سنڌيڪا اڪيڊمي
سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو بڻياد ٢٦ سيپٽمبر ١٩٩١ع ۾ پيو جنھن جو مقصد هو تہ سنڌيءَ جي مختلف موضوعن ۾ معلومات ۽ تحقيقات جي حوالي سان ڪم ڪرڻ جي حوصلہ افزائي ڪئي وڃي.
اڪيڊميءَ جو بنياد جناب نور احمد ميمڻ وڌو، جيڪو سياسي اڳواڻ ۽ مبصر ۽ پبلشر آهي. هن ڄاتو پئي تہ هڪ اهڙو ادارو جيڪو سرڪاري ڪامورن جي ڀول ڀلين جي ور چڙهيل هوندو سو سنڌي ٻوليءَ جي جوڳي خدمت ڪو نہ ڪري سگهندو جنھن جي هن جديد ۽ ترقي يافتہ دور ۾ ضرورت آهي. تنھنڪري ضروري هو تہ هڪ غير منافع بخش ادارو وجود ۾ آندو وڃي جيڪو ورضاڪاراڻہ بنيادن تي ڪم ڪري، تنھنڪري هيءُ ادارو وجود ۾ آيو.
خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |