پاڻيپٽ
Panipat पानीपत | |
---|---|
Metropolitan city | |
Country | ڀارت |
State | Haryana |
District | Panipat |
پکيڙ | |
• ڪل | 64 ڪ.م2 (25 ميل2) |
بلندي | 219 ميل (719 ft) |
آبادي (2011) | |
• ڪل | 442,277 |
پاڻيپٽ شهر ڀارت جي صوبي هريانا جي ضلعي ڪرنال ۾ آهي، جيڪو جمنا نديءَ جي ڪناري تي آباد آهي.[1]
تاريخ
[سنواريو]هيءُ نهايت آڳاٽو شهر آهي، جنهن جي تاريخ مهاڀارت جي زماني کان شروع ٿئي ٿي. پانڊون ۽ ڪورون جي جنگ ۾ جيڪو ميدان مقابلي لاءِ چونڊيو ويو، اهو ’پاڻيپٽ‘ جو ميدان هو. پاڻيپٽ هميشه اولهه کان هندستان تي حملو ڪندڙن جي آماجگاهه رهيو آهي. 326 ق. م ۾ يوناني هن شهر تي حملو ڪري اڳتي وڌيا. ان کان پوءِ وچ ايشيا جون قومون مختلف دورن ۾ (150 ق. م کان 600ع تائين) هن شهر تي حملا ڪنديون رهيون. 402ھ/ 1011ع ۾ محمود غزنويءَ پاڻيپٽ ۽ ٿانيسر تي حملو ڪيو، جنهن زماني ۾ شام، ايران، عراق ۽ وچ ايشيا کان عرب ۽ ٻيا مسلمانن جا مختلف خاندان هندستان جي مختلف شهرن ۾ آيا ته ’پاڻيپٽ‘ بهتر آبهوا جي ڪري انهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو. آهستي آهستي هي شهر اهل علم، صوفين ۽ ولين جو مسڪن بڻجي ويو. ’پاڻيپٽ‘ جي عظمت جو زمانو خاص طور اهو هو، جڏهن شاهه شرف بو علي قلندر هتي تصوف، سلوڪ ۽ روحانيت جو درس ڏئي رهيو هو، ان زماني ۾ ’پاڻيپٽ‘ هندستان جي چونڊ بزرگن جو مرڪز بڻيل هو. ان وقت هتي 700 عالم فاضل موجود هئا. 932ھ/1525ع ۾ بابر، ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏني. 964ھ/1556ع ۾ اڪبر هيمون بقال جي فوج جو خاتمو آندو. آخري دفعو 1174ھ/1760ع ۾ مرهٽن کي احمد شاهه ابداليءَ شڪست ڏني. پاڻيپٽ جون تاريخي لڙايون: پهرين لڙائي مغل بادشاهه ظهير الدين بابر ۽ سلطان ابراهيم لوڌيءَ جي وچ ۾ 932ھ/1526ع ۾ پاڻيپٽ جي ميدان تي لڳي. سلطان ابراهيم جي فوج هڪ لک سپاهين تي مشتمل هئي ۽ بابر سان گڏ صرف ٻارهن هزار جنگي جوان هئا. بابر پاڻ تجربيڪار سپهه سالار ۽ جنگ جي فن جو ماهر هو. بابر ۽ ابراهيم لوڌيءَ جي فوجن وچ ۾ زبردست مقابلو ٿيو. ابراهيم لوڌيءَ جي فوج شڪست کاڌي ۽ پهريون دفعو هندستان ۾ مغل سلطنت جو بنياد پيو. ٻي لڙائي هيمون بقال ۽ بيرم خان جي وچ ۾ 964ھ/1556ع ۾ لڳي. همايون جي وفات کان پوءِ اڪبر بادشاهه جي تخت نشينيءَ جو اعلان ڪيو ويو، تڏهن هيمون بقال جيڪو عادل شاهه جو وزير ۽ وڏيءَ همت وارو هو، تنهن دهليءَ ۽ آگري تي قبضو ڪري ورتو. پاڻيپٽ جي ميدان ۾ ٻنهي فوجن وچ ۾ جنگ لڳي. آخر بيرم خان کي فتح حاصل ٿي ۽ هيمون بقال زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو. پاڻيپٽ جي ٽين جنگ احمد شاهه ابداليءَ ۽ مرهٽن جي وچ ۾ 1174ھ/ 1760ع ۾ لڳي. ان وقت تائين مرهٽا هندستان جي وڏي حصي تي قبضو ڪري چڪا هئا. مرهٽن جي سردار رگهوناٿ مغلن کي شڪست ڏئي دهليءَ تي قبضو ڪيو، تنهن کان پوءِ هن لاهور تي حملو ڪري اٽڪ واري علائقي تائين قبضو ڪري ڇڏيو. احمد شاهه ابداليءَ اهو علائقو واپس وٺڻ لاءِ چوٿون دفعو برصغير تي حملو ڪيو. هن جنگ ۾ مرهٽن کي شڪست آئي. احمد شاهه ابدالي دهليءَ پهچي، شهزادي علي گوهر کي دهليءَ جي تخت تي ويهاريو. 11 سيپٽمبر 1803 تي ’پاڻيپٽ‘ انگريزن جي قبضي ۾ آيو.[1]
آبادي
[سنواريو]پاڻيپٽ جي موجوده آبادي هڪ لک کان وڌيڪ آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.