واري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
واري

واري مٽيءَ قسمن مان ھڪ قسم آھي. واري عام طور تي درياھن، ريگستانن، سمنڊن وغيره مان ملندي آھي. واريءَ جا ڪيترن ئي ھنڌن تي ھنڌن تي استعمال ڪيا وڃن ٿا جھڙوڪ، پوکي راۡھي، اڏاوت، راند روند، شيشاسازي وغيره.

ريتي --(Sand) عام طرح سان ريتيءَ جا ٻہ درجا ٿيندا آھن، ھڪ موٽي ريتي (Coarse sand) ۽ ٻي باريڪ سنھي ريتي (Fine sand). ريتي ھميشه علائقي پٽاندڙ سرڪار جي منظور ڪيل ھنڌ يا کاڻ (Quarry) جي ھئڻ گھرجي. انھيءَ ۾ مٽي، ڪلر، ابرق، وڻن جا پن، جانورن جا سڙيل ھڏا ۽ کلون، ۽ ٻيو گند ڪچرو نھ ھئڻ گھرجي.

سنھي ريتي (Fine sand) اھڙي ھئڻ گھرجي، جيئن 16 نمبر جي ڇاڻي (No. 16 Sieve) مان ڇڻي وڃي ۽ جيڪڏھن ھڪ چورس اندر 100 x 100 خانن واري ڇاڻي مان ڇاڻجي تھ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ نھ ڇڻي.

ريتي يا واري اھڙي طرح صاف ھئڻ گھرجي جو اگر انھيءَ جي ھڪ لپ کڻي صاف پاڻيءَ سان ڀريل گلاس ۾ وجھي لوڏي چڱيءَ طرح ملائي ھڪ ڪلاڪ کن لاءِ ڇڏي ڏجي تھ ان جي مٿان مٽيءَ جو تھھ ڏھين حصي کان مٿي نھ رھي.

1- ((Fine Aggregate: ھن قسم جي ريتي علائقي پٽاندڙ حڪومت جي منظور ڪيل جبلن يا کاڻين (Quarries) جي ھئڻ گھرجي، ۽ ھر ڪنھن قسم جي گند ۽ ڪچري جھڙوڪ نباتاتي مادن (Organic Substances)، مٽيءَ، وڻن جي سڙيل پنن، ڪلر ۽ مورم (يعني ميٽ ۽ چڪناھٽ واري مٽي) وغيره کان پاڪ ۽ صاف ھئڻ گھرجي. اوساريءَ لاءِ موٽي ريتيءَ جو استعمال ڪرڻ مناسب آھي ۽ پلستر لاءِ ۽ مرمت وغيره واسطي سنھي يا باريڪ ريتي موزون آھي. ھن قسم جي ريتي اھڙي ھئڻ گھرجي جو اگر ھڪ پل کڻي صاف پاڻيءَ سان ڀريل گلاس ۾ لوڏي چڱيءَ طرح ملائي ھڪ ڪلاڪ لاءِ گلاس ۾ ڇڏي ڏجي تھ تري ۾ بيٺل ريتيءَ مٿان مٽيءَ جو تھھ ڏھين حصي کان مٿي نھ ھجي، ٻيءَ صورت ۾ پاڻيءَ سان ڌئاري، صاف ڪرائي پوءِ استعمال ڪئي وڃي. ريتيءَ کي صاف ڪرڻ وارن ڇاڻن جي ڄاري چورس خانن واري ھجي تھ بھتر آھي. ڇاڻڻ وقت ڇاڻن کي 45 ڊگريءَ کان وڌيڪ لاھاندي نھ ڏني وڃي.

2. ((Coarse Aggregate: بالڪل سخت، نقص کان پاڪ ۽ مضبوط، حڪومت جي منظور ڪيل جبلن ۽ کاڻين مان حاصل ڪري ۽ پٿرن کي ڪٽي روڙي يا بجري ٺاھي ويندي آھي. اھا مٽيءَ، دز، وڻن جي پنن، نباتاتي مادن، نرم ۽ ڳريل پٿرن ۽ ٻئي گند ڪچري کان پاڪ ھئڻ گھرجي. جيڪڏھن اھڙن پٿر جي ٽڪرن (يعني بجري يا روڙيءَ) جي لپ کڻي پاڻيءَ سان ڀريل گلاس ۾ ملائي لوڏي پوءِ ھڪ ڪلاڪ لاءِ ڇڏي وڃي تھ تري ۾ ويٺل پٿرن مٿان مٽيءَ جو تھھ 5 سيڪڙي کان مٿي نھ ھئڻ گھرجي، ٻيءَ صورت ۾ اھڙي روڙيءَ کي ڌئاري، صاف ڪرائي ۽ سڪائي پوءِ استعمال ڪجي. عام طرح سان روڙيءَ جي گھٽ ۾ گھٽ سائيز ½ انچ ۽ وڌ ۾ وڌ سائيز 11/2 انچ استعمال ڪئي ويندي آھي. ٿلھي روڙي ھئڻ جي صورت ۾ انھيءَ کي ڀڃي ڪٽي گھربل سائيز تي بيھاري پوءِ استعمال ڪجي..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو