لغاري (قبيلو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
لغاري (بلوچ)
ٻوليون

بلوچي، سنڌي، سرائڪي

مذھبَ

اسلام

لغاري:(انگريزي: Lighari ) هيءَ بلوچ قوم، رندن جي شاخ آهي، ۽ رند جلال خان ولد هرين جو وڏو پٽ هو. اهي قلات ۽ سرحد سنڌ ۾ به آهن ۽ حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ به آهن. هنن جا ڪي سردار ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سندن طرفان جنگين ۾ وڙهيا ۽ پوءِ ميرن ٽالپرن جي ڏينهن ۾ به سندن امير هئا،خصوصاً ولي محمد خان، انهن کي نواب جو لقب هو ۽ اڃا تائين به اهي نواب سڏبا آهن ۽ پالڻ جو ڪم ڪندا آهن ۽ تاجپور ۾ ويٺا آهن ۽ جاگيردار آهن.[1]مغلن جي دؤر ۾ کورادري کان سخي سرور تائين رياست قائم ڪيائون. چوٽي سندن تختگاه آهي[2][3]. سنڌ جي سرحد گاج جي علائقي ۾ لغاري تمن جا مالڪ هئا. سنڌ ۾ سندن پنج شاخون بوزدار، عالياڻي، برهماڻي، عيساڻي ۽ ڪچائي رهندڙ هيون. پڳ عالياڻين جي مٿي تي هئي، پر بوزدار به سرداري رکندڙ هئا[3].

مشهور شخصيتون[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  3. 3.0 3.1 [١] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو