بديع الدين راشدي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد بديع الدين شاه راشدي
سيد بديع الدين شاه راشدي
معروفیت محدث، مفسر قرآن، عالمِ دين
پیدائش 16 مئي، 1926ع (4 ذوالقعد ،1344ھ)ڳوٺ فضل شاھ (نيو سعيدآباد) حيدرآباد ضلعو، برطانوي هندستان
وفات 8 جنوري، 1996ع (16 شعبان ،1416ھ)ڪراچي، پاڪستان
رهائش ڳوٺ فضل شاھ (نيو سعيدآباد) حيدرآباد، پاڪستان
نسل سنڌي
دور ويھين صدي عيسوي
خطو سنڌ
مذھب اسلام
مڪتب فڪر اھل حديث
عملي شعبو قرآن، تفسير، حديث
معروف خدمتون عقيده توحيد اور علمائي سلف ڪي خدمات
حق و باطل عوام ڪي عدالت مين
اسلام ۾ داڙھي ڪا مقام
الٰھي عتاب برسياه خضاب
مروجہ فقہ ڪي حقيقت
مقالاتِ راشديه
اتباع سنت
امامت ڪي اهل ڪون؟
بديع التفاسير

سيد بديع الدين شاه راشدي (پيدائش: 16 مئي، 1926ع بمطابق 4 ذوالقعد ،1344ھ- وفات: 8 جنوري، 1996ع بمطابق 16 شعبان ،1416ھ) اھل حديث مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ سنڌ جا نامور محدث، فقيه ۽ مفسر قرآن ھيا.

زندگيءَ جو احوال[سنواريو]

بديع الدين شاه راشدي 16 مئي، 1926ع (4 ذوالقعد ،1344ھ) تي ڳوٺ فضل شاھ (نيو سعيدآباد)، ضلعي حيدرآباد، برطانوي هندستان ۾ پيدا ٿيا. ديني تعليم جي شروعات پنھنجي آبائي مدرسي دارالارشاد مان ڪيائون.ٽن مھينن جي ننڍڙي مدت ۾ حفظ القرآن جي تڪميل ڪيائون، بعد ۾ پنھنجي والد محترم سيد احسان الله شاه راشدي کان تفسير حديث ۽ فقه جي تحصيل ڪيائون. هن جن حديث جي عالمن کان حديث تفسير، فقه ۽ مختلف اسلامي علمن ۾ تعليم حاصل ڪئي انھن ۾ مولانا سيد محب الله شاه راشدي، مولانا ثناء الله امرتسري، مولانا حافظ عبدالله محدث روپڙي، مولانا ابو اسحاق نيڪ محمد امرتسري، مولانا ابو سعيد شرف الدين محدث دهلوي وغيره جا نالا ذڪر جوڳا آھن. تعليم مان فراغت کانپوءِ پنھنجي ڳوٺ ۾ درس ۽ تدريس جو سلسلو جاري ڪيائون ۽ پوءِ پنھنجي سڄي زندگي درس ۽ تدريس وعظ ۽ تبليغ ، دعوت ۽ ارشاد ۽ تصنيف ۽ تاليف ۾ کپايائون. سندن جي تلامذه جي فهرست چڱي ڊگھي آهي. دعوت ڪتاب ۽ سنت ۽ ترديد شرڪ ۽ بدعت جي سلسلي ۾ ھنن کي مصائبن ۽ المن کي منھن ڏيڻو پيو ھو. ان کان علاوه ھو بلند پائي جا مناظر، اعليٰ پائي جا خطيب ۽ مقرر بہ ھيا. مدينۃ النبي ۾ ڪيترائي سال ترسيل رهيا ۽ اتي حديث جو درس ڏيندا رھيا. گھڻ مطالعه ھيا ۽ تصنيف ۽ تاليف جو شوق بہ رکندا ھيا. عربي، اردو ۽ سنڌي ۾ ڪتاب لکيل اٿن.[1]

تصنيفون[سنواريو]

  • بديع التفاسير
  • عقيده توحيد اور علماءِ سلف ڪي خدمات
  • حق و باطل عوام ڪي عدالت مين
  • اسلام مين داڙھي ڪا مقام
  • مروجه فقه ڪي حقيقت
  • مقالاتِ راشديه
  • اتباع سنت
  • امامت ڪي اهل ڪون؟

وفات[سنواريو]

بديع الدين شاه راشدي 8 جنوري، 1996ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪري وي. ھو پنھنجي آبائي ڳوٺ ڳوٺ فضل شاه (نيو سعيدآباد)، حيدرآباد، پاڪستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيل آھن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ابو محمد بديع الدين راشدي، ڪتاب و سنت ڪام, وقت 2016-10-27 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-06-04