سرگاسو سمنڊ


سرگاسو سمنڊ (Sargasso sea) ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ واقع ھڪ سمنڊ آھي.[1] جنھن جون حدون ٻين ننڍن سمنڊن جي برعڪس زمين سان نہ ٿيون لڳن.[2][3][4] ھي پنھنجي وصفن: سارگسم نالي ناسي رنگ جي سامونڊي ٻوٽن ۽ اڪثر ماٺيلي نيري رنگ جي پاڻي جي ڪري ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جي ھڙني ننڍن سمنڊن کان منفرد آھي.[1] ھن سمنڊَ جون حدون اولھ طرف ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ ميڪسيڪو جي نار کان اٿي فلوريڊا پار ڪري اتر ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ پھچندڙ نار واري ھوائن پھچڻ واري ھنڌ سان لڳن ٿيون. اتر طرف اتر ايٽلانٽڪ ھوائن واري ھنڌ سان لڳن ٿيون. اوڀر طرف ڪئنري واري ھوائن جي ھنڌ سان ملن ٿيون ۽ ڏکڻ طرف اتر استوائي ھوائن جي وھڪري سان ملن ٿيون. ھن سمنڊ جي جاگرافيائي بيھڪ °70 ۽ °40 ڊگري اولھ طرف ۽ °20 کان °35 ڊگري اتر طرف جي وچ ۾ واقع آهي. اھو لڳ ڀڳ 1100 ڪ م ويڪرو ۽ 3200 ڪ م ڊگھو آھي.[5][6] ھن سمنڊ جي پکيڙ اٽڪل 35 لک چورس ڪلوميٽر آهي. ھن سمنڊ جي اولھندي ڪناري جي ويجھو برموڊا واقع آهي.[7] ھن سمنڊ جو رنگ نيرو ھجڻ سان گڏ ان جي پاڻي جي اندر ڪمال جي چٽائي آھي ۽ ڏسڻ جي حد پاڻي جي اندر 61 ميٽرن يا 200 فٽن تائين آھي.[8][9]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 Stow, Dorrik A.V. (2004). Encyclopedia of the Oceans. Oxford University Press. ص. 90. ISBN 978-0198606871. 27 June 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ NGS Staff (27 September 2011). "Sea". nationalgeographic.org. National Geographic Society. 27 June 2017 تي حاصل ڪيل.
...a sea is a division of the ocean that is enclosed or partly enclosed by land...
- ↑ Karleskint, George (2009). Introduction to Marine Biology. Boston MA: Cengage Learning. ص. 47. ISBN 9780495561972. 7 January 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "What's the Difference between an Ocean and a Sea?". Ocean Facts. Silver Spring MD: National Ocean Service (NOS), National Oceanic and Atmospheric Administration (NOAA). 25 March 2014. 7 January 2017 تي حاصل ڪيل – OceanService.NOAA.gov وسيلي.
- ↑ "Sargasso Sea". oceanfdn.org. The Ocean Foundation. 14 September 2015. 27 June 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Weatheritt, Les (2000). Your First Atlantic Crossing: A Planning Guide for Passagemakers (4th ڇاپو). London: Adlard Coles Nautical. ISBN 9781408188088. 27 June 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Webster, George (31 May 2011). "Mysterious waters: from the Bermuda Triangle to the Devil's Sea". CNN. 27 June 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sargasso Sea". World Book. 1958. جلد 15. Field Enterprises Educational Corp.
- ↑ Heller, Ruth (2000). A Sea Within a Sea: Secrets of the Sargasso. Price Stern Sloan. ISBN 978-0-448-42417-0.