900 sq mi) (74th)
• پاڻي (%)
0.146%
آبادي
• 2017 اندازو
20,107,509[2] (61st)
• 2006 مردم شماري
14,017,262
•  گھاٽائي
64 /km2 (165.8 /sq mi) (137th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$38.758  ارب ڊالر[3]
• في سيڪڙو
$1,992[3]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$14.192 billion[3]


برڪينا فاسو(انگريزي: Burkina Faso) UK /b[unsupported input]ˌknə ˈfæs/, US Listeni/- ˈfɑːs/;[7] فرينچ: [buʁkina faso] اولھ آفريڪا ۾ ھڪ خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي جنھن جي چوڌاري ڇھ ملڪ واقع آھن.ھن ملڪ جي اتر ۾ مالي، اوڀر ۾ نائيجر، ڏکڻ اوڀر ۾ بينن، ڏکڻ ۾ ٽونگو ۽ گھانا ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ آئيوري ڪوسٽ واقع آھن. ھي ھڪ فرينڪو فون ملڪ آھي جنھن جي مقامي ۽ سرڪاري ٻولي فرينچ آھي . ھن ملڪ جو پراڻو نالو اپر وولٽا آھي جيڪو 1958 کان 1984 تائين رھيو جنھن بعد 4 آگسٽ 1984 ۾ ان وقت جي صدر ٿامس سنڪارا ان جو نئون نالو برڪينا فاسو رکيو . ھتان جي ماڻھن کي برڪينيبي (انگريزي: Burkinabé) /b[unsupported input]ˈknəb/ BUR-kee--bay چوندا آهن. ھن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ اوگادوگو (انگريزي: Ouagadougou) آھي.

تاريخ[سنواريو]

ھن ملڪ جو موجوده اتر اولھ وارو پاسو تمام قديم آهي جتي 14000 ق.م.کان 5000 ق.م. دوران شڪار ۽ نباتاتي خوراڪ گڏ ڪندڙ ماڻھو (انگريزي: hunter-gatherer) اتي رھندا ھئا.ٽين کان تيرھين صدي عيسويءَ ۾ اتي بورا تھذيب جنم وٺي اڄوڪي سموري ملڪ واري علائقي ۽ نائيجر تائين ڦھلي.ھتي اڄوڪي دؤر جي رھندڙ موسي، فولا ۽ ڊيولا نسلن جا ماڻھو اٺين کان پندرهين صديءَ جي وچ م ھتي پھتا. 1890 واري ڏھاڪي ۾ فرانس ھن ملڪ تي قبضو ڪيو جنھن سان ھن ملڪ جو بيٺڪي دؤر شروع ٿيو جنھن بعد 1896 ۽ 1904 جي آزادي وارين جنگين کانپوءِ موجوده ملڪ کي فرينچ ويسٽ آفريڪا جو حصو بڻايو ويو ۽ پھرين مارچ 1919 ۾ ان جو نالو درياء وولٽا جي مٿين وھڪرن جي نسبت سان فرينچ اپر وولٽا رکيو ويو.11 ڊسمبر 1958 تي اپروولٽا جي ريپبلڪ قائم ڪئي وئي جنھن تحت ھن ڪالوني کي علحدہ پنھنجي حڪومت ذريعي ھلائڻ جي شروعات ڪئي وئي جيڪا فرانس جي اختيار ھيٺ ھئي. ۽ 5 آگسٽ 1960 ۾ ھي ملڪ فرانس کان آزاد ٿيو ۽ موئرس يميئوگو ھن ملڪ جو پھريون صدر ٿيو جنھن کي 1966 ۾ سينگئولي لاميزانا فوجي بغاوت ذريعي ھٽايو ۽ پاڻ صدر ٿي حڪومت سنڀاليائين.


نالو[سنواريو]

برڪينا فاسو ٻن لفظن جو مرڪب آهي.برڪينا ۽ فاسو. لفظ برڪينا موسي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معنيَ آهي ايماندار يا نيڪ ماڻھو؛ لفظ فاسو ڊيولا ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي سرزمين. اھڙي طرح برڪينا فاسو جي معنيَ آهي ايماندار يا راستباز ماڻھن جي سرزمين.[8]

جاگرافي[سنواريو]

برڪينا فاسو جي سيٽلائيٽ تصوير
برڪينا فاسو جي تصوير

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيھڪ اولھ آفريڪا ۾ 13 00 N, 2 00 W تي آھي. ملڪ جي پکيڙ 274,200 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 273,800 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 400 ڪلوميٽر پاڻي آھي. پکيڙ ۾ ھي ملڪ دنيا جي سڀني ملڪن ۾ 76 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جي زميني سرحد 3,611 ڪ م آھي جنھن مان 386 ڪ م بينن سان ، 545 ڪ م آئيوري ڪوسٽ سان، گھانا 602 ڪ.م.، مالي 1325 ڪ م ، نائيجر 622 ڪ.م.۽ ٽوگو سان 131 ڪ.م. اٿس. ھي ملڪ خشڪي سان گھيريل آھي ۽ ان جي ڪابہ بحري سرحد ڪانہ آھي.ھي ملڪ ميداني علائقن تي مشتمل آھي. اولھ ۽ ڏکڻ اوڀر طرف ٽڪريون اٿس. ملڪ جي سراسري بلندي 297 ميٽر آھي.سڀ کان ھيٺيون مقام درياء ڪارو وولٽا جي سطح آهي جيڪا سمنڊ جي سطح کان 200 ميٽر بلند آھي. سڀ کان اوچو مقام ٽيناڪئورئو آھي جيڪو 749 ميٽر آھي[9].

آبھوا[سنواريو]

ھن ملڪ جي موسم ٽراپيڪل آھي ، اھڙي طرح اھا گرم آھي. سياري جو خشڪ تہ وري اونھاري ۾ تمام گرم ھوندي آھي. برسات اونھاري ۾ ٿيندي آهي[9].

معدنيات ۽ قدرتي وسيلا[سنواريو]

ھن ملڪ جي معدنيات ۽ قدرتي وسيلن ۾ ميگنيز، لائم اسٽون، ماربل، سون، فاسفيٽ، لوڻ، ڪرنڊ پٿر (انگريزي: pumice)شامل آهن[9]

زراعت[سنواريو]

ملڪ جي زرعي زمين ڪل ايراضي جو 43 سيڪڙو آهي جنھن مان رڳو 20.8 پوکيءَ لائق آھي، 0.3 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿيندي آهي، 21.9 سيڪڙو تي مستقل چراگاھون آھن ۽ 20.4 سيڪڙو زمين تي ٻيلا آهن. ملڪ جي 2012 ۾ 550 چورس ڪلوميٽر زمين آبپاشي نظام واري ھئي. ملڪ جي آبادي جو ڳتيل حصو وچ ۽ ملڪ جي ڏاکڻي حصن ۾ آھي[9].

آبادي[سنواريو]

اوگادوگو ۾ تئاريگ نسل جو ماڻھو

2017 جي انگن اکرن مطابق ملڪ جي ڪل آبادي 20,107,509 آھي. آبادي ۾ دنيا جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ ھي ملڪ 59 نمبر تي آهي. ھتان جي ماڻھن کي برڪنيب چوندا آهن. ماڻھن ۾ 52 سيڪڙو موسي، 8.4 سيڪڙو فولاني، 7 سيڪڙو گورما، 4.9 سيڪڙو بوبو، 4.6 سيڪڙو گورونسي، 4.5 سيڪڙو سينوفو، 3.7 سيڪڙو بسا، 2.4 سيڪڙو لوبي، 2.4 سيڪڙو داگارا آھن. ھتان جا 61.5 سيڪڙو ماڻهو مسلمان آھن، 22.3 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ، 6.5 پروٽسٽنٽ آھي[9]


بوبو ڊائيولاسو جي وڏي مسجد

سياسي نظام[سنواريو]

اوگادوگو ۾ نيشنل اسيمبلي جي عمارت

ملڪ صدارتي ريپبلڪ آھي جتي رياست جو سربراھ ملڪ جو صدر آھي ۽ حڪومت جو سربراھ وزيراعظم. ملڪ م تيرھن صوبا آھن. ملڪ جو قانوني نظام فرانس جي نظام تي رکيل آهي ۽ ان ۾ رواجي قانون بہ شامل ٿيل آھن. ھتان جي پارليامينٽ ھڪ ايواني نيشنل اسيمبلي آھي جنھن جون 127 سيٽون آھن جن تي پنجن سالن لاءِ سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ملڪ جي وڏي ۾ وڏي ڪورٽ سپريم ڪورٽ آھي.[9]

حوالا[سنواريو]

  1. André, Géraldine (2007-05-31). "École, langues, cultures et développement" (fr ۾). Cahiers d'études africaines 47 (186): 221–247. doi:10.4000/etudesafricaines.6960. ISSN 0008-0055. http://etudesafricaines.revues.org/6960?lang=en. 
  2. "Burkina Faso population projection". حاصل ڪيل 8 January 2018. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 "Burkina Faso". International Monetary Fund. 
  4. "Distribution of family income – Gini index". The World Factbook. CIA. حاصل ڪيل 1 September 2009. 
  5. "2016 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 21 March 2017. 
  6. CFA Franc BCEAO. Codes: XOF / 952 ISO 4217 currency names and code elements آرڪائيو ڪيا ويا 7 April 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. ISO.
  7. "burkina-faso noun – Definition, pictures, pronunciation and usage notes | Oxford Advanced Learner's Dictionary at OxfordLearnersDictionaries.com". www.oxfordlearnersdictionaries.com. حاصل ڪيل 2017-11-20. 
  8. "Why the name: Burkina Faso?". 
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 9.4 9.5 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2019-09-06 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. سي آء اي فيڪٽس بڪ __