حسن ابن علي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(امام حسن کان چوريل)
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

حسن ابن علي
(عربي ۾: الحسن بن علي خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
AlhassanSVG.svg 

معلومات شخصيت
ڄم 1 مارچ 624  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
مدينو[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت سال 669 (44–45 سال)[2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
مدينو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت Black flag.svg خلافت راشده
Umayyad Flag.svg خلافت اموي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
پيءُ علي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو father (P22) وڪي ڊيٽا تي
ماءُ فاطمه زهرا  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو mother (P25) وڪي ڊيٽا تي
ڀاءُ ڀيڻ
ڪم جي ٻولي ڪلاسيڪي عربي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

امام حسن ابن علي (15 رمضان 3ھ تا 28 صفر 50ھ) اسلام جا ٻيا امام ھئا ۽ علي علیہ السلام ۽ فاطمۃ الزھرا علیہا السلام جا وڏا پٽ ۽ محمد صلي اللہ علیہ و آلہ وسلم ۽ خدیجہ علیہا السلام جا وڏا ڏوھٽا ھئا۔ محمد صلي اللہ علیہ و آلہ وسلم جي مشھور حدیث مطابق اوھان جنت جي نوجوانن جا سردار آھن۔ محمد صلي اللہ علیہ و آلہ وسلم جن انھن جو نالو حسن رکيو ھو۔ ھي نالو ان کان پھريون ڪنھن جو نه ھو۔ رسولِ خدا صلي اللہ علیہ و آلہ وسلم انھن سان بي پناه محبت ڪندا ھئا ۔ انھن جو نالو حسن، لقب 'مجتبيٰ' ۽ ڪنیت ابو محمد ھئي۔

ولادت[سنواريو]

پاڻ 15 رمضان المبارڪ 3ھ تي مدینه منوره ۾ پیدا ٿيا۔ رسولِ خدا صلي اللہ علیہ و آلہ وسلم جي خاندان ۾ سندن جي پیدائش تمام گھڻي خوشي ھئي۔ جڏھن مڪي شريف ۾ رسول جا پٽ ھڪ ٻئي پٺيان دنیا کان ويدا رھيا ۽ سوائي ڌيئرن جي پنھنجي اولاد مان ڪوئي نه بچو ته مشرڪ طعنه ڏيڻ لڳا ۽ پاڻ کي وڏو صدمو پھتو ۽ سندن جي تسلّيءَ جي لاءِ قرآن مجید ۾ سورۃ الڪوثر نازل ٿي جنھن ۾ سندن کي خوش خبري ڏني وئي ته خدا اوھان کي ڪثِرتِ اولاد عطا فرمائي آھي ۽ مقطوع النسل پاڻ نه پر اوھان جا دشمن ٿيندا. سندن جي ولادت کان پھريون ام الفضل خواب ڏٺو ته رسول صلي اللہ علیہ و آلہ وسلم جي جسم جو ھڪ ٽڪڙو انھن جي گھر آيو آھي۔ انھن رسولِ خدا  صلي اللہ علیہ و آلہ وسلم کان تعبير پڇي ته انھن فرمايو ته تمام جلد منھنجي ڌيءَ فاطمه جي بدن مان ھڪ ٻار ٿيندو جنھن جي پرورش تون ڪندينءَ. 

حسن بن عليءَ کي مدیني ۾ آڻڻ جي پيدائش جي ٽئين سال ڄڻ ته سورۃ ڪوثر جي پھرين تفسير ٿي ۔ دنیا ڄاڻي ٿي ته انھن حسن بن علي ۽ انھن جي ننڍي ڀاءُ امام حسین جي ذریعي سان اولادِ رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي اھا ڪثرت ٿي جو باوجود انھن ڪوششن جي جيڪي دشمنن جي طرفان ھن خاندان جي ختم ڪرڻ جو سدائين ٿينديون رھيون جن ۾ ھزارن کي ڦاھيون ڏنيون ويون۔ ھزارين تلوارن سان قتل ڪيا ويا ۽ نه ڄاڻ ڪيترن کي زھر ڏنو ويو۔ ان جي باوجود اڄ دنیا آلِ رسول جي نسل سان جھلڪي رھي آھي۔ عالم ۾ ڪوئي حصو اھڙو مشڪل سان ھوندو جٿي ھن خاندان جا ماڻھو موجود نه ھجن۔ جڏھن ته رسول جا دشمن جن جي ان وقت ڪثرت سان اولاد موجود ھئي ائين فنا ٿي جو اڄ انھن جو نالو نشان ئي ڪو نه ٿو اچي۔ ھيءَ آھي قرآن جي سچائي ۽ رسول جي صداقت جو جيئرو ثبوت جيڪو دنیا جي اکين آڏو ھميشه لاءِ موجود آھي ۽ ان ڪري امام حسن رضي اللہ تعالي عنہ جي پیدائش سان پیغمبر کي اھا ئي خوشي نه تٿي جھڙي ھڪ ناني کي ڏوھٽي جي پيدائش تي ٿيڻ گھرجي۔ پر پاڻ کي خاص مسرت ھيءَ ٿي ته سندن جي سچائيءَ جي پھرين نشاني دنیا جي سامھون آئي۔ ستين ڏينھن عقیقي جي رسم ادا ٿي ۽ پیغمبر بحڪمِ خدا پنھنجي ھن پٽڙي جو نالو حسن رکيو۔ ھي نالو اسلام کام  پھريون نه ھوندو ھو ۔ ھي سڀ کان پھريون پیغمبر جي انھيءَ پٽ جو ناءُ ٿيو۔ حسین انھن جي ننڍي ڀاءُ جو ناپو به بس انھن سان ئي مخصو ص ھو۔ انھن کان پھريون ڪنھنن جو ھي نالو نه ٿيو ھو۔ سندن جي ولادت کان پوءِ سندن جي ناني محمد صلي الله عليه وسلم سندن جي کٻي ڪن ۾ اذان ۽ کٻي ڪن ۾ اقامت فرمائڻ کان پوءِ پنھنجي زبان پنھنجي ڏوھٽي ۾ وات ۾ ڏني جنھن کي ھُو چُوسڻ لڳا۔ ان کان پوءِ پاڻ صلي الله عليه وسلم جن دعا فرمائي ته اي اللہ ھن کي ۽ ھن جي اولاد کي پنھنجي پناه ۾ رکجان۔

نسب نامو[سنواريو]

صلح جون شرطون [سنواريو]

In صلح نامي جا پورا شرط ھيٺيان لکيل ھئا۔

  1. ھي ته امیر معاويه حڪومتِ اسلام ۾ ڪتابِ خدا ۽  سنتِ رسول تي عمل ڪندا۔
  2. ٻيو ھي ته امیر معاویہ کي پاڻ کان پوءِ ڪنھن خليفي کي چُونڊڻ جو حق نه ھوندو۔
  3. ھي ته شام ۽ عراق ۽ حجاز ۽ یمن سڀ جگھن جي ماڻھن جي لاءِ امان ھوندي۔
  4. ھي ته علي علیہ السّلام جا صحابي ۽ شیعا جٿي به آھن انھن جي جان ۽ مال ۽ عزت ۽ اولاد محفوظ رھندا۔
  5. امیر معاویہ حسن علیہ السّلام ابن علي علیہ السّلام ۽ انھن جو ڀاءُ حسین علیہ السّلام ابن  علي علیہ السّلام ۽ خاندانِ رسول مان ڪنھن کي به ڪوئي ڪوئي نقصان پھچائڻ يا ھلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪندو نه خفیہ طریقي سان نه اعلانیہ ۽ انھن مان ڪنھن کي ڌمڪايو ۽ ڊيڄاريو نه ويندو۔
  6. جناب امیر علیہ السّلام  جي شان ۾ اڻوندڙ ڪلمه جيڪي ھينئر تائين جامع مسجد ۽ قنوت نماز ۾ استعمال ٿيندا رھيا آھن اھي ڇڏيا وڃن۔ آخري شرط جي منظوريءَ ۾ امیر معاویہ کي عذر ھجي ته ھي طئي ٿيو ته گھٽ ۾ گھٽ جنھن موقعي تي حسن بن علي موجود ھجن ۽ ان موقعي تي ائين نه ڪيو وڃي۔ ھي معاھدو ربیع الاول یا جمادی الاول 41 ھ تي عمل ۾ آيو۔


حوالہ [سنواريو]

  1. اشاعتگیارہ
  2. GND ID: https://d-nb.info/gnd/118901494 — اخذ شدہ بتاریخ: 15 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامو: CC0