اسحاق سميجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسحاق سميجو
Ishaq Samejo

اسحاق سميجو
پيدائش ڳوٺ فضل پور، دادو
ڌنڌو ، ليکڪ
سنڌي ٻوليءَ جو ايسوسيئيٽ پروفيسر
ڊئريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي
چيئرمين سنڌي شعبو
ٻولي سنڌي
رهائش ڄامشورو
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم. اي، سنڌي ادب
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
دور هاڻوڪو
موضوع شاعري، نقاد، صحافي
ايوارڊ ماهوار ڪينجهر ايوارڊ 1994ع

اسحاق سميجو (انگريزي ٻولي: Ishaq Samejo) سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو نوجوان شاعر،[1] ڪالم نگار، نقاد [2]، ليکڪ ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو چيئرمئن آھي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، ھُو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ چيئر جوانچارج ڊئريڪٽر، ڊئريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي [3][4] پڻ رهيو[5]

زندگي جو احوال[سنواريو]

اسحاق سميجو- 18 مارچ 1975ع تي ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ فضل پور ۾ جاڙو خان جي گهر ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته مئٽرڪ طالب الموليٰهاءِ اسڪول دادوءَ مان پاس ڪيائين. انٽر سائنس جو امتحان ڊگري ڪاليج جوهيءَ مان پاس ڪيائين. ايم. اي، سنڌي ادب ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. .[6]

علمي ادبي خدمتون[سنواريو]

اسحاق سميجو سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. علمي خدمتون ڏيندي ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي ماڻي آهي. [5] کيس ننڍي هوندي کان ئي ادب سان گهرو لڳاءُ هئو. لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪيائين. ٻارڙن لاءِ گهڻا گيت، ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکيائين. 1990ع کان باقاعدي شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. سندس ترتيب ڏنل ٻه ڪتاب، ’دنيا جون لوڪ آکاڻيون‘ ۽ ’تاريخي ماڻهو، تاريخي ڳالهيون‘ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. حيدرآباد مان نڪرندڙ ماهوار ’گلستان‘ ۽ ’ٻارڙن جي سنڌ رنگ‘ جو -ايڊيٽر- پڻ رهيو آهي. کيس سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان ’ڪينجهر -تنقيد- ايوارڊ 1994ع‘ مليو. جڏهن ته عوامي آواز، ڪاوش ۽ پاڪ -اخبار- ۾ صحافتي خدمتون سرانجام ڏيئي چڪو آهي ۽ ڪجهه وقت روزاني ”سنڌ“ ۾ اسسٽنٽ نيوز -ايڊيٽر- جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو اٿس. -ان- سان گڏوگڏ ريڊيو -پاڪستان- حيدرآباد تي پندرهن روزه ادبي پروگرام ’ادبي سنگت‘ ۾ سلسلي ’سرجڻهار‘ جو ڪمپيئر پڻ رهيو آهي. هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. سنڌي اديبن ۽ قلمڪارن جي وفد سان 2008ع ڀارت جو دورو به ڪري چڪو آهي. هن شيخ -اياز- جي غزلن جو ڪتاب ”گيڙو ويس غزل“ (2004ع) ۽ سنڌي رومانوي غزلن تي مشتمل ڪتاب ”دل جو رستو“ 2003ع ۾ ترتيب ڏنا آهن، جيڪي روشني پبلڪيشن ڪنڊياري پاران ڇپايا ويا آهن. سندس تنقيدي مضمونن جو ڪتاب ”شاعريءَ سان دشمني“ (2005ع) به ڇپجي چڪو آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”صدا بيچين آهي“ (2001ع) ۽ ”گناهه جا گيت“ (2005ع) پڻ ڇپيل آهن. -ان- کان سواءِ هن وقت ٽماهي ”سارنگا“ پبليڪيشن جو -ايڊيٽر- آهي. جنهن جا 6 پرچا ڪڍي چڪو آهي[6]

ڪتاب[سنواريو]

  • دنيا جون لوڪ آکاڻيون 1998ع
  • تاريخي ماڻهو تاريخي ڳالهيون، 1998ع
  • صدا بيچين آهي شاعري، 2003ع
  • دل جو رستو شاعري 2003ع
  • گيڙُو ويس غزل، شاعري شيخ اياز، 2004ع
  • شاعري سان دشمني، تنقيد، 2005ع
  • گناھ جا گيت شاعري، 2006ع
  • هڪڙي هئي بينظير، 2008ع
  • ناءُ هلي آءُ گيت کڻي شاعري شيخ اياز، 2010ع
  • ڪورائي جو ڪلام، 2010ع
  • اکر پڙھ الف جو ٻارن لاءِ شاھ لطيف جي شاعري 2012ع
  • ڳاءِ انقلاب ڳاءِ، شاعري شيخ اياز، 2015ع
  • صادق فقير: توکان ٿيندي ڌار، 2015ع
  • اياز، شيام، استاد، شاعري، 2017ع[5]

ايوارڊ[سنواريو]

اسحاق سميجو کي ڪينجهر رسالي حيدرآباد طرفان تنقيد بابت 1994ع ۾ ايوارڊ مليو[6]

حوالا[سنواريو]

  1. "Proud sons: Melodies from Thar Desert enthrall capital residents". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2019-03-16. 
  2. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-03-16. 
  3. "Sindhi Films Festival Concludes At Sindh University". UrduPoint. حاصل ڪيل 2019-03-16. 
  4. "Anwar Maqsood’s offensive satire on Sindhis causes online outrage". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2019-03-16. 
  5. 5.0 5.1 5.2 Arain, Nareen. "Dr. M.Ishaq Samejo – University of Sindh Jamshoro". حاصل ڪيل 2019-03-16. 
  6. 6.0 6.1 6.2 http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=اسحاق%20سميجو