بارٽل فريئر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
سر ھينري بارٽل فريئر, 1st Bt
GCB GCSI
Sir (Henry) Bartle Frere, 1st Bt by Sir George Reid.jpg
سنڌ جو ڪمشنر
عهدو سنڀاليو
1851–1859
شاهي حڪمران وڪٽوريا
پيشرو رچرڊ ڪيٿ پرنجل
جانشين جوناٿن ڊنڪب انوريرٽي
بمبئي جو گورنر
عهدو سنڀاليو
1862–1867
شاهي حڪمران وڪٽوريا
پيشرو سر جارج رسل ڪلرڪ
جانشين وليم ويسي فٽزجيرالڊ
ڏاکڻي آفريڪا لاءِ ھاءِ ڪمشنر
عهدو سنڀاليو
1877–1880
شاهي حڪمران وڪٽوريا
پيشرو سر ھينري بارڪلي
جانشين ھينري ھف ڪلفورڊ
acting
ذاتي تفصيل
پيدائش

29 March 1815
ڪلائڊاچ

مئنمٿشائر , ويلز
وفات 29 مئي 1884 (سال 69)
ومبلڊن، لنڊن، انگلينڊ
قوميت برطانوي
مادر علمي ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪاليج

سر ھينري بارٽل ايڊورڊ فريئر، 29 مارچ 1815ع تي ويلز جي ’برڪنڪشائر‘(Brecknockshire) شهر ۾ ڄائو.[1]

ننڍپڻ[سنواريو]

بارٽل فريئر هڪ معزز ۽ خوشحال فريئر خاندان ۾ 9 2 مارچ 5 1 8 1ع تي ڪلائڊاچ هائوس للانيليClydach House ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس والد ايڊورڊ فريئر ڪلئڊاچ ٬ئرن ورڪس جو مينيجر ھيو. ۽ ماءُ ميري اين فريئر ھئي. فريئر جڏهن ٻن ٽن سالن جو ٿيو تڏهن اوچتو سائوٿ ويلس ۾ مزدورن جي بغاوت ٿي، جنهن ڪري هي خاندان هجرت ڪري باٿ جي نزديڪ وڃي رهيو. اتي هنن هڪ جاءِ خريد ڪئي، جنهن تي وُڊ ڪارب جو نالو رکيائون. هن گھر جي رهائش واري زماني ۾، هُو ڀر واري اسڪول پنهنجي ننڍي ڀاءُ ايڊورڊ سان گڏ تعليم وٺڻ لاءِ داخل ٿيو. وڊ ڪارب ۾ به سندس خاندان ڪو گهڻو وقت نه رهيو. هُو اتان نقل مڪاني ڪري ايون نديءَ جي ڀرسان سبدنهام ڪاٽيج ۾ وڃي رهيا. سن 1829 ع ۾ اوچتو هن گھر کي باهه لڳي،جنهن ۾ هن خاندان جي جمع ڪيل سرمايي جو گهڻو حصو جلي ويو.[2]

تعليم[سنواريو]

فريئر جي تعليم باٿ جي هڪ گرامر اسڪول ۾ شروع ٿي، بعد هُو سترهن ورهين جي عمر ۾ هئليبري ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ ويو، جتي هن دوران تعليم ۾ ڪيترائي ميڊل ۽ انعام حاصل ڪيا. ڊسمبر1833ع ۾ هو ڪاليج کان فارغ ٿي نڪتو، کيس ڪاليج لسٽ تي پهريون نمبر رکيو ويو. هئليبري کان فارغ ٿيڻ بعد کيس ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي طرفان هندستاني ملازمت جي لاءِ انتخاب ڪيو ويو. نظم ۽ نسق جي تربيت لاءِ، هو ٽرنٽي ڪاليج ڪئمبرج ۾ داخل ٿيو، جتي کيس يوناني ۽ لاطيني زبان جي تعليم ڏني وئي، ۽ هنن ٻولين کانسواءِ مشرقي ٻولين جي به کيس واقفيت ڏني ويئي.[2]

خاندان[سنواريو]

10 آڪٽوبر 1944ع ۾ ھن جي شادي ڪيٿرائن آرٿر سان ٿي. ڪيٿرائن بمبئي جي گورنر سر جارج آرٿر جي ڌيءَ هئي ۽ 1821ع ۾ ھونڊوراس ۾ پيدا ٿي ھئي. شاديء کان ٻه سال اڳ ھي پنھنجي سھري يعني بمبئيءَ جي گورنر جو پرائيويٽ سيڪريٽري بڻيو ھو.ھنن کي 1845ع برٽن ، گلاسيسٽ شاير ۾ ڌيءَ ميري اليزا اسابيلا فريئر ڄائي. ٻي ڌيءَ ڪيٿرائن فرانسس فريئر 1848ع ۾ ايسٽ انڊيز ۾ پيدا ٿي جنھن 1909ع ۾ ڪتاب دي ڪڪري بڪ آف ليڊي ڪليرڪ آف ٽليپورني The Cookery Book of Lady Clark of Tillypronie in لکيو ھو.کين ٽين ڌيءَ جارجينا ھيملٽن چچيسٽر فريئر 1850 ۾ ايسٽ انڊيز ۾ پيدا ٿي .1855 ۾ پيدنگٽن Paddington ۾ ھڪ پٽ بارٽل ڪيمپٽن آرٿر پيدا ٿيو.سندن چوٿين ڌيءَ اليزا فريڊرڪا جين فريئر 1857 ۾ ومبلڊن،لنڊن ۾ پيدا ٿي.

ھندستان جو سفر[سنواريو]

بارٽل فريئر سنه1834ع ۾ هندستان لاءِ روانو ٿيو، ”فائر فلاءِ“ نالي جهاز ۾ سوار ٿي مالٽا ۾ پهتو. مالٽا ۾ کيس هڪ مهينو، ٻئي جهاز جي لاءِ انتظار ڪڍڻو پيو. جولاءِ ۾ هو هڪ يوناني جهاز ۾ سوار ٿي اسڪندريه روانو ٿيو، اسڪندريه ۾ پهچي، هو مصر جي سياحت ۾ مشغول ٿي ويو. القاهره کان نيل جي واديءَ ۾ آثار قديمه جي ڏسڻ لاءِ، ٿيبس ۽ ڪارناڪ به ويو. لارڊ بينٽنڪ جي موڪليل جهاز مصر جي بندرگاهه ۾ پهچي نه سگهيو، ان ڪري هن مجبور ٿي مصر ۾ رندڙ برٽش ڪائونسل جي مدد سان موخا (ساحل عرب) کان هندستان وڃڻ جي اجازت حاصل ڪئي. آگسٽ جي مهيني ۾ جهاز ننڍڙن بندرن ينبوع ۽ ٻين کان گذري جده پهتو. ڳاڙهي سمنڊ جي سورهن ڏينهن جي سفر کان پوءِ هو موخا جي بندر ۾ پهتو. موخا کان هڪ جهاز حاجين کي کنيو سورت ٿي ويو، هو ان تي سوار ٿي 3 2 _ سيپٽمبر 1834 ع تي بمبئيءَ پهتو. هو سڌو پنهنجي پاءُ وليم فريئر وٽ پهتو، جو اڳ ۾ ئي، بمبئي ۾ سول سروس ۾ هو.[2]

خدمتون[سنواريو]

1834ع ڌاري هيليبري ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ، انڊين سول سروس ۾ ملازمت جي شروعات ڪيائين. مسٽر بارٽل فريئر انگريزن جي اوائلي دور جو هڪ عملدار هو. کيس 1851ء ۾ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ان وقت فريئر صرف 35 سالن جو هو. فريئر جي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ معاشرتي، تجارتي ۽ تعليمي سرگرمين ۾ انقلاب برپا ٿي ويو. هن جي ئي وقت ۾ ڪراچيءَ ۾ پهريون انگلش ميڊيم اسڪول کليو. هن جي ئي وقت ۾ ڪراچيءَ کان ملتان تائين سنڌو درياهه جي رستي ”بوٽ سروس“ شروع ڪئي وئي. ڪراچي بندرگاهه جي ترقيءَ لاءِ پڻ هن بندرگاهه جي سروي ڪرائي. هن ٽپال کاتي ۾ تمام گهڻيون تبديليون آنديون. فريئر جي دؤر ۾ ڪراچيءَ تمام گهڻي ترقي حاصل ڪئي. 1853ع ۾ هن شهر ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ ملير نديءَ ۾ نوان کوهه کوٽايا ويا ۽ 1859ء ۾ ڪياماڙيءَ کان ڪينٽ تائين ريلوي لائين وڇائي وئي. هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ لِپي ۽ صورتخطي مقرر ڪرائڻ لاءِ سنڌي عالمن جي ڪاميٽي، سر ايڇ. بئرو ايلس جي سربراهيءَ ۾ مقرر ڪرائي، ان کي حتمي شڪل ڏياري ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ۽ دفتري زبان جو درجو ڏياريو. هن 1857ع ۾ هڪ فرمان ذريعي سنڌيءَ کي سرڪاري ۽ دفتري زبان بنايو ۽ حڪم ڏنو، ڪا به درخواست صرف سنڌيءَ ۾ لکيل قبول ڪئي ويندي ۽ جي فارسيءَ ۾ لکيل هوندي ته ان سان سنڌي ترجمو شامل ڪيو وڃي، ٻيءَ صورت ۾ ٻڌڻ ۾ نه ايندي.[1]

فريئر آڪٽوبر 1859ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو، جتان هن کي ترقي ڏيئي بمبئيءَ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. ڪجهه وقت هيءُ ڏکڻ آفريڪا ۾ به رهيو.[1]

ھندوستان ۾ مقرريون[سنواريو]

اُن زماني ۾ سول سروس ۾ داخل ٿيندڙ آفيسرن لاءِ، ديسي ٻولين ۾ امتحان ڏيڻ لازمي هو. اُن کانپوءِ سندن تقرري ٿي سگهندي هئي. بارٽل فريئر جو ڀاءُ وليم، اڳ ۾ ئي سول سروس ۾ هو، ان ڪري هو سندس رهبريءَ هيٺ امتحان جي تياريءَ ۾ مشغول ٿي ويو. ٽن مهينن کان پوءِ هو، ان لازمي امتحان ۾ ويٺو ۽ ڪاميابي حاصل ڪيائين. سندس خواهش هئي ته سندس تقرري بيلگام جي ضلعي ۾ ٿئي، مگر کيس پوني ۾ ريونيو آفيسر جي ماتحت رکيو ويو. ان وقت لارڊ ڪليئر بمبئيءَ جو گورنر هو. پوني ۾ کيس سال کن رهندي مس گذريو هو، جو بمبئيءَ جي هڪ ضلعي انداپور ۾ مزارعين ۽ حڪومت جو تصادم ٿي پيو. هي شڪايتون بمبئيءَ جي ريونيو ڪمشنر وليمسن نالي هڪ انگريز وٽ پهتيون. هن پنهجي نائب، هينري گولڊ سمڊ کي هن جاچ لاءِ انداپور موڪليو. انڪوائري آفيسر جي خواهش تي، سندس مدد لاءِ بارٽل فريئر کي به ساڻس گڏ موڪليو ويو. هن ڪم جي پوري ٿيڻ کانپوءِ، هينئر گولڊ سمڊ کي انداپور ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو. فريئر پنهنجي اڳين جاءِ تي موٽي ويو. جلد ئي گولڊ سمڊ کي دکن جي زمينن جي سروي لاءِ آفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ فريئر انداپور ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٿي ويو.اتان ترقي ڪري وڃي اسسٽنٽ ريونيو ڪمشنر جي عهدي تي پهتو. جتي هن آزمودگار ريونيو ڪمشنر وليمسن کان گهڻو ڪجهه پرايو.[2]

ڀاء جي موت جو صدمو[سنواريو]

سنه 7 3 8 1ع جي ابتدا ۾، بارٽل فريئر جو ننڍو ڀاءُ، پنهنجي ريجيمينٽ سان گڏ انگلينڊ کان ڪلڪلتي پهتو. افغانستان جو شاهه، شاهه شجاع پنهنجو تخت ۽ تاج وڃائي، اچي پنجاب جي راجا رنجيتسنگهه وٽ پناهه گزين ٿيو. انگريز حڪومت کي وچ ايشيا ۾ روسي طاقت جي وڌندڙ سيلاب کان خطرو پيدا ٿيو، جو ڏکڻ ۾ افغانستان جي حدن تائين اچي پهتو هو. اهڙيءَ حالت ۾ انگريزي حڪومت چاهيو ٿي ته افغانستان ۾ هڪ اهڙو حڪمران هجي جو سندن اشارن تي هلندو رهي. هن مقصد کي پيش نظر رکندي، انگريزي سياستدانن جون اکيون معزول شاهه شجاع ڏانهن ويون، هنن چاهيو ٿي ته ان کي وري ڪابل جي تخت تي ويهاريو وڃي. راجا رنجيتسنگهه انگريزن سان شامل ٿي ويو. اهڙيءَ ريت انگريزي گورنر جنرل لارڊ آڪلنڊ، رنجيتسنگه ۽ شاهه شجاع جو اتحاد ثلاثه قائم ٿيو. فيصلو ڪيو ويو ته شاهه شجاع کي انگريزي فوج جي حفاظت ۾ ڪابل پهچايو وڃي ۽ اتي سندس حڪومت جو نئين سر بنياد رکيو وڃي. افغانستان ڏانهن وڃڻ لاءِ به سنڌ جي رستي جو انتخاب ڪيو . سنه 1839ع ۾ هي فوج، سر جان ڪين جي مهنداري هيٺ هن مهم لاءِ رواني ٿي. هن فوج ۾ رچرڊ فريئر به هو، جو ٻن سالن کانپوءِ پنهنجي ڀائرن وليم ۽ بارٽل سان بمبئيءَ ۾ اچي مليو. سر جان ڪين قلات، غلزئي، قنڌار ۽ غزنيءَ کان گذري، ڪابل پهتو. امير دوست محمد، انگريزي فوج جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ آخر پيش پيو. شاه شجاع کي تخت تي ويهاريو ويو. ٻه مشهور انگريز سياستدان سر وليم مئڪناٽن ۽ سر اليگزينڊر برنيز سندس صلاحڪار مقرر ٿيا. ڪين جون فوجون واپس موٽيون. مگر شاهه جي مدد لاءِ، هڪ انگريزي فوجي دستو ڪابل ۾ رهيو. بهرحال رچرڊ فريئر جنرل سيل جي گشتي دستي ۾ شامل ٿيو، جو جلال آباد ۾ موجود هو. اوچتو امير دوست محمد جي پٽ اڪبر خان، افغانستان ۾ اندر ئي اندر، شاهه شجاع ۽ ان جي انگريز مددگارن جي خلاف بغاوت کي پيدا ڪيو ۽ ٻارهن مهينن جي عرصي ۾، افغان احرارن جي هٿان، سر وليم مئڪناٽن، برنيز ۽ خود شاهه شجاع قتل ٿي ويا. انگريزي مددي فوج تي تباهي اچي ويئي. مگر جنرل ناٽ قنڌار ۾ ۽ جنرل سيل جلال آباد ۾ پنهنجي جاءِ تي قائم رهيا ۽ مدافعت ڪندا رهيا. ايستائين جو جنرل پالڪ فاتحانه انداز ۾ ڪابل ۾ داخل ٿيو. هن فتوحات جي بعد، ميجر رچرڊ فريئر، جنرل سيل سان گڏ هندستان روانو ٿيو، پر راولپنڊي ۾ بيمار ٿي مري ويو. سندس موت جو بارٽل فريئر تي وڏو اثر پيو.[2]

بمبئي ۾ سول سروس[سنواريو]

سن 5 3 8 1 ع ۾لارڊ ڪليئر، بمبئيءَ جو گورنر پنهنجي عهدي جي مدت ختم ڪري انگلينڊ روانو ٿيو.ساڳئي سال بارٽل فريئر پوني جو اسٽنٽ ڪمشنر بڻيو. چچ سن 5 3 8 1 ع کان سن 2 4 8 1 ع تائين بمبئيءَ ۾ عارضي گورنر ڪم ڪندا رهيا[3]. سن 2 4 8 1 ع ۾ سر جارج آرٿر، بمبئيءَ جو مستقل طرح گورنر ٿي آيو. ساڻس سڄو ڪٽنب به هو ۽ ان سان گڏ پرائيويٽ سيڪريٽري به، جنهن جو نالو ڪرنل پروڪٽر هو. پروڪٽر تي عدن ۾ تمازت آفتاب جو حملو ٿيو. ۽ جان بَر ٿي نه سگهيو. بمبئيءَ پهچڻ تي کيس نئين پرائيويٽ سيڪريٽريءَ جي ضرورت پيئي. جيئن ته لارڊ ڪليئر، بارٽل فريئر جي حسن خدمتيءَ جي وڏي ساراهه لکي ويو هو، ان ڪري سر آرٿر کيس پنهنجو پرائيوٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو. سر آرٿر جي خاندان جي قريب رهڻ جي ڪري، فريئر جي گورنر جي وڏي نياڻي ڪئٿرائين سان محبت پيدا ٿي. اڳتي هلي هن جوڙي جي پاڻ ۾ شادي ٿي. بارٽل فريئر سن 4 4 8 1 ع تائين هن عهدي تي رهيو. هن سال جي اپريل جي مهيني ۾ سندس والد گذاري ويو. دل جي بيقراريءَ جي ڪري، هن فرلو موڪل لاءِ درخواست ڏني، جا سندس منظور ڪئي وئي ۽ هو زال سميت انگلينڊ روانو ٿي ويو. پنهنجي صحت جي خرابيءَ جي ڪري، هو ٻه سال انگلينڊ ۾ رهيو ۽ نومبر 6 4 8 1 ع ۾ هو بمبئي موٽيو. هن وچ ۾ سرجارج آرٿر گورنرءَ جي عهدي کان سبڪدوش ٿي، انگلينڊ روانو ٿيو ۽ سندس جاءِ تي سر جارج بمبئيءَ جو گورنر مقرر ٿيو. موٽي اچڻ تي فريئر بمبئيءَ جي گورنر جي پرائيويٽ سيڪريٽريءَ جي بجاءِ، بمبئي ۾ ڪسٽمس ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو.[2]

بطور ستارا رياست جو ريزيڊنٽ[سنواريو]

مرهٽن جي سلطنت جي زوال کانپوءِ، جنهن جي ابتدا پاڻيپٽ جي ميدان ۾ احمد شاه ابداليءَ کان ۽ آخري تباهي انگريزن کان ٿي، ستارا جي ننڍي رياست ۾ شيواجي جي اولاد حڪومت قائم ڪئي هئي، جو راجا انگريزن جي سرپرستي هيٺ حڪومت ڪري رهيو هو. اپريل 7 4 8 1 ع ۾ سرجيمس آئوٽرام، جو اُتي ريزيڊنٽ هو، موڪل تي انگلينڊ روانو ٿيو. سر جارج جي انتخاب جي نظر بارٽل فريئر تي پيئي ۽ کيس ستارا رياست جي راجشاھي درٻار ۾ ريزيڊنٽ مقرر ڪري موڪليو ويو. جلدي اتان جو راجا بيمار ٿي پيو. پنهنجي بيماريءَ جي وقت، هن ڀونسلي خاندان مان هڪ ٻار ايڊاپٽ ڪري ورتو. مگر 1848 ۾ راجا وفات ڪري ويو۽ 1849 ۾ لارڊ ڊلهائوسي، هندستان جي گورنر جنرل، راجا جي وصيت کي قبول نه ڪيو ۽ ستارا رياست کي کي انگزيزي حڪومت سان ملايو ويو ۽ اتان جو پهريون ڪمشنر بارٽل فريئر مقرر ٿيو. فريئر، جيترو وقت اُتي رهيو، پاڻ کي بهترين منتظم ثابت ڪيائين. .[2]

سنڌ ۾ بطور ڪمشنر پوسٽنگ[سنواريو]

سر چارلس نيپيئر، سنڌ جي گورنري کان سن1847ع ۾ الڳ ٿيو. سندس هلي وڃڻ کاپنوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن فيصلو ڪيو ته سنڌ جو بمبئيءَ جي پرڳڻي سان الحاق ڪيو وڃي ۽ آئندي هي ملڪ، بمبئي جي گورنر جي ماتحت ٿي رهي. هن فيصلي کانپوءِ سنڌ جي آزاد حيثيت ختم ٿي ويئي. نئين نظام هيٺ بمبئي گورنمينٽ جو چيف سيڪريٽري مسٽر پرنگل سنڌ جو پهريون ڪمشنر ٿي آيو. نيپيئر جي حڪومت جي سڄي دور ۾(1843 - 1847ع) فوجي راڄ قائم رهيو. جنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن کي هڪ عجيب استبدادي دور مان گذرڻو پيو. پرنگل جي دور ۾ ،نيپيئر وارو استبداد ته نه رهيو هو، مگر هو ڪوشش ڪري پنهنجي پيش رو جي نقش قدم تي هلي رهيو هو. سن 1850 ع ۾ هو نامعلوم سببن جي ڪري پنهنجي عهدي کان مستعفي ٿي ويو. بمبئيءَ جي گورنر لارڊ فاڪلنڊ سندس استعيفا کي قبول ڪيو ۽ سندس جاءِ لاءِ، پنهنجي ملٽري سيڪريٽري مسٽر مالويل جي سفارش ڪئي. مگر بمبئي جي ڪائونسل، مسٽر مالويل جي نالي جي مخالفت ڪئي، ڇو ته هنن نٿي چاهيو ته سنڌ جي حڪومت وري ڪنهن فوجي آفيسر کي سپرد ڪئي وڃي. معاملو هندستان جي گورنر جنرل ڊلهائوسي تائين وڃي پهتو. جنهن بمبئي ڪائونسل سان اتفاق ڪري، گورنر کي لکي موڪليو ته ڪنهن سول سروس جي لائق ماڻهوءَ جو نالو سفارش ڪري موڪليو وڃي. لارڊ فاڪلنڊ، گورنر جنرل جي حڪم جي تعميل ڪري، هڪ نوجوان آفيسر بارٽل فريئر جو نالو سفارش ڪري موڪليو، پر هن دفعي به ڪائونسل جا ٻه ميمبر، گورنر جي راءِ سان متفق نه ٿيا ۽ هنن اعتراض ورتو ته هيءَ هڪ نوجوان آفيسر جي مقرري آهي، جنهن کي ايڏي دور دراز ملڪ جي انتظام هلاڻ جو ڪوبه تجربو نه آهي. ان کان سواءِ، ڪيترائي سرڪاري ملازم، جن جي ملازمت جو عرصو، فريئر کان نهايت گهڻو آهي، پنهنجي جاءِ تي متاثر ٿيندا. مگر هن ڀيري لارڊ فاڪلنڊ پنهنجي فيصلي تي مضبوط ٿي بيٺو ۽ دڙڪو ڏنائين ته جيڪڏهن سندس راءِ کي قبول نه ڪيو ويو ته هُو پنهنجي عهدي کان مستعفي ٿي ويندو. آخر لارڊ فاڪلنڊ جي راءِ کي قبول ڪيو ويو ۽ بارٽل فريئر سنڌ جي ڪمشنر جي چارج وٺڻ لاءِ“ جنوري سن 1851 ع ۾ ڪراچيءَ پهتو. جهاز کي بندر کان دور بيهاريو ويو ۽ هُو هڪ ٻيڙيءَ جي رستي ڪناري تي پهتو. اتان کان وٺي گورنمينٽ هائوس تائين وارياسو رستو لتاڙڻو پيو، ڇو ته ان وقت تائين، اڃا ڪراچي ۾ ڪي به باقاعده رستا نه ٺهيا هئا. گورنمينٽ هائوس هڪ ڊگهي عمارت هئي، جنهن کي ڪشاده ورانڊو هو. هن عمارت جي سامهون وڏو گول ميدان هو، جنهن ۾ فقط خودرو اوڀڙ هئا. جيئن ته زمين وارياسي هئي، اُن ڪري منجهس باغ رکڻ جي ڪا به اميد نه هئي.[2] ساڳي ڏينهن جي منجهند جو اتفاقاً نيپيئر پنهنجي سڄي ڪٽنب سان، سنڌو نديءَ جي رستي اُتر هندستان کان ڪراچي پهتو. هُو ٿورو وقت اڳ، جليانوالا“ جي مشهور انگريز ۽ مک لڙائي کانپوءِ، هندستان جي نامزد ڪمانڊر انچيف ٿي آيو هو. پر جيئن ته سر هيوگف، سکن کي گجرات جي لڙائيءَ ۾ ڪاپاري ڌڪ هڻي چڪو هو، ۽ خطرو ختم ٿي چڪو هو، تنهن ڪري هو واپس انگلينڊ وڃي رهيو هو. هو ڪراچي ۾ بارٽل فريئر جو ٽي_چار ڏينهن مهمان ٿي رهيو، ۽ سنڌ جي نظم ۽ نسق بابت کيس ڪيترائي مشورا ڏنائين. هن ملاقات کانپوءِ، فريئر هن مشهور انگريز جنرل جو دوست بڻجي ويو. آگسٽ سن 3 5 8 1 ع ۾ جڏهن انگلينڊ ۾ سرچارلس نيپيئر فوت ٿي ويو، تڏهن فريئر ڪرانچي ۾ هڪ ماتمي جلو ڪري، مري وڃڻ واري جي گهڻي ساراهه ڪئي.[4].

مير علي مراد خان ٽالپر جو معاملو[سنواريو]

بارٽل فريئر، جڏهن سنڌ ۾ ڪمشنر ٿي آيو تڏهن چوڌاري صلع ۽ سانت هو. حڪمران ميرن کي سنڌ کان ٻاهر موڪليو ويو هو، ۽ رعايا کان سندن غم گهٽجي چڪو هو. فقط خيرپور رياست جو والي مير علي مراد خان، ميرن مان، هڪ اهڙي شخصيت هو، جو پنهنجي وطن ۾، پنهنجي موروثي تخت تي قابض هو. هن پنهنجي خاندان سان ڪا چڱائي نه ڪئي هئي ۽ پنهنجي هوَس جو شڪار ٿي، پنهنجي خاندان کي تباهيءَ تي پهچائي چڪو هو. سر چارلس نيپيئر جو شخصي دوست هو، نيپيئر جي زماني ۾ ئي، هيءَ ڳالهه ظاهر ٿي ته مير موصوف، اهڙن پرڳڻن تي قبضو ڪيو آهي، جي اصل ۾ ساڻس متعلق نه هئا.[5]. مگر هن کي حقيقت کي ”تازه نوائي معارڪ“ جو منصف وڏي تفصيل سان لکي ٿو [6]. هن سڄي فساد جو باني، شيخ علي حسن سهارنپوري هو، جو مير صاحب جو وزير هو. حڪومت جو سڄو اقتدار سندس هٿ ۾ هو. ايتريقدر جو هو جڏنهن ٻٻرلوءِ ۾ پنهنجي مڪان ۾ ايندو هو تڏهن سندس آمد جي اعزاز ۾ توبون ڇوڙيون وينديون هيون. جن جو آواز سکر جي انگريزي ڇانوڻيءَ ۾ ٻُڌڻ ۾ ايندو هو. رفتي رفتي مير صاحب جي شفقت جي نظر، شيخ علي حسن کان دور ٿي ويندي رهي، تان جو مير صاحب کيس ان اعليٰ عهدي کان معزول ڪري ڇڏيو. ٿورا ڏينهن هُو سکر جي صدر بازار ۾ وڃي رهيو هو، پنهنجي خانگي سپاهه کي تنخواهه ڏيڻ کان مجبور ٿي، هو ملتان جي طرف هليو ويو. جيئن ته کيس اُتي به آرام نه آيو، ۽ مير محمد حسن خان ولد مير رستم خان وٽ وڃي رھيو. شيخ علي حسن مير صاحب جي هڪ اهم راز جو انڪشاف ڪيو، جنهن کي ”خيرپور نامه“ جو مصنف هيئن ٿو لکي:[7] ”سال 1841ع ۾ اُن وقت جڏهن مسٽر راس بيل، مير رستم خان جي عهد ۾ خيرپور جو پوليٽيڪل ايجنٽ هو، مير علي مراد خان، صاحب موصوف کي درخواست ڏني ته مير رستم خان ۽ سندس پائيٽي مير نصير خان ولد مير مبارڪ خان، سندس ڪي پرڳڻا غصب ڪيا آهن، جي موٽائي ڏنا وڃن. راس بيل پنهنجي حڪومت سان، هن معاملي بابت لهه وچڙ ۾ هو ته مير صاحبن جي دشمنيءَ جو معاملو ايستائين وڌي ويو، جو ٻئي ڌريون جنگ تي لهي آيون. نونارين جي ڳوٺ وٽ هيءَ جنگ لڳي، جنهن ۾ مير علي مراد خان کي فتح حاصل ٿي. ڌرين ۾ صلح ٿيو ۽ اُهو صلح جو مسودو قرآن شريف تي لکيو ويو. اُن عهد نامي موجب ملڪ جا ڪي حصا مير علي مراد خان جي قبضي ۾ اچي ويا. هن عهد نامي کي ”نونار جو عهد نامو“ ٿا سڏين.“ ساڳيو مصنف هن حقيقت بابت اڳتي هلي لکي ٿو ته:[5] ”مياڻيءَ ۽ دٻي جي جنگين کانپوءِ، ملڪ جا جيڪي به حصا، مير رستم خان جي هٿ ۾ هئا، سي مير علي مراد خان کي ڏنا ويا. سواءِ [ڪوٽ سبزل|[سبزل ڪوٽ]] ۽ ڀرنگ جي، جيڪي بهاولپور جي والي کي ڏنا ويا. سر چارلس نيپيئر اڃا ملڪ جي انتظام ۾ مشغول هو ته سن 1845ع ۽ سن 1847ع جي وچ ڌاري، کيس اطلاع مليو ته مير علي مراد خان، نونار جي عهد نامي ۾ ٺڳي ڪئي آهي. قرآن شريف تي لکيل تحرير کي ڦاڙي، ان جي بجاءِ ٻيو ورق وڌو ويو آهي. جتي به همنام ديهون لکيل هيون. انهن کي پرڳڻو بڻايو ويو آهي. مثال طور ماٿيلو ۽ دادلوءِ جي ديهن کي پرڳڻو بڻايو ويو آهي ۽ اُهي مير علي مراد جي قبضي ۾ آهن. افسوس جو هن راز ۾ مير صاحب سان شيخ علي حسن همراز هو. شيخ، مير صاحب وٽان خواريءَ سان نڪرڻ بعد، مير علي مراد جي مخالفن سان سازباز ڪئي ۽ هن راز کي شڪارپور جي وڏي پوليس آفيسر، مسٽر هسبنڊ وٽ ظاهر ڪيو. رفته رفته هي مقدمو پنهنجي نوعيت سان گَهرو ٿيندو ويو. سن 1847ع ۾ نيپيئر پنهنجي ملازمت کان سبڪدوش ٿي ويو. نئين ڪمشنر پرنگل جي دور ۾ هن معاملي جي تحقيق لاءِ هڪ ڪميشن مقرر ڪئي ويئي. هن ڪميشن جو اجلاس سن 1850 ع ۾ سکر ۾ ٿيو. پرنگل کي اگرچ مير صاحب جي انگريزي دوستيءَ جي سڄي خبر هئي، هُن مير کي ڪميشن جي سامهون حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو. ڪميشن مير صاحب کي ڏوهاري ثابت ڪيو. بمبئيءَ گورنمينٽ، ڪميشن جي فيصلي کي بحال ڪيو. گورنر جنرل سڄي لکپڙهه، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس ڏي ڏياري موڪلي. نومبر 1851ع ۾ انگلينڊ کان فيصلو بمبئيءَ ۾ پهچي ويو. هيءُ فيصلو ”سورت“ نالي جهاز ۾ ڪراچيءَ ۾ موڪليو ويو. هي جهاز منزل مقصود تي پهچي نه سگهيو ۽ واٽ تي ئي غرق ٿي ويو. بهرحال مهينو پوءِ، فيصلو ڪراچي ۾ پهچي ويو.[5] ”تازه نواي معارڪ“ جي مصنف هن واقعي کي سن 1858ع سان منسوب ڪيو آهي، جو قطعي غلط آهي . فريئر جو اشتهار جو انگريزيءَ ۾ موجود آهي، ان تي 8 1 _ جنوري سن 1856 ع ڏيکاريل آهي . بهرحال فريئر فيصلي جي پهچڻ کانپوءِ، عام اشتهار ذريعي، ان کي مشتهر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان جو ٿورو حصو ھي آهي تہ: ”مير صاحب جي مٿان تهمت هئي، جنهن کان هُو ڪنهن به طرح، پاڻ کي بَري نه ڪري سگهيو آهي. ان ڪري سرڪار اشتهار ٿي ڪري ته مير علي مراد خان کي رئيسيءَ جي عهدي کان برطرف ٿو ڪجي. سڀئي ملڪ جا حصا، سواءِ سندس موروثي حصن جي، ٻيا سڀ انگريزي ملڪ سان لاڳو ڪيا وڃن ٿا.“ ”تازه نوائي معارڪ“ ۾ جتي اشتهارنامه فارسيءَ ۾ ڏنو ويو آهي، اتي سن 1852ع ڏيکاريو ويو آهي. نئين ڪمشنر فريئر جي لاءِ هيءَ وڏي آزمائش جي گهڙي هئي. مرڪزي حڪومت فوج کي چرپر ۾ آڻڻ شروع ڪيو. پنجاب ريجمينٽ سبزل ڪوٽ تائين وڌي آئي ۽ ٻئي طرف جنرل جان جيڪب پنهنجي فوج سان، پٽڻي (تعلقي روهڙي) ۾ اچي خيمه زن ٿيو ۽ ڪئمپ ۾ درٻار ڪئي، جنهن ۾ مير صاحب بہ حاضر ٿيو ۽ ڪمپنيء جو فيصلو ٻڌو.اهڙيءَ ريت انگريزي حڪومت سان اهي ملڪ جا حصا به شامل ٿي ويا، جي اڳ ۾ مير صاحب جي قبضي ۾ هئا. جيئن ته اُٻاوڙو تعلقو، ميرپور ماٿيلو، دادلوءِ، ڪشمور، محمد باغ، چَڪ، رستم وغيره انگريزي حڪومت سان شامل ٿي ويا. مير صاحب پنهنجي دامن تان داغ ڌوئڻ لاءِ خاموش نه رهيو، هو داد خواهيءَ جي لاءِ فريئر جي منع هوندي به انگلينڊ هليو ويو، پر هن سفر جو به نتيجو ڪو چڱو نه نڪتو.[2]

ڪراچيءَ جو بندر[سنواريو]

مير علي مراد تي سياسي برتري حاصل ڪرڻ کانپوءِ، فريئر پنهنجو سڄو ڌيان، ملڪ جي اصلاح جي طرف ڏنو. سندس پهريون اصلاحي ڪم هو، ڪراچيءَ جي بندر (Karachi Port)جي تعمير، ڪراچي هڪ معمولي ڳوٺ هو. سنڌ جي فتح کان گهڻو وقت پوءِ، سر چارلس نيپيئر ان کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ۽ بنگلو ٺهرايو جيڪو گورنمينٽ هائوس جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ڪرنل ينگ ڪيٿ، جو ڪراچيءَ ۾ ايڊووڪيٽ جنرل جي عهدي تي ڪافي عرصو رهيو، هن شهر جي هيٺين ريت قلمي تصوير ٿو پيش ڪري:”نگاهه جي حد تائين ساوڪ جو نشان نه آهي. ڪٿي به مٺي پاڻيءَ جو چشمو نظر نه ايندو ۽ نه وري ڪا شفاف ندي آهي. سمنڊ جو کارو پاڻي هر هنڌ ميسر آهي“ ڪراچي جي خسته حالت جو نقشو، خود فريئر، پوءِ پنهنجي هڪ خط ۾ هيئن ٿو پيش ڪري: ”سن 1851 ع ۾ ميل پنڌ ڊگهو به ڪو پَڪو رستو ڪونه هو، نه وري ڪا پَڪي تعمير ٿيل پل موجود هئي. فقط ڪي بئرڪون هيون، جي توبخاني جي فوج لاءِ ٺهرايون ويون هيون. جهازن جي مرمت لاءِ به ڪو ڪارخانو نه هو. ايتريقدر جو درياهه تي هلندڙ معمولي جهاز به مرمت لاءِ بمبئيءَ موڪليا ويندا هئا. ستن ورهين جي مختصر عرصي ۾، ٽي جهاز غرقاب ٿي چڪا هئا. خصوصيت سان ”فاڪلنڊ“ جهڙو وڏو ۽ مضبوط جهاز، جهن جهڙو هندستان ۾ اڳ ڪڏهن به نه موڪليو ويو هو، ڪراچي بندر جي ڀرسان ٻُڏي چڪو هو. نڪو ڊاڪ بنگلو هو نه سراءِ، نه ڌرمسالا نه ضلعي جي ڪچهريءَ جي جاءِ. مارڪيٽ موجود هو، مگر پوليس ٿاڻي جي جاءِ ڪانه هئي، نه اسڪول. اهي عارضي بئرڪون هيون، جي سرڪاري آفيسن لاءِ ڪم اينديون هيون. فريئر پهريائين پنهنجو سڄو توجهه بندر جي بهتريءَ ڏانهن ڏنو. هن بمبئيءَ گورنمينٽ کي لکي موڪليو ته پندرهن سَون رپين جي فوري منظوري ڏني وڃي ته اُن سان هيءَ تحقيق ڪرائي وڃي ته بندر وٽ جو بند آهي، جو هميشه جهازن جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيو آهي، اتان هٽائي به سگهجي ٿو يا نه؟ ان کانسواءِ هيءُ معلوم ڪيو وڃي ته هيءَ رڪاوٽ بذات خود ٽَڪر ته نه آهي. جيڪڏهن فطرت جي هيءَ رڪاوٽ آهي ته روشنيءَ جي مينار (لائيٽ هائوس“ جي ضرورت پوندي هن مينار جي غير موجودگيءَ ۾ جهازن کي خصوصيت سان چوماسيءَ جي موسم ۾، بندر جي اندر گهڙي اچڻ جي همت نه پئي ٿي. هيءَ ته چوماسي جي مند جي حالت هئي پر خوشگوار موسم ۾ به ڪو جهاز هن خطري کڻڻ لاءِ تيار نه هو، ته بي تحاشا، اطمينان سان بندر جي اندر گهڙي اچي. اڪثر جهاز، بندر کان گهڻو پري لنگر انداز ٿيندا هئا، جتان مسافر يا مال، ٻيڙين جي رستي ۾ پهچندو هو. هي سلسلو نهايت خرچائو ۽ سيڙپ وارو هو. پر افسوس جو فريئر جي رپورٽ کي بمبئيءَ ۾ ڪابه اهميت نه ڏني ويئي. بمبئيءَ گورنمينٽ لکي موڪليو ته هن سڄي ڪم لاءِ ڪنهن ماهر ارضيات جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. جيئن ته سڄي فوج جي هڪ آفيسر هاپڪنس کان، جو ڪراچيءَ ۾ مقيم هو، بندر جي صحيح حالت جي باري ۾ راءِ حاصل ڪئي. ان جي نوٽ سان گڏ، هن وري پنهنجي درخواست بمبئيءَ گورنمينٽ ڏانهن ڏياري موڪلي ڏني. هن دفعي ته کيس ڪو به جواب ئي نه ڏنو ويو. لاچار فريئر هن سڄي حقيقت کي گورنر جنرل جي ڌيان تي آڻڻ گهريو. ان وقت ڊلهائوسي، هندستان جو گورنر جنرل هو، جنهن سان فريئر جي شخصي تعلقات هئا. لارڊ ڊلهائوسي سندس خانگي خط کان متاثر ٿي، کيس امداد ڏيڻ جو وعدو ڪيو. ان هوندي فريئر خاموش نه رهيو. هن بمبئيءَ گورنمينٽ کي لکي موڪليو ته هو سندس درخواست کي بمبئي چيمبر آف ڪامرس ۽ بمبئي اسٽيم نيويگيشن ڪمپني ڏانهن راءِ لاءِ موڪلي ڏني . آخر بمبئيءَ گورنمينٽ منظوري ڏني ۽ جنوري سن 1853 ع ۾ ميجر ٽرنر سروي شروع ڪئي. مقرر وقت اندر، هن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته اهو بندر واريءَ جي گڏ ٿيڻ کان ٺهيو ، خوشقسمتيءَ سان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو هن طرف ڌيان ڇڪيو. بمبئيءَ گورنمينٽ به پڪي ارادي تي لهي آئي ته مٿئين بند کي هٽايو وڃي. هن طبقات الارض جي ماهر مسٽر هارڊي ويلس کي وڌيڪ تحقيقات لاءِ موڪليو ويو، جنهن جي راءِ کي مقدم رکي بريڪ واٽر ٺاهڻ جي سفارش ڪئي وئي ۽ واريءَ جي بند کي هٽايو ويو. ڪراچي بندر جي اصلاح جو هيءُ ابتدائي مرحلو، فريئر جي ڪوششن سان آخر سرانجام ٿيو، جو بندر، اڄ دنيا جي بندرن ۾ پنهنجي خوبين سان مشهور آهي. ٿوري وقت کانپوءِ منهوڙي تي لائيٽ هائوس جي تعمير جو به بنياد رکيو ويو.[2]

ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي تائين ريلوي[سنواريو]

ڪراچي بندر جي اصلاحي معاملن کان فارغ ٿي، فريئر لارڊ ڊلهائوسيءَ جي ڌيان تي آڻڻ گهريو ته سنڌو نديءَ سان گڏ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي تائين ريلوي رستو تيار ڪيووڃي. فريئر جي هن رٿ ڏيڻ کان اڳ ۾، سنه 1849ع ۾ ٻه ريلوي ڪمپنيون: ايسٽ انڊين ريلوي ۽ گريٽ انڊين پيننشولا ريلوي ڪم ڪري رهيون هيون. لارڊ ڊلهائوسي 5 _ ڊسمبر 1853ع تي فريئر کي جواب ڏنو ته ”ڪنهن به حالت ۾ مان سمجهان ٿو ته ريلوي سان ڪراچي بندر کي ڳنڍجي، سو نهايت ضروري آهي. پوءِ اهو ڪوٽڙي وٽ درياهه سان ملي يا ٺٽي وٽ. مان دل سان قبول ڪريان ٿو ته هن معاملي لاءِ، جلدي جاچ ڪئي وڃي. نتيجو ڪهڙو به نڪري پر اها جاچ سودمند ٿيندي. لارڊ ڊلهائوسيءَ جي خط پهچڻ کان ٻه هفتا پوءِ، فريئر هن جاچ لاءِ ليفٽيننٽ چيپ مئن کي مقرر ڪيو. هي هونهار انجينئر، لڪي کان درياهه رستي ڪوٽڙي وڃي رهيو هو. ايتري ۾ پهرئينءَ ٻيڙي ٻڏڻ شروع ڪيو. ليفٽيننٽ چيپ مئن پنهنجي ستاويهن همراهن سميت، درياهه جي لهرين جي لپيٽ ۾ اچي ٻڏي ويا. سنڌ ۾ ريلوي جو پهريون بنياد رکندڙ انجينئر، اهڙي ريت حادثي جو شڪار ٿي ويو اٺن مهينن جي خاموشي کانپوءِ، عوام جي هڪ ميٽنگ ڪراچيءَ ۾ گهرائي ويئي ته گورنمينٽ تي زور آڻجي ته هو ريلويءَ جي ڪم کي شروع ڪن. اهڙي ميٽنگ حيدرآباد ۾ به ٿي. آڪٽوبر سنه 1854ع ۾ لارڊ ڊلهائوسيءَ، هڪ شخصي خط ۾ فريئر کي لکيو ته مون کي ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته اوهان سنڌ جي ترقيءَ لاءِ بيحد پاڻ پتوڙي رهيا آهيو. مون کي افسوس آهي ته سرڪاري لکپڙهه ۾ سال ڏيڍ لڳي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ کان ڪلڪتي تائين هڪ طويل رستو آهي، جنهن ڪري هر ڪنهن ڪم جو نهايت آهستگيءَ سان نيڪال ٿي رهيو آهي.“ مارٽينيو لکيو آهي ته ”فريئر کي ڪي اُصول هئا، جن جو هو پاڻ مالڪ هو. بلڪل اهڙيءَ ريت جيئن هڪ جهاز جو ڪئپٽن سمنڊ تي پنهنجي مشڪلاتن کي چڱيءَ ريت سمجهندو هجي.“ملڪ جي ان حصي بابت، جنهن تي هو حڪومت ڪري رهيو هو، پنهنجي مشڪلاتن کي پوري ريت ٿي سمجهيو ۽ هڪ گهڙي به انهن کان بيپرواهه نه رهيو، جو سندس صحيح ڪاميابيءَ جو راز هو. بهرحال فريئر جي ڪوششن وڃي هنڌ ڪيو. جڏهن ريلوي جي تعمير جي تجويز انگلينڊ ۾ پهتي، تڏهن انگلينڊ ۾ هڪ ڪمپني ٺاهي ويئي، جنهن جو نالو ”سنڌ ريلوي ڪمپني“ رکيو ويو. ڪمپنيءَ جي موڙي پنج لک پائونڊ رکي ويئي ۽ موڙي حصن جي وڪڻڻ سان گڏ ڪئي ويئي، جنهن جو وياج ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ڏيڻو ڪيو. فريئر ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ، ان لاءِ جدا جدا آفيسرن جا رايا گهرايا. ميجر ٽرمينيهر ۽ ڪرنل جان جيڪب، ريلويءَ جي ٺهڻ جي مخالفت ڪئي. مگر ”سنڌ ريلوي ڪمپنيءَ“ جي هڪ هندستان ۾ رهندڙ نائب، مسٽر نيول وارن، انهن کي رد ڪد ڏنا. سانده ٽي سال پيمائش جو ڪم ٿيندو رهيو. سن 1858ع جي شروع ۾ ريلوي جي ڪم جي پوري تياري ڪئي وئي. ريلويءَ جي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ، تاريخ 9 1 _ اپريل سن 1858ع جي شام جو افتتاحي جلسو ڪيو ويو. ان جلسي جو صدر بارٽل فريئر کي ڪيو ويو. سنڌ ريلوي ڪمپنيءَ جي ان وقت آفيس ايلفنسٽن اسٽريٽ ۾ هئي، اتان صدر جي اعزاز ۾ هڪ سرگس ڪڍي ويئي، جا وڏي تزڪ ۽ احتشام سان ڦرندي، ريلوي جي ان جاءِ تي پهتي، جتان ڪم شروع ٿيڻ وارو هو. فريئر صاحب پنهنجي هٿن سان ان جو سنگ بنياد رکيو ۽ اهڙي ريت هيءَ شاندار مجلس پوري ٿي. افتتاح ٿيڻ کانپوءِ ريلويءَ جو ڪم تيزي سان شروع ٿيو، مگر بعد ۾ هيءُ ڪم ماٺو ٿي ويو، جيئن فريئر پنهنجي هڪ دوست ڪرنل ٽريويلان کي خط ۾ لکيو ته: ”ڪجهه وقت مان بيمار هوس ۽ هڪ ڪوٺيءَ ۾ بند. مگر ان هوندي به پنهنجي فرائض کان غافل نه هوس. اوچتو ريلويءَ جو معاملو بگڙي ويو. ٺيڪيدار جي ڪيترن مهينن کان سٺي هلت نه هئي. سندس موڙيءَ ۾ ڪمي اچي ويئي ۽ انتظام به ٺيڪ نه رهيو. جيئن ته ڪم جي تڪڙ هئي، ان ڪري مان کيس هڪ لک رپيا قرض طور وٺرائي ڏنا. ان هوندي به معلوم پئي ٿيو ته هو گهڻو وقت نه هلي سگهندو. هڪ ڏينهن هن بمبئيءَ مان تار ڪئي ته هو انگلينڊ وڃي رهيو آهي. مان ڪيترو نه مشڪلات ۾ وڃي پيس. قريباً اٺ هزار مزدور ڪم ڪري رهيا هئا. سندس ايجنٽ وٽ فقط ٽيهه رپيا هئا، پر کيس مزدورن کي هڪ لک پنجيوهه هزار رپيا ڏيڻا هئا، ڇو ته کين ٻن_ ٽن مهينن جي مزدوري نه ملي هئي. هو بک مري رهيا هئا. سوچڻو پيو ته هاڻي ڪم ڪيئن هلائجي ۽ پئسا ڪٿان اچن. پر ريلوي ڪمپنيءَ ۾ ڪي چڱا ماڻهو آهن، خدا جو شڪر آهي، جو هنن ڪم کي سنڀالي ورتو.“ بهرحال ريلوي جو ڪم فريئر جي وقت ۾ ٿي نه سگهيو، پر سندس وڃڻ کانپوءِ، س1861ع ۾ ڪوٽڙيءَ کان ڪراچي تائين ريلوي کُلي ويئي. مگر ڪاميابيءَ جو سڄو سهرو سر بارٽل فريئر جي سر تي آهي.[2]

ڪوٽڙيءَ جي تاريخي پل ڪو ٽري ۽ حيدرآباد وچ ۾ سنڌو دريا تي ساڄي ۽ کاٻي ڪنارن کي ملائيندڙ ريل يا زميني رابطي جو ذريعو اڏاوتي شاهڪار آهي. سن 1900ع ۾ هي پل مڪمل ٿي ۽ ٽريفڪ لاء کولي وئي. وچ تي سنگل ريلوي ٽريڪ ۽ پاسن کان ٻٽو ٽريفڪ ٽريڪ رکندڙ هي پل پنهنجي عمر جي سينچري مڪمل ڪري ڊبل سينچري ڏانھن وڌي آهي. هن پل جي ٻيهر مرمت 1931ع ۾ ٿي هئي. هن پل کان اڳم ريلوي ٽريڪ ڪراچي کان ڪوٽري تائين پھچي ختم ٿي ويندو هئو. زميني رابطو پتڻ تي ٻيڙين ذريعي ٿيندو هئو. هن پل جا پلر 60 فوٽ زمين اندر آهن ۽ مٿان لوه جا وڏا ڇھ اسپين جن جي ڪل ڊيگھ 1948 فوٽ آهي ان تي نٽ بولٽ سان انتهائي مظبوط ۽ پائدار ڪم ٿيل آهي. پاڻ ۾ ملندڙ لوهي پلر به وڻندڙ ڏيک ڏين ٿا. [8]

سنڌ ۾ رستن جي تعمير[سنواريو]

سر چارلس نيپيئر جي وڃڻ کانپوء 1843 کان 1853ع جي مختصر عرصي ۾ سنڌ پنهنجي ابتدائي ترقيءَ جي مرحلن کي طئي ڪري رھي ھئي. سيٺ نائونمل پنهنجي ”ميمائرس“ ۾ لکي ٿو ته ”ساليانو، ڪمشنر، ملڪ جي ٻاهرين دوري تي نڪرندو هو. اڪثر آڪٽوبر ۾ سندس وڃڻ ٿيندو ھو. فريئر سنڌ ۾ رستن جي اَڻاٺ تي پنهنجي راءِ جو هيئن ٿو اظهار ڪري: ”سن 1851 ع ۾ سڄي ملڪ ۾ هڪ فوٽ به ساخته ۽ پرداخته رستو موجود نه هو. فقط هڪ چڱو ٽُڪر هو، حيدرآباد کان ڇانوڻيءَ تائين رستو. اٽڪل ٽي يا چار ميل فقط. اُتي به پاڻي جي سخت تڪليف آهي.“ هن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ ديسي حڪمرانن پنهنجي صاحبيءَ ۾ آخر ڇا پئي ڪيو؟ ڪيڏو نه بدقسمت ملڪ هو! فريئر پنهنجي حڪومت جي اوائلي دور ۾، بمبئي گورنمينٽ کي لکي موڪليو ته سنڌ ۾ رستن جي تعمير شروع ڪئي وڃي. ان لاءِ هن ايسٽيمنٽون ۽ خرچ جو تفصيل به موڪلي ڏنو. جيئن ته بمبئيءَ گورنمينٽ جي سنڌ سان گهٽ دلچسپي هئي، ان ڪري فريئر پنهنجي بجيٽ مان هن طرف ڌيان ڏنو. اپريل سن 1853ع ۾ هن لارڊ فاڪلنڊ کي لکي موڪليو ته ” ھن 1851ع ۾ هڪ سئو ڇويهه ميل ارڙهن هزار پنج سئو پنجويهن رپين جي لاڳت سان ٺهرايا آهن ۽ 1852ع ۾ ٻه سئو ست ميل اٺاويهه هزر ٻه سئو اٺانوي رپين خرچ ڪرڻ سان تعميرا ڪرايا آهن. هنن رستن مان هڪ لَڪيءَ وارو رستو هو، جو دور دور تائين ٿي ويو. هي رستو آهستي آهستي شڪارپور کان وڌي بولان جي دري تائين پهتو. هنن رستن کي ڪهڙي صورت م ڪيئن تعمير ٿي ڪيو ويو. فريئر پنهنجي هڪ خط ۾ لارڊ فاڪلڊن يک لکي موڪلي ٿو : ”رستا چاليهه فوٽ ويڪرا آهن، جي گذريل ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ هو هڪ ڳوٺ کي ٻئي ڳوٺ سان ڳنڍيندا وڃن ٿا.[9] ڪو به سيمينٽ ۽ بجري سان نه آهي. انهن کي فقط يڪسان سطح تي آندو وڃي ٿو. فقط وڻن ۽ ٻوٽن کان کين صاف ڪيو وڃي ٿو. ڪيترا ته اهڙا به رستا آهن، جي گهاني جهنگ مان گذرن ٿا. سطح کي مٿي کنيو وڃي ٿو، کڏن کوٻن کي ڀريو وڃي ٿو، جيئن گذرندڙ آمدورفت کي سهوليت ٿئي. هن ملڪ ۾ وقت آهر، اهڙائي رستا موزون آهن. ”رستن جي مٿان پليون ٺهرايون ويون آهن، اهي جملي هڪ سئو اڻهٺ ٿينديون، جي پڪين سِرن ۽ سيمينٽ سان ٺهرايل آهن ۽ اڌ گول جي گولائي تي آهن. وڏي ۾ وڏي پُل جا مون ڏٺي، ان کي ٽي ڪمانون آهن، جن مان وچ واري چوويهه فوٽ ۽ پاسن واريون اَٺ اَٺ فوٽ ڊگهيون آهن. ان تي ٻارهن سئو رپيا خرچ آيو آهي. هيءُ سڀ پليون اُتر سنڌ جي ڪاريگرن ٺاهيون آهن ۽ ڪنهن به يوروپي جي مدد نه ورتي ويئي آهي، فقط جان جيڪب انهن جي نگراني ڪئي آهي.... ”ملڪ جي سطح هيٺ مٿي آهي. گهاٽا ۽ واريءَ جون ڊٻون آهن. ان جي پوري ريت ڪا به سروي ٿي نٿي سگهي. پوري سِڌٰ وٺڻ لاءِ ٺيڪيدار هڪ کليل ڏينهن تي، هڪ جاءِ تي پهچي، هڪ وڏي باهه ٻارين ٿا، ان کانپوءِ رستي ٺاهيندڙ ان جي دونهي کان نهارين ٿا ۽ گهاٽي جهنگ ۾ اهڙي ريت رستي کي سنئون وٺي وڃن ٿا. ان کانپوءِ وڻن ۽ ٻوٽن کي صاف ڪن ٿا. هيءُ هڪ اهڙو طريقو آهي، جنهن سان رستو اهڙو ته سنئون نڪري ٿو جو شايد جهنگ ۾ ڪو سروير ڪڍي سگهي ٿو. پلين ۽ رستن جو سڄو ڪم ٺيڪي تي ڪرايو وڃي ٿو ۽ چٽاڀيٽي سان ٿئي ٿو. ميجر جيڪب ڪم جي پڌرائي ڪري ٿو ۽ خواهان ماڻهو اچي ٺيڪي لاءِ گڏ ٿين ٿا. ”ڪنهن به ڪم ۾ هن وقت تائين ناڪاميابي نه ٿي آهي، ڪم تڪڙو، سستو ۽ عمدو ٿي رهيو آهي. ڪيترائي ٺيڪيدار اڻپڙه آهن، پر بي علمي هوندي به هو پنهنجي ڪم ۾ نهايت محتاط آهن.........“[2]

سنڌ ۾ پوسٽل نظام جو بنياد[سنواريو]

سر چارلس نيپيئر جي وقت ۾ 1851 ۾ سنڌ ۾ ٽپال جو سرشتو، اهو ئي قائم رهيو، جو اڳ ۾ موجود هو. فقط اصلاح اها آئي، جو ڪراچيءَ ۾ سرڪاري پوسٽ آفيس کي قائم ڪيو ويو. موجوده پوسٽ جو طريقو انگريزي حڪومت جو يادگار آهي. سنڌ جي وڏن شهرن حيدرآباد، سکر، خيرپور ۽ شڪارپور ۾ پوسٽل رسيور رکيل هئا. جن ۾ خط وڌا ويندا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ خط جو خرچ موڪليندڙ جي مٿان پوندو هو ۽ اهو قاصد کي ملندو هو. پوسٽ جي هن طريقه ڪار مان فقط پئسي وارا ئي فائدو وٺي سگهندا هئا، عوام کي ڪو به فائدو حاصل ٿي نٿي سگهيو. اسان سنڌ گزيٽيئر جي هنن لفظن کي وساري نٿا سگهون: ”مسٽر فريئر جو بنيادي پوسٽ جو سرشتو، ڪڏهن به وساري نٿا سگهون، ڇو ته هو هندستان ۾ پوسٽ جي ٽڪلين جو پهريون موجد هو ھن سنڌ ۾ رونالڊ ھلز جي تجويز وارو سسٽم قائم ڪيو جيڪو پوء ننڍي کنڊ جي پوسٽل سسٽم لاءِ ماڊل بڻيو. ۽ عام خيال هو ته انتظامي سائنس جي لحاظ کان، ٽڪلين جي قيمت جي اڳ ۾ ادائي جو سرشتو، يورپ ۾ ته هلي سگهي ٿو، مگر هندستان ۾ ڪامياب ٿي نه سگهندو.“ مگر فريئر اڳتي هلي ثابت ڪري ڏيکاريو ته جنهن کي اقتصادي طرح هڪ مشڪل چيز ٿي سمجهيو ويو، اها عمل ۾ اچڻ جهڙي شيءَ هئي. فريئر، سنڌ ۾ پوسٽ جي سلسلي کي سڌارڻ شروع ڪيو. اڳ جو يادن جي رستي ٽپال پهچائي ويندي هئي، ان کي گهوڙن ۽ اَٺن جي رستي پهچائڻ جو طريقو شروع ڪيو ويو. ڏٺو ويو ته حيدرآباد ۽ سکر جي درمياني فاصلي ۾ يارهن ڪلاڪن جي بچت ٿيڻ لڳي ۽ ساڍا ٽي سير وڌيڪ بار کڻڻ ۾ آيو. هن سموري اصلاح ۾ ڪراچي جي پوسٽ ماسٽر مسٽر ڪافي سندس مدد ڪندو رهيو. مسٽر ڪافي جي مشوري سان، فريئر ٺيڪيدارن جي لاءِ هڪ اشتهار نافذ ڪيو ته، پوسٽ جي پهچڻ ۾ دير جي حالت ۾ ٺيڪيدار جي پئسن ۾ هر ڪلاڪ جو معاوضو ڪاٽيو ويندو. پر جيڪڏنهن ٽپال وقت کان اڳ ۾ پهچائي ويندي ته هر ڪلاڪ جي حساب سان ان ۾ معاوضي جو واڌارو ڏنو ويندو. هن طريقي کي ”اسپيڊ مني“ جو نالو ڏنو ويو. اهڙي ترغيب جي هوندي، ٽپال جي پهچڻ ۾ جلدائي پيدا ڪئي ويئي.[9] فريئر پنهنجي هڪ خط ۾ ٽپال جي هن رائج ٿيل سرشتي تي، پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪري لکي ٿو ته: ”وقت کي چڱي ريت ڪم آڻڻ لاءِ، سوارن تي زور آندو ويو ته تيز کان تيز ٿي وڃن. منزلن تي گهوڙا اڳ ۾ ئي تيار ٿا رهن. سوار، کڻي ايندڙ ٽپاليءَ جي ٽپال جي انتظار ۾، اڳ ۾ ئي گهوڙي تي سوار ٿي ويهن ٿا. ٽپال جون ڳوڻيون پهچندي ئي تازه دم گهوڙن جي پٺيءَ تي رکيون وڃن ٿيون ۽ بنا ڪنهن وقت وڃائڻ جي گهوڙو ڊوڙڻ شروع ڪري ٿو. مون ڏٺو آهي ته هيءُ ڪم نهايت خوش اسلوبيءَ سان پورو ٿيندو رهي ٿو. ان هوندي به ملڪ جي ناهموار حالتن جي باعث، هن سفر جو حصو، ڪٿي ڪٿي گهوڙن جي بجاءِ ٻيڙين ۽ اُٺن تي طي ڪيو وڃي ٿو.“ ٽپال جي طريقي ۾ هن اصلاح کانسواءِ، فريئر سن 1854 ع ۾ پوسٽ جي ٽڪلين کي به رواج ۾ آندو. هُن ڪراچي جي پوسٽ ماسٽر مسٽر ايڊورڊ ليس ڪافي جي مدد ۽ مشوري سان ”سنڌ ڊسٽرڪٽ ڊاڪ“ جي ٽڪلين جو خاڪو تيار ڪرايو. هن ٽڪلي جي قيمت اڌ _آنو رکي ويئي. سڄي برٽش هندستان ۾، هيءَ پهرين ٽڪلي هئي، جا سنڌ ۾ ٺهرائي ويئي ۽ رواج ۾ آئي. فريئر ان بابت لکي ٿو تہ: ”ٽڪلي، جا ڪالهه اوهان ڏي موڪلي آهي، اها پهرين پوسٽ جي ٽڪلي آهي، جا هندستان جي تاريخ ۾ اوليت جو شرف رکي ٿي.[9] اوهان کي ياد هوندو ته سنڌ ۾ پوسٽ جو طريقو سن 1850ع تائين بيحد ناقص هو. جيئن ته هيءُ علائقو سقيم آهي ۽ مڪاني خرچن کي برداشت نٿو ڪري سگهي ۽ جڏهن به وڌيڪ پوسٽ آفيسن لاءِ لکيو ويو، تڏهن اسان کي هن صوبي جي ناداري ياد ڏياري ويئي، پڻ ائين به چيو ويو ته جڏهن مرڪزي گورنمينٽ، سنڌ تي ڪجهه خرچ ڪرڻ گهريو ته گهڻيون ئي شيون غور جي لائق نڪري پونديون. جيئن ته اسان سمجهيو ٿي ته پوسٽ جو طريقو عياشي نه آهي پر ملڪي ضرورتن سان آهي، ان ڪري اسان خيال ڪيو ته اهڙو ڪهڙو طريقو ايجاد ڪيو وڃي، جنهن سان هي مسئلو حل ٿي سگهي. پوسٽ ماسٽر مسٽر ڪافي، جو نهايت سنجيده انسان آهي، تنهن مون سان تعاون ڪيو ۽ اسان هن مسئلي کي تڪميل تي پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿياسون. اسان ٽڪليون حاصل ڪيون، جن کي ڊي . لا. ريو ڪمپني تيار ڪيو ۽ اهي انگلينڊ وانگر هر هڪ سرڪاري آفيسر ۽ پوليس آفيسر کي ڏنيون ويون ۽ انهن کي حڪم ڏنو ويو ته هُو پنهنجي سرڪاري ڪاغذن وانگر، هنن کي به پنهنجي ماتحت آفيسرن ڏانهن موڪلي ڏين ۽ سڀني خطن تي اهي چسپان ڪيون وڃن. هي برٽش گورنمينٽ ۽ ان عظيم ڪمپنيءَ جي فتحيابي آهي. ”اهڙيءَ ريت، سنڌ جي هر سرڪاري آفيس ۾ پوسٽ آفيس بڻجي وئي آهي ۽ سڀني خطن ۾ اهي ئي ٽڪليون استعمال ٿي رهيون آهن. هي نظام عمدي طرح ڪم ڪري رهيو آهي ۽ نهايت سستو_ ڇاڪاڻ ته اسان پوسٽ جي سرشتي کي اهڙيءَ ريت بنا ڪنهن وڌيڪ خرچ جي آسانيءَ سان هلائي رهيا آهيون. مان سمجهان ٿو ته اسان جو طريقو، سڄي هندستان ۾ بهترين طريقو ثابت ٿيندو.“ اهڙي ريت فريئر، عوام جي فوري ضرورتن کي مدنظر رکندي، هڪ اهڙو پوسٽ جو نظام رائج ڪيو، جنهن کان نه فقط وڏا شهر ۽ وڏا ماڻهو مستفيد ٿي سگهيا، پر ڳوٺن ۾ به ڪڙمي ۽ ڪاسبي به فائدو وٺڻ لڳا. فريئر جو هيءُ ملڪي انتظام هو، جنهن کان سنڌ جو عوام بيحد متاثر ٿيو ۽ غلام هوندي به انگريز حڪومت کي پنهنجي لاءِ خدا جي رحمت سمجهڻ لڳو.[2]

غير روايتي ميلن جو آغاز[سنواريو]

سنڌ ۾ ميلن جي اڳ ۾ به ڪا به گهٽتائي ڪانه هئي. اهل الله جي عرس تي ميلا لڳندا ٿي رهيا، مگر انهن جي نوعيت خالص ”روحاني“ چئجي ته ان ۾ ڪو به مبالغو نه ٿيندو. مگر فريئر ڪراچيءَ ۾ هڪ اهڙي ميلي جي ابتدا ڪرڻ گهري، جنهن جو مقصد روحانيت جي بجاءِ ملڪ جي اقتصادي بهتري هئي. هن ان کي وڏي پيماني تي تربيت ڏيڻ گهُري، جيئن سنڌ جي عظمت همسايه ملڪن ۾ نمايان نظر اچي.[2] هن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ، کيس پهريائين بمبئي گورنمينٽ کان منظوري حاصل ڪرڻي پيئي. فريئر جي هن رٿ جي خوبين جي خبر لنڊن ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽر کي پيئي. انهن مان هڪ سر هينري لاڪ، جو ايران ۾ ڪيترو وقت سفير ٿي رهيو هو، سندس رٿ جي نه فقط تائيد ڪئي پر وڏي تعريف به ڪئي. هن رٿيل ميلي جي پس منظر کي سياسي نقطه نگاهه سان ڏٺو، جا فريئر جي وڏي سماجي ڪاميابي هئي. رٿ منظور ٿي ويئي. هاڻي سوال پيدا ٿيو ته اهو ميلو ڪٿي ملهايو وڃي. اڪثر جي صلاح هئي ته اهو ميلو اُتر سنڌ ۾ سکر يا شڪارپور ۾ قائم ڪجي، مگر فريئر جي خواهش هئي ته هن ميلي جي لاءِ ڪراچيءَ جو شهر موزون ٿيندو. لکي ٿو: ”جيڪڏهن اُتر سنڌ ۾ هيءُ ميلو ملهايو ويندو ته ان مان قلات، قنڌار، پنجاب، بهاولپور جا واپاري اڪثريت سان ۽ راجپوتانا جا ماڻهو اقليت ۾ فائدو وٺي سگهندا، مگر ڪراچي ۾ بمبئي، ايران ۽ افغانستان يڪسان فائدو وٺندو.“ آخر فريئر جي راءِ مطابق، ڪراچي کي ٿيندڙ ميلي جي لاءِ انتخاب ڪيو ويو. هن ميلي جو پهريون افتتاح 1855ع ۾ ٿيو ۽ پوءِ ڪيترا سال هي ميلو، ڪراچيءَ ۾ لڳندو رهيو. جيئن ته انگريزي انتظام هيٺ ڌاڙن ۽ لُٽ مار جو خاتمو ٿي چڪو هو ۽ حال، ماضي تي پنهنجي فوقيت جو اظهار ڪري رهيو هو، ان ڪري ميلي ۾ شريڪ ٿيندڙن جي لاءِ ڪو به جان ۽ مال جو خوف موجود نه هو. ان کانسواءِ ملڪ ۾ جابجا بهتر رستا تعمير ٿي چڪا هئا، ان ڪري آمدورفت جي سلسلي ۾ به ڪا تڪليف نه رهي هئي. موقعي تي اشتهار ٿيڻ کانپوءِ، دور ۽ قريب جا واپاري، گروهه در گروهه، ميلي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيا. ڪٿي تنبن جي ڪئمپ لڳي ويئي ته ڪٿي عارضي جايون بڻايون ويون. مارٽينيو، هن عجيب ميلي جو ذڪر هيئن ٿو ڪري: ”سنڌي، بلوچي ۽ افغان پنهنجي مخصوص پوشاڪن ۾ اچي حاضر ٿيا. ڪٿي ميوي جي خريد و فروخت هئي، ڪٿي بهترين گهوڙا هئا ته ڪٿي تيز رفتار اُٺ. ڪي دڪان پنجابين جا هئا، جتي عمدو ڪپڙو ميسر ڪيو ويو هو. بمبئيءَ کان جي ايراني ميلي ۾ شامل ٿيا هئا، انهن جي قالين ۽ شالن، عجيب بهار پيدا ڪري ڇڏي هئي. سنڌ به پوئتي نه هئي، اجرڪون، لونگيون، ڪاشيءَ ۽ جنڊيءَ جو سامان، سنڌين جي دڪانن تي رکيو ويو.[2] هن ميلي ۾ جيئن مارٽينيو لکي ٿو، چين ۽ ٿٻيٽ کان به واپاري آيا، جن وٽ سلڪ کان سيمور جا قيمتي ڪوٽ به هئا. هن ميلي جو سمورو انتظام سمنڊ جي ساحل تي ڪيو ويو هو، جنهن کان خوش منظر يوروپين جا بنگلا شروع پئي ٿيا. جهازن جا بلند سڙهه ٿي نظر آيا. نگاهه جي حد تي جتي نيرو آسمان ٿي نظر آيو، پري حب جبل جون قطارون اُڀرنديون ٿي نظر آيون. هن ميلي ۾ ڪيترا اهڙا به شرڪت ڪندڙ هئا، جن پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن سمنڊ نه ڏٺو هو. عميق جي اَڇارن کي ڏسي، هو حيرت زده بڻجي ويا. هن ميلي کي اميد کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ٿي. ٿورن سالن کانپوءِ شڪارپور ۾ گهوڙن جي ميلي جو انتظام ڪيو ويو، جو پوءِ، ڪن سياسي حالتن جي باعث جيڪب آباد منتقل ٿي ويو. هن حقيقت جي لاءِ هڪ مورخ کي هيءُ حق پهچي ٿو ته هو هن سموري محنت کي سماجي تحريڪ جي بدران سياسي تحريڪ سمجهي، ائين ٿي به سگهي ٿو. ڇو ته حڪومت اجنبي هئي ۽ ان کي هيءُ ڪوشش ڪرڻي هئي ته هو عوام کي اهڙن مشغلن ۾ مشغول رکي، جو سندن ذهنيت، ملڪي معاملن کان هٽجي واپار ۽ ٻين ڳالهين ڏي رجوع ڪيو.[2]

سنڌ جي آبپاشي نظام ۾ سڌارو[سنواريو]

ميرن جي حڪومت جي دور ۾ آبپاشي جون ٿوريون گهڻيون سهولتون موجود ته هيون، پر باقاعدي نظام موجود ڪونه هو. اڪثر زميندار يا ڪڙمي، واهن کي پنهنجي سهولتن موجب ٺاهيندا هئا ۽ ڪم آڻيندا هئا. جيئن ته کين ڪو به انجنيري جو علم ڪونه هو، ان ڪري سندن محنت اڪارت ٿي ويئي. انگريزي قبضي کانپوءِ ته واهن ۽ ڪَڙين جي حالت بد کان بدتر ٿي ويئي. عام رفاهي ڪم، جن آفيسرن کي سپرد ڪيو ويو، انهن وٽ هن ڪم جي ڪرڻ لاءِ ڪا به لياقت موجود ڪانه هئي، نه وري هنن پاڻ کي ان لاءِ جوابدار ٿي سمجهيو. پر پنجاب سان لڙاين جي باعث، سنڌ جي حڪومت هن طرف پورو توجهه نه ڏيئي سگهي هئي. سن 1849ع ۾ ته هي محڪموئي بند ڪيو ويو. جڏهن فريئر سنڌ ۾ آيو، تڏهن هن محسوس ڪيو ته هن محڪمي جي سنڌ کي ڪيڏي نه ضرورت آهي. هن ٿوري وقت لاءِ آبپاشي جو نظام، ضلعي جي ڪليڪٽرن کي سپرد ڪيو. ناتجربيڪاريءَ جي باعث، انهن کان به ڪا اصلاح ٿي نه سگهي. هن حالت کان مجبور ٿي، فريئر هي ڪم سنڌ جي ملڪي آفيسرن جي نگراني ۾ ڏنو، مگر وري به ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي. هنن حالتن کان مجبور ٿي ڪمشنر، بمبئي ڪرنل بلائس ٽرنر کي، سنڌ ۾ سپرنٽينڊنٽ انجينئر ڪري موڪليو. ڪرنل ٽرنر جي هدايتن هيٺ نئين محڪمي جي تنظيم شروع ٿي ۽ تجربيڪار آفيسرن کي هن محڪمي ۾ مقرر ڪيو ويو. جيڪڏهن ڪي لائق ماڻهو سنڌ مان ميسر ٿي نه سگهيا ته پنجاب ۽ ٻين علائقن مان طلب ڪيا ويا. اهڙيءَ ريت هن محڪمي کي ته مضبوط کان مضبوط تر بڻايو ويو. مگر هڪ اهڙي بدعت وجود ۾ آئي، جنهن اڳتي هلي سنڌين جي حقوق کي پامال ڪري ڇڏيو. هنن اجنبي آفيسرن اقربا پروري کي، ملڪي مفاد کان به مٿي سمجهيو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جا لائق اميدوار به ڪسمپرسي ۾ مبتلا ٿي ويا. هن نئين محڪمي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ، سنڌ جي زرعي حالتن ۾ عجيب انقلاب اچي ويو. جنرل جان جيڪب جي مشوري سان بيگاري واهه کي، جو اڳ ۾ موجود هو، ان کي ويڪري ۽ اونهي ڪرڻ جي رٿ ڪئي ويئي. انهيءَ ئي واهه تي اُتر سنڌ جي آباديءَ جو گهڻو دارومدار هو. پاڻي جي نه ميسر هئڻ سبب، بهترين زمين، آبادي کان محروم هئي ۽ عوام جي روزگار پست کان پست تر ٿيندي ٿي ويئي. انگريز ڪمشنر چڱي ريت ٿي سمجهيو ته ملڪ ۾ انگريزي حڪومت استوار ڪرڻ لاءِ امن ۽ سلامتيءَ جي بيحد ضرورت هئي. امن ۽ سلامتي، ملڪ ۾ تڏهن برقرار رهي ٿا سگهن، جڏهن ماڻهو خوشحال ۽ آسودا هجن. هن آسودگي کي مدنظر رکندي، سنڌ ۾ آبپاشي جي سلسلي کي زياده فروغ ڏيڻ گهريو. هن چڱي ريت ڄاتو ٿي ته سنڌ جي اڪثريت جو دارومدار فقط زراعت آهي. بهرحال فريئر جي بنيادي حڪمت عملي، برٽش دور جي سڄي زماني ۾انگريزي حاڪمن جي رهنمائي ڪندي رهي ۽ سنڌ جهڙي خشڪ ملڪ ۾ پاڻيءَ جي فراواني رهي. بهرحال بيگاري واهه کي گهڻو ڪشادو ڪيو ويو. هن ڪم جي مڪمل ٿيڻ تي جنرل جيڪب جي مشوري سان ڪشمور جي نزديڪ، سنڌو نديءَ مان هڪ نئين واهه جي کوٽائڻ جي اسڪيم، مرڪزي گورنمينٽ جي سامهون رکي. هن نئين واهه جي کوٽڻ جي ڪري پندرهن سئو چورس ميل آبادي هيٺ ٿي اچي ويا، فريئر جي هن رٿ کي به قبول ڪيو ويو. ٿوري وقت ۾ هيءُ واهه به تيار ٿي ويو. جنهن کي سرڪاري ڪاغذن ۾ ڊيزرٽ ڪئنال سڏجي ٿو، پر عوام ان کي سندس برڪتن جي سببان شاهي واهه سڏيو. هي واهه انجينئرن ۽ ٺيڪيدارن جي صبر ۽ تحمل جو هڪ وڏو ڪارنامو آهي. ان وقت جڏهن مشينون هيون نه بلڊوزر، هن واهه جي عظمت کي ڏسي حيراني ٿي ٿئي. هن واهه جي کوٽجڻ کانپوءِ، اهو ملڪ رڻپٽ سڏبو هو، جتي پاڻيءَ جو نالو ۽ نشان نه هو، سيراب بڻجي ويو. ٿورن سالن بعد چوڌاري سبزه ۽ ساوڪ نظر اچڻ لڳي. سن 1852ع ۾ هڪ ٻي انجينيئر ڪرنل نائيف جي نگرانيءَ هيٺ، اڀرندي ناري، سکر واهه، ڦليلي ۽ گهاڙ جي مرمتن جو ڪم شروع ڪيو ويو. هنن سڀني ڪمن کي نهايت خوش اسلوبي سان پورو ڪيو ويو. فريئر جي هنن ڪوششن مان ائين پئي معلوم ٿيو ته هو سنڌ جي هر گوشي ۾ پاڻي پهچائڻ جو عزم ڪري چڪو آهي. فريئر جي سنڌ ۾ اچڻ کان يارهن سال اڳ سن 1841 ع ۾ لفٽيننٽ پوسٽان، سنڌ ۾ آبپاشي جي غير تسلي بخش سلسلي جو ذڪر هيئن ٿو ڪري: ”واهن جي بُري حالت سبب، سنڌ جي زمينن جو وڏو حصو ويران پيو آهي. جيڪڏهن هنن ۾ پاڻي ميسر ٿي سگهي ته هيءُ ڀليون زمينون، ملڪ جي خوشحاليءَ جو باعث بڻجي سگهن ٿيون.“ سنڌ ۾ آبپاشي جي نظام جو ذڪر هڪ وڏو تفصيل طلب تاريخ جو ورق آهي. اُڀرندي ناري جو ڪم جڏهن تڪميل تي پهچي ويو، تڏهن ڏهن هزارن انسانن جي موجودگيءَ ۾، فريئر ان جو افتتاح ڪيو. هن ڪارنامي جو حاضرين تي ڪهڙو اثر پيو هوندو، ان جو هاڻي اسان تصور ئي ڪري نٿا سگهون. فرنگين جي حڪومت جو هي ابتدائي دور، سنڌ وارن جي لاءِ بيحد اطمينان بخش ثابت ٿيو. ”خدا شري بر انگيزد ڪه خيري ما دران باشد“. فريئر جو بيدار دماغ، هر ملڪي تحريڪ ۾ وڌ کان وڌ ڪم ڪندو نظر اچي ٿو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته فريئر جهڙو ڪمشنر، سنڌ کي وري نصيب نه ٿيو. خلق جي خدمت جو جذبو کيس گويا طبيعت ۾ شروع کان ئي وديعت ٿيل هو. سندس اهليه لکي ٿي ت : اسان انگلينڊ ۾ هئاسون، مان ساڻس اسٽيشن تي ملڻ ويس. مون سان هڪ اهڙ ماڻهو گڏ هو جو فريئر کي نه سڃاڻندو هو. مون کيس چيو ته ماڻهن جي هجوم ۾ هُو مون کي فريئر جي ڳولڻ ۾ مدد ڪري. هن چيو ته هُو فريئر کي سڃاڻندو ئي نه آهي. مون چيومانس، ان جا اهڃاڻ ٻُڌي ڇڏ. هُو هڪ قد آور ماڻهو آهي ۽ ضرور ڪنهن جي مدد ڪندو هوندو. هيءُ سندس حليه بس آهي. ٿيو به ائين، ڏٺو ويو ته هوُ گاڏيءَ مان هڪ پوڙهي عورت کي لهڻ ۾ مدد ڪري رهيو هو.“[2]

سنڌي ٻوليءَ جا سڌارا[سنواريو]

ھن بطور ڪمشنر 1851 ۾ حڪم جاري ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي فارسيءَ جي جاء تي لازمي سرڪاري ٻولي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ اھڙيءَ طرح سنڌي سنڌ جي سرڪاري ٻولي ٿي وئي ۽ آفيسن ۾ لکپڙهه سنڌيءَ ۾ شروع ٿي وئي. ھن سمورن سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي حڪم ڏنو ته سنڌي سکن.فريئر جي دلي خواهش هئي ته ملڪ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي رائج ڪيو وڃي، پر مشڪلات اها هئي ته ”الف ب“ جي غير موجودگيءَ ۾ هن ٻوليءَ کي سکڻ نهايت مشڪل هو. هن تڪليف جي ڪري ڪورٽن ۾ جتي يوروپين آفيسر مقدمن جي سماعت ڪندا هئا، اتي هڪ ترجمان، آفيسر ۽ عوام جي درميان رابطي کي قائم رکندو هو، جو پڻ هڪ دقت ڀريو ڪم هو. يوروپين آفيسر هندستاني کي ته سمجهيو ٿي، پر سنڌي ٻوليءَ کي سمجهڻ ۾ قاصر هو. ڪورٽ جي سڄي ڪارروائي مهمل فارسي ۾ لکي ٿي ويئي.هيڏن سارن انگريز آفيسرن مان فقط ٻه سنڌي زبان ۾ ڳالهائي ٿي سگهيا. فريئر سنڌي زبان کي فروغ ڏيڻ لاءِ پورو ارادو ڏيکاريو بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ اڪثر پنجابي هندو، سرڪاري ملازمت ۾ موجود هئا، جي هن راءِ جا هئا ته فارسي زبان کي برقرار رکيو وڃي. فريئر 1853 ۾ ھڪ ڪاميٽي جوڙي جنھن ۾ اسٽنٽ ڪمشنر ، تعليم کاتي جي چيف آفيسر ميمبر ھيا باقي ميمبر ھندو۽ مسلم ڪميونٽين جي نمائنده ھيا۽ انھن جو تعداد برابر رکيو ويو.رچرڊ برٽن مسلم ڪميونٽي ۽ڪئپٽن اسٽيڪ ھندو ڪميونٽي جي موقف جي نمائندگي ڪئي. سر رچرڊ برٽن جي راءِ هئي ته، سنڌي جي لاءِ عربي رسم الخط موزون ٿيندي. مگر ڪئپٽن اسٽئڪ ان جي مخالف ڪئي ۽ سنڌي زبان جي لاءِ ديوناگري رسم الخط جي سفارش ڪئي. ڪئپٽن اسٽڪ ان زماني ۾ سنڌي __ انگريزي لغت کي مرتب ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي سنڌي گرامر جو هڪ حصو تيار ڪري ورتو هئائي . پنهنجي مشيرن جي متضاد راين جي ڪري، سڄو معاملو، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ڏانهن موڪلي ڏنائين. هن فيصلي ۾ ڪافي دير پئجي ويئي ۽ معلوم ائين پئي ٿيو ته معاملو اتي ئي رهجي ويندو. يارهن مهينن جي ٿڪائيندڙ عرصي کانپوءِ، ڊائريڪٽرن کان منظوري اچي ويئي ته آزمائشي طرح (عربي سنڌي، صورتخطيءَ کي استعمال ڪيو وڃي. فريئر پنهنجي اسسٽنٽ سر بئرو ايلس جي مشوري سان، ملڪي عالمن جي مجلس ڪوٺائي، ته هُو سنڌي زبان جي مستقبل بابت پنهنجا مشورا پيش ڪن. هن مجلس جو چيئرمين به ايلس صاحب کي مقرر ڪيائين. هن وچ ۾ ڪئپٽن اسٽئڪ انگلينڊ ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ سندس لغت اڻپوري رهجي ويئي. کيس وري سنڌ ۾ اچڻ نصيب نه ٿيو. هن مجلس ۾ وري به رسم الخط جو سوال بحث ۾ آيو، مگر ڊائريڪٽرن جي راءِ کي تسليم ڪيو ويو ۽ عربي رسم الخط کي قائم ڪيو ويو. پهريائين ”الف _ ب جي ترتيب جو سوال آيو، هن ڪميٽيءَ گهڻي ور ۽ خوض کانپوءِ الف _ ب جا اڻٽيهه اکر پراڪرت جي مستعمل حرفن سان ملائي، ٻاونجاهه اکرن جي الف _ ب بڻائي.[9] ”الف_ ب“ جي مقرر ٿيڻ کانپوءِ فريئر رٿ ڏني ته آئيندي سرڪاري نوڪري ۾ ترقي تڏهن ملي سگهندي، جڏهن سرڪاري ملازم کي سنڌي زبان لکڻ ۽ پڙهڻ ايندي. انگريز آفيسرن کي سنڌي زبان سان شناسا ڪرڻ لاءِ ايلس صاحب، ڪئپٽن اسٽئڪ جي نامڪمل گرامر ۽ لغت جي تڪميل جو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ ان کانسواءِ، هن گورنمينٽ جي طرفان، هڪ سئو رپين جو انعام، انهن آفيسرن لاءِ محفوظ رکيو، جي سنڌي زبان جي تحريري امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهندا. هن رٿ جو وڏو اثر پيو ۽ سنڌ جي پنجويهن انگريز آفيسرن ٿوري وقت ۾ سنڌي زبان جو تحريري امتحان پاس ڪري ورتو. هن ڪاميابيءَ کانپوءِ، هن بمبئي گورنمينٽ تي زور آندو ته سنڌي زبان ۾ جي ٽيڪسٽ بوڪ تيار ڪرايا وڃن. انهن جي لاءِ ضروري امداد ڏني وڃي. جنهن کي بمبئي سرڪار ٿوري وقفي کانپوءِ قبول ڪيو. ڏهن هزارن جي رقم تعليمي مقصد لاءِ مخصوص ڪئي ويئي.1853ع ۾ سنڌي زبان ۾ سرڪاري طور پهريون مراسلو شايع ٿيو.[2] پئسن جي فراهم ٿيڻ کان پوءِ، فريئر سنڌي زبان ۾ فارسي، اردو، مرهٽي، گجراتي ۽ انگريزي ڪتابن جي ترجمي لاءِ، سنڌ جي عالمن کي ترغيب ڏني. ڊسمبر 1854ع ۾ ايلس صاحب، ڪمشنر کي رپورٽ پيش ڪري ٻڌايو ته ڏهه ڪتاب: حساب، جاگرافي ۽ تاريخ جي مضمونن ۾ تيار ڪرايا ويا آهن. هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ ڏهن ڪتابن جو تيار ٿيڻ، فريئر جي ڪوشش جي غير معمولي ڪاميابي هئي. جيئن ته ايلس صاحب کي ملڪ جي ترقي ۽ سنڀال جا گهڻيئي ڪم سپرد ٿيل هئا، ان ڪري، فريئر صاحب تعليم جو سڄو ئي نظام هڪ لائق آفيسر گولڊ سمڊ جي حوالي ۾ ڏنو. ميجر گولڊ سمڊ جي مشوري سان ڪراچيءَ ۾ پهريون انگريزي اسڪول کوليو ويو. ان جي ابتدا اٺهٺ شاگردن سان ٿي، جن مان گهڻا غير سنڌي هئا. هن اسڪول جي سلسلي ۾ سيٺ نائونمل پنهنجي ميمائرس ۾ لکي ٿو ته : ”سن 3 5 8 1 ع ۾ ڪراچيءَ ۾ انگريزي اسڪول کوليو ويو. مون کي استدعا ڪئي ويئي ته مان پنهنجي ڪٽنب جي ٻارن کي ان ۾ تعليم لاءِ موڪلي ڏيان. مون پنهنجي پوٽي آلومل (عالمچند) کي خاندان جي ٻين ڏهن ٻارن سان گڏ، ان اسڪول ۾ داخل ڪيو، جلد ئي ڪافي شاگرد اسڪول ۾ داخل ٿي ويا.“ ڪراچيءَ جو هي انگريزي اسڪول سنڌ ۾ تعليم رائج ڪرڻ لاءِ پيش خيمو ثابت ٿيو. جلد ئي سنڌ جي ٻن ٻين شهرن حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ هاءِ اسڪول کوليا ويا ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ورنيڪيولر اسڪول کوليا ويا. سنڌ گزيٽيئر جي تحرير موجب اهڙن اسڪولن جو تعداد ٻارهن هو هنن اسڪولن ۾ خالص سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي ويئي. انگريزي اسڪولن جوالحاق بمبئيءَ يونيورسٽي سان ڪيو ويو. شروع ۾ استادن جي بيحد اڻاٺ هئي، خاص ڪري انگريزي اسڪولن لاءِ، هنن اسڪولن لاءِ ۾ ٻاهريان ماڻهو طلب ڪيا ويا ۽ سنڌي اسڪولن ۾ چڱن استادن جي مهيا ڪرڻ لاءِ، حيدرآباد ۾ نارمل اسڪول جو بنياد رکيو ويو. فريئر جي هنن علمي ۽ ادبي ڪاوشن جي ڪري، ”سنڌي زبان“ پنهنجو ارتقائي منزلون نهايت تيزيءَ سان طئي ڪرڻ شروع ڪيون. اردو زبان جي ترقيءَ لاءِ، جو ڪجهه فورٽ وليم ڪاليج ڪلڪتيءَ ۾ ڪيو، اهو ساڳيو ”سنڌي زبان“ جي ترقيءَ لاءِ تنها فريئر پورو ڪيو. جيستائين سنڌي زبان زندهه رهندي، فريئر جو نالو به ان سان گڏ زنده رهندو.[2]

ڪراچي ميونسپالٽي جو بنياد[سنواريو]

نائونمل مطابق فريئر کي شھر ۾ گندگيءَ جي ھجڻ جي احساس ڪري آحمد آباد جي مثال وانگر بلدياتي نظام رائج ڪرڻ جو خيال آيو.ھن سوچيو ته ان جي لاءِ گِهه جي هڪ هنڊرويٽ تي ڏيڍ __ آنو محصول رکيو وڃي، جو ميونسپالٽيءَ جي ابتدائي خرچ لاءِ ڪافي ٿيندو. شهر وارن ڪشمنر جي رٿ جي تائيد ڪئي. اهڙيءَ ريت ڪراچي ۾ ميونسپالٽيءَ جو بنياد پٿر رکيو ويو.[9] هن جماعت جي پهرئين ميٽنگ جنهن جا ميمبر ڪئپٽن پريڊي، ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر، مسٽر جان ميڪلوڊ ڪراچي جو ڪسٽمس آفيسر ۽ نائونمل هئا، ڪمشنر جي زير صدارت ٿي. صلاح ۽ مشوري کانپوءِ کنڊي جي هڪ هنڊرويٽ تي به چار آنا محصول رکيو ويو ۽ ان جي هڪ کنڊيءَ تي، هڪ پئسو محصول رکيو ويو. اهڙيءَ ريت ميونسپالٽيءَ جي لاءِ پئسي گڏ ڪرڻ بعد هڪ مئنجينگ ڪاميٽيءَ جي تشڪيل ڪئي ويئي، ۽ ميونسپالٽيءَ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو. ميونسپالٽي جي کُلڻ کانپوءِ ڪن يورپ جي شين تي به محصول وڌو ويو، جيئن ته شراب وغيره. پهرئين سال ڪراچي ۾ ميونسپالٽي جي آمدني 6000 روپيہ ٻئي سال 18000 رپيا ٿي. ٽئين سال 27000 رپيا ٿي. ميونسپالٽي جي روز افزون ترقي کي ڏسي فريئر، ڪراچي شهر جي خالي زمينن کي ميونسپالٽيءَ جي تحويل ۾ ڏيئي ڇڏيو، جنهن ان جي پيدائش ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو. ڪراچيءَ ۾ هن تجربي جي ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ، سنڌ جي ٻين شهرن حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ به ميونسپالٽين جو اهتمام ڪيو ويو. جيئن ”لُب تاريخ سنڌ“ جو مصنف لکي ٿو ”سن1852ع ۾ قاعدو نمبر 26 ، سنڌ جي اڪثر وڏن شهرن ۾ جاري ڪيو ويو، جنهن کان مطلب هو ته سنڌ جي شهرن ۾ صفائي ۽ رونق کي آندو وڃي".فريئر جي هن خدمت شهر واسين ۾ سماجي شعور کي پيدا ڪيو.[2]

فريئر جو موڪل تي وڃڻ[سنواريو]

سر ھينري بارٽل فريئر 1880 ۾

جون سن 4 5 8 1ع ۾ فريئر جي ٻارن لاءِ سنڌ جي گرمي برداشت ٻاهر ٿي ويئي. هن پنهنجي اهليه ۽ ٻارن کي انگلينڊ موڪلڻ گهريو. هن وچ ۾ سندس سهرو سرجارج آرٿر، بمبئيءَ جو سابق گورنر ۽ سندس اهليه فوت ٿي ويا. فريئر جي اهليه لاءِ هي غم دوهرو ٿي پيو. فريئر کين ڇڏڻ لاءِ اسڪندريه جي بندر تائين ويو. جڏهن سنڌ ۾ موٽي آيو ته بيحد پريشان خاطر هو. ان هوندي به هو پنهنجي فرائض کي چڱيءَ ريت ادا ڪندو رهيو. سندس ڪٽنب کي انگلينڊ ۾ رَهي مس ٻارهن مهينا گذريا هئا، جو سندس تندرستي ڪري پئي ۽ هو مجبور ٿي ٻارهن مهينن جي ڊگهي موڪل تي انگلينڊ روانو ٿي ويو سندس جاءِ تي سندس سفارش سان جان جيڪب کي سنڌ جو قائم مقام ڪمشنر مقرر ڪيو. فريئر سن 6 5 8 1 ع ۾ ڪراچي بندر کي الوداع چيو.[2]

بمبئي جو گورنر[سنواريو]

1959 ۾ فريئر وائسراءِ ڪائونسل جو ميمبر بڻيو. 1862 ۾ بمبئي جو گورنر مقرر ٿيو. بطور گورنر ھن ميونسپل سڌارن جي پاليسي جوڙي، پوني ۾ دکن ڪاليج قائم ڪئي. 1865 ۾ ڪرڪي ڪنٽونمينٽ ۾ پنجن ميلن جي ٺھيل روڊ کي فريئر جو نالو ڏنو ويو.[10] ھي 1867 ۾ انگلينڊ ويو جتي کيس آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽين مان اعزازي ڊگريون مليون.[11]

آفريقا ۾ خدمتون[سنواريو]

1872 ۾ پرڏيهي کاتي کيس سلطان برگاش بن سعيد سان غلامن جي ڪاروباري ٽريفڪ روڪڻ لاءِ معاهدي خاطر مذاڪرات لاءِ زنزبار موڪليو. 1875 ۾ ھي ويلز جي شھزادي سان گڏجي مصر ۽ انڊيا ويو ان دوري جي ڪاميابي تي کيس ملڪہ برطانيه طرفان بئرونيٽ ۽ نائيٽ گرينڊ ڪراس آف بيٿ جا اعزاز مليا.1877 ۾ فريئر کي ڏکڻ آفريڪا جو ھاء ڪمشنر بڻايو ويو.

ڏکڻ آفريڪا 1878 ۾ ڪيپ ڪالوني سان ٿيندڙ ڪنفيڊريشن وارين جنگن وقت

ڏکڻ آفريڪا ۾ زولو واري بادشاھي برطانوي اثر کان آزاد ھئي.فريئر جي حڪم سان زولولينڊ تي حملي ٿيڻ سان زولو ء انگريزن جي وچ ۾ جنگن جي شروعات ٿي.1880 ۾ فريئر کي ليبر پارٽيءَ جي مطالبي تي وزيراعظم گليڊاسٽون کيس عھدي تان ھٽائي اتان واپس گھرائي مس ڪنڊڪٽ جي ڪاروائي شروع ڪئي.

اينگلو-زولو جنگون---اساندلوالا واري لڙائي

مئي 1977 ۾ ھي رايل سوسائٽيءَ جو فيلو چونڊيو ويو.[12]

بور واري پھرين جنگ جيڪا ماجوبا ھل جي لڙائي سڏبي آھي

وفات ۽ يادگار[سنواريو]

هن 29 مئي 1884ع تي ”ومبلڊن“ شهر ۾ وفات ڪئي. سندس نالي سان ڪراچيءَ ۾ فريئرهال ۽ ”فريئر روڊ“ مشهور آهن.[1] کيس لنڊن جي قبرستان سينٽ پالس ڪئٿيڊرل ۾ دفنايو ويو.

سر ھينري بارٽل فريئر جو ٿيمز نديءَ جي ڀت لڳ رکيل مجسمو جنھن جو 1888 ۾ ويلز جي شھزادي افتتاح ڪيو

آسٽريليا جي رياست ڪوئينس لينڊ جي جبلن جي سڀ کان وڏي چوٽي مائونٽ بارٽل فريئر کي ھن جو نالو ڏنو ويو. ھيليبري جي امپيريل سروس ڪاليج جي بورڊنگ ھائوس کي پڻ ھن جو نالو ڏنو ويو. جوهانسبرگ جي پارڪ ٽائون جي ھڪ روڊ کي ھن جو نالو ڏنو ويو.ڊربن جي ٻن روڊن ۽ ڪينيا جي شھر ممباسا جي ھڪ روڊ کي ھن جو نالو ڏنو ويو. باٽني جي ھڪ ماھر اين.اي.ڊيلزل ٻوٽي جي ھڪ جنس کي سندس ياد ۾ فريئر جو نالو ڏنو[13]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 2.17 2.18 2.19 2.20 سر بارٽل فريئر؛ لطف الله بدوي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1966؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  3. جان مارٽينيو: ”سر بارٽل فريئر“: حصو پهريون: ص
  4. جان مارٽينيو: ”سر بارٽل فريئر“: حصو پهريون: ص 85
  5. 5.0 5.1 5.2 جان مارٽينيو: ”سر بارٽل فريئر“: حصو پهريون:
  6. مرزا عطا محمد: ”تازه نوائي معارڪ“: ص 709.
  7. خانهادر خداداد خان: ”خيرپور نامہ“: ص 30
  8. ڪوٽڙي جي تاريخي پُل، شبير قريشي
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 9.4 سر بارٽل فريئر؛ لطف الله بدوي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  10. "The History of Lake Fife, NDA & Burr and Frere Roads, Kirkee, Poona". noelsramblings.blogspot.co.za. حاصل ڪيل 2017-10-01. 
  11. سانچو:Acad
  12. "Library and Archive catalogue". Royal Society. حاصل ڪيل 3 December 2010. [ڳنڍڻو نه لڌو]
  13. Dalzell 1864.

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]