احسان بدوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

پروفيسر -احسان بدوي-، سنڌي ٻوليءَ جو بهترين اديب، شاعر ۽ نقاد هو. سنڌ جي مشهور اديب ۽ -اهل- قلم، پروفيسر لطف -الله- بدويءَ جو فرزند هو. هن جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو سلسلو، سندس والد جي سرپرستيءَ ۽ تربيت ۾ شروع ٿيو. احسان -بدوي- مارچ 1926ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ ثانوي -تعليم- شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين. 1944ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري، سي. اينڊ -ايس-. (چيلاسنگهه بجاج اينڊ سيتلداس) گورنمينت ڪاليج ۾ داخل ٿيو. 1946ع ۾، جڏهن اڃا انٽر آرٽس ۾ هو، تڏهن سنڌ يونيورسٽي وجود ۾ آئي. جيئن ته -ان- ڪاليج جو -بمبئي- يونيورسٽيءَ سان الحاق هو، -ان- ڪري سنڌ حڪومت، پنهنجي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وارن شاگردن تي زور رکيو ته اهي ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ -تعليم- حاصل ڪن. -ان- ڪري -ايس-. ايم. ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين، -جتي- وڏي محنت سان بي. اي آنرس فارسيءَ ۾، سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. تعليم دوران، شمس العلماءِ علامه دائودپوٽو ۽ -آغا- محمد يعقوب سندس مدد ڪندا رهيا. بي. اي پاس ڪري سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ ڪلرڪ ٿيو، ۽ اڳتي هلي سينيئر ڪلرڪ بڻيو. علم ۽ ادب سان چاهه هئڻ جي ڪري اردوءَ ۾ ايم. اي پاس ڪيائين. هيءُ پهريون سنڌي شاگرد هو، جنهن اردوءَ ۾ ايم. اي ڪئي هئي. -ان- کان پوءِ سنڌيءَ ۾ پڻ ايم. اي ڪيائين. آخرڪار، پنهنجي شفيق -استاد-، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه (اڳوڻي پرنسپال -ايس-. ايم، ڪاليج ڪراچيءَ) جي مشوري سان روينيو ڊپارٽمينٽ کي خيرآباد چئي، -ايس-. ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ -استاد- جي حيثيت سان داخل ٿيو، -جتي- 15 سال خدمت ڪيائين. احسان -بدوي- سنڌي ادبي سنگت سان به وابسته رهيو. تاليف ۽ -تصنيف- جي سلسلي ۾ سندس ڪتاب: (1) ’-تنقيد- ۽ تنقيدنگاري‘، (2) ’ڊان ويسٽ‘، (3) ’-انقلاب- جو فلسفو‘، (4) ’منتخب ڪلام سانگي‘ (5) ’سانگي‘ فن ۽ شخصيت، اهم آهن. سندس انداز بيان سليس، سادو، عمدو ۽ اثرائتو هو. هن هڪ ناگهاني حادثي جو شڪار ٿيندي، ڪراچيءَ ۾ 22 نومبر 1965ع تي وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]