مواد ڏانھن هلو

احمد شاهه ابدالي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احمد شاھ ابدالي افغانستان جي علائقي هرات ۾، 1136ھ/1723ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو محمد زمان خان هو. 20 سالن جي عمر ۾ نادر شاھ جي فوج جو سپھ سالار ٿيو. بھادري ۽ وفاداريءَ سبب نادر شاھ هن جو قدر ڪندو هو. سن 1747ع ۾ جڏهن نادرشاھ کي پنھنجن ئي ماڻهن سندس خيمي ۾ گهڙي قتل ڪيو تہ ان کان پوءِ آڪٽوبر 1747ع ۾ افغان سردارن احمد شاھ ابداليءَ کي بادشاھ چونڊيو.[1]

جنگون

[سنواريو]

بادشاھ ٿيڻ کان پوءِ هن ڪيترائي دفعا هندستان تي حملا ڪيا. ڪشمير، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان کي افغان حڪومت ۾ شامل ڪيائين. خراسان جو بہ ڪجهہ علائقو هٿ ڪيائين. احمد شاھ ابداليءَ جي گادي قنڌار ۾ هئي، جتي هن عاليشان عمارتون تعمير ڪرايون. هندستان ۾ احمد شاھ ابداليءَ جون ٻہ لڙايون قابل ذڪر آهن. پھرين، جنوري 1761ع ۾ پاڻيپٽ جي ٽين لڙائي، جنھن ۾ مرهٽن کي شڪست آئي ۽ ٻي جنگ دوراھ، جنھن کي سِک ”گهلو گهاڙا“ يعني بي پناھ قوت سڏيندا آهن، اها لڙائي 1762ع ۾ ٿي، جنھن ۾ سکن جو وڏو تعداد قتل ٿي ويو.[1]

حڪومت

[سنواريو]

احمد شاھ، افغانستان جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي ۽ ان کي هڪ وحدت بنايو. هن ئي مستقل افغانستان جو بنياد رکيو. نادرشاهه وانگر احمد شاھ ابداليءَ جي حملن بہ مغل سلطنت کي ڪمزور ڪيو، ۽ ان جي نظام کي سخت نقصان پھتو. هن 1749ع ۾ سنڌ تي پڻ ڪاھ ڪئي ۽ وڏي تباهي مچائي. سندس موت 20 رجب 1186ھ/17 آڪٽوبر 1773ع تي واقع ٿيو. منشي ٽوپڻ مل حيدرآبادي پنھنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته ”احمد شاھ دراني (ابدالي) گهڻي لشڪر ۽ جنگي ساز و سامان سان گڏ لاڙڪاڻي، سنڌ ۾ آيو. ميان نور محمد پنھنجو وڪيل احمد شاھ درانيءَ جي درٻار ۾ موڪليو هو، پر هن مٿس هر سال خراج يا ڏن مقرر ڪيو، جيڪو ميان صاحب ادا ڪندو هو.“[1]

حوالا

[سنواريو]