بندر عباس
Bandar Abbas بندرعباس گمبرون Gombroon | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
شھر | |||||||
| |||||||
عرفيت: کيکڙي جو بندرگاھ | |||||||
جاگرافي بيهڪ: 27°11′N 56°16′E / 27.183°N 56.267°E | |||||||
ملڪ | ايران | ||||||
صوبو | ھرمزگان | ||||||
شھرستان | بندر عباس | ||||||
ضلعو | مرڪزي | ||||||
بنياد پيو | 600 ق.م کان اڳ | ||||||
حڪومت | |||||||
• قسم | ميونسپالٽي | ||||||
بلندي | 9 ميل (30 ft) |
بندر عباس (انگريزي: Bander Abbas) ايران جو ھڪ مشھور شھر ۽ وڏي ۾ وڏو بندرگاھ جيڪو ھرمزگان صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھي شھر ايراني نار (Persian Gulf) ۾ آبناءِ ھرمز جي ڪناري تي آباد آھي. ھتي ايران جي سامونڊي فوج جو سڀ کان اھم اڏو قائم آھي. ھي شھر بندر عباس شھرستان جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شھر آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 526,648 آھي[1]. ھي شھر تھران کان 1287 ڪلوميٽر، تبريز کان 1800 ڪلوميٽر، شيراز کان 577 ڪلوميٽر ۽ ڪرمان کان 477 ڪلوميٽر پري آباد آھي[2]. صفوي گھراڻي جي بادشاھ شاھ عباس اول جي نالي پٺيان ھن شھر کي بندر عباس سڏيو ويو[3]. ھي شھر ۽ بندرگاھ فوجي ۽ اقتصادي طور تي ايران جو ھڪ اھممرڪز آھي. ھن ئي بندرگاھ تان سمنڊ ذريعي زرتشت مذھب جا ڪيترائي پارسي ھندستان طرف ھجرت ڪري ويا جن جا پونئر اڄ سوڌو ھندستان جي شھر ممبئي ۽ پاڪستان جي شھر ڪراچيءَ ۾ آباد آھن. 1990ع واري ڏھاڪي کان وٺي ھاڻي تائين ايران ۾ اٽڪل 75 سيڪڙو پرڏيھي سامان جي رسد ھن بندرگاھ جي ذريعي ٿئي ٿي. ھتان جي مکيہ صنعتن ۾ ڪپڙو، ماھيگيري، تيل، اليومينيم ۽ اسٽيل شامل آھن[4].
تاريخ
[سنواريو]ھن شھر جي تاريخ جو پراڻي ۾ پراڻو رڪارڊ اھخامنشي سلطنت جي مشھور بادشاھ دارا اعظم (Darius the Great) جي دور (522 کان 486 قبل مسيح) کان ملي ٿو. ھن بادشاھ جي سپھ سالار سيلاڪوس (Silacus) بندر عباس کان ھندستان ۽ ڳاڙھي سمنڊ جو سفر ڪيو ھو. سڪندر اعظم جڏھن فارس تي چڙھائي ڪئي انھن ڏينھن ۾ ھن شھر کي ھرمرزاد (Hormirzad) سڏيو ويندو ھو. ھن شھر کي ھڪ ڊگھي عرصي تائين گمبرون پڻ سڏيو ويندو ھو.
1514ع ۾ ھن شھر تي پورچوگيزين قبضو ڪري ورتو[5]. ھي شھر پورچوگيزين لاءِ واپار جو ھڪ وڏو مرڪز رھيو. ھنن ھن شھر جي چوڌاري ڀت ڏياري ۽ ھن شھر کي گمرو (Gamrou) يا گمرون (Gameroon) سڏيندا ھئا. 1622ع ۾ شاھ عباس اول انگريزن ۽ ايراني سپھ سالار امام قلي خان جي مدد سان ھي شھر فتح ڪيو ۽ پورچوگيزين کي ھتان تڙي ڪڍيو. شاھ عباس اول جي ھن عظيم الشان فتح کي مان ڏيندي ھن شھر جو نالو بندر عباس رکيو ويو. تاريخي دستاويزن مان پروڙ پوي ٿي تہ ھي شھر پورچوگيزين جي اچڻ کان اڳ بہ ھڪ بندرگاھ جي حيثيت سان موجود ھو.
شاھ عباس جي فتح کان ستت پوءِ ھتي ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو بنياد رکيو ويو. 1654ع کان 1765ع تائين ايراني مصالحن ۽ ريشمي ڪپڙي جي ڪاروبار تي ھن ڪمپنيءَ جو غلبو رھيو. 1794ع کان 1868ع تائين ھڪ معاھدي تحت ھي شھر فارس جي حڪومت عماني سلطنت جي حوالي ڪيو. 1854ع ۾ ھن شھر کي ٻيھر ايران ۾ شامل ڪيو ويو.
1902ع ۾ ھتي ھڪ زبردست زلزلو آيو جنھن ۾ ھتان جي گورنر ھائوس ۽ ڪسٽم آفيس سميت ڪيتريون ئي عمارتون ڊھي پٽ ٿي ويون ۽ ھتان کان سڏپنڌ تي موجود قشم ٻيٽ تي وڏي تباھي آئي[6]. محمد رضا شاھ پھلويءَ ھن شھر جي فوجي ۽ واپاري اھميت کي نظر ۾ رکندي ھتي ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا.
جاگرافي
[سنواريو]بندرعباس شھر ھڪ سنئين سڌي ميداني علائقي ۾ قائم آھي ۽ ھن جي سامونڊي مٿاڇري کان سراسري اوچائي 9 ميٽر (30 فوٽ) آھي. ھي ھرمزگان صوبي جي ڏکڻ ۾ واقع آھي. ھن جي اتر ۾ جابلو علائقو آھي ۽ ڏکڻ ۾ سمنڊ آھي. قشم شھر ھتان کان ويجھي ۾ ويجھو شھر آھي جيڪو 28 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي قشم ٻيٽ تي قائم آھي.
آبھوا
[سنواريو]ھتي جي آبھوا گرم ريگستاني آھي. اونھاري ۾ گرميءَ جو درجو 490C (1200F) تائين پھچي سگھي ٿو جڏھن تہ سياري ۾ 50C (410F) تائين ڪري سگھي ٿو. سال ۾ سراسري طور تي 170 ملي ميٽر (6.7 انچ) مينھن وسي ٿو. سراسري طور تي گھم جو تناسب 65 سيڪڙو آھي.
آمدورفت
[سنواريو]ھوائي سفر لاءِ ھتي بندرعباس بين القوامي ھوائي اڏو موجود آھي. روڊ ذريعي ھتان سيرجان، شيراز، زاھدان ۽ ٻين شھرن طرف سفر ڪري سگھجي ٿو.
1993ع کان بندرعباس اسلامي جمھوريہ ايران ريلوي جي ڏکڻ ۾ آخري اسٽيشن آھي. ھتان يزد، قم، تھران ۽ قزون طرف ريل جو سفر ڪري سگھجي ٿو.
ھن شھر کان ڀرپاسي وارن ٻيٽن تي ٻيڙين ذريعي سفر ڪرڻ جي سھوليت موجود آھي.
ماڻھو، مذھب ۽ ٻولي
[سنواريو]ھتان جا اڪثر رھواسي شيعا ۽ سني مسلمان آھن. ھتي جا ماڻھو فارسي ٻولي ڳالھائين ٿا پر سندن ڳالھائڻ جو لھجو ايران جي ٻين علائقن کان ٿورو مختلف آھي. جيئن تہ ھن بندرگاھ تي مختلف قومن ۽ ملڪن جا ماڻھو واپار سانگي اچن ٿا انڪري ھن شھر جي فارسي ٻوليءَ ۾ ڪيترين ئي ٻين ٻولين جا لفظ شامل ٿي ويا آھن. ھتان جي فارسي ٻوليءَ کي بندري ٻولي سڏيو وڃي ٿو.
اعليٰ تعليم
[سنواريو]بندرعباس شھر ۾ ھيٺيون يونيورسٽيون قائم آھن:
- بندر عباس يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
- يونيورسٽي آف ھرمزگان
- اسلامڪ آزاد يونيورسٽي آف بندرعباس
- پيام نور يونيورسٽي آف بندرعباس
- امير ڪبير يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، بندرعباس برانچ
- يونيورسٽي آف اپلائڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي، بندرعباس برانچ
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Census of the Islamic Republic of Iran, 1385 (2006)" (Excel). Statistical Center of Iran. Archived
- ↑ سیما, IRIB NEWS AGENCY ، خبرگزاری صدا و. "هرمزگان مقصد گردشگری در جنوب کشور". fa (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-28.
- ↑ Foundation, Encyclopaedia Iranica. "Welcome to Encyclopaedia Iranica". iranicaonline.org. حاصل ڪيل 2022-02-28.
- ↑ "Iran Chamber Society: Iranian Cities: Bandar Abbas". www.iranchamber.com. حاصل ڪيل 2022-03-01.
- ↑ "Bandar-e ʿAbbās, Iran, Britannica". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-03-01.
- ↑ Latest intelligence – Earthquake shocks on the Persian Gulf". The Times. No. 36824. 19 July 1902. p. 7