ائنٿراپالاجي

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

ائنٿراپالاجي(Anthropology ):علم الانسان، يا بشريات، جنهن ۾ ثقافتي، تاريخي ۽ طبعي سطح تي انسانن ۽ انهن جي معاشرن جي گروهه -بندي- ۽ انسانن بابت مشاهدي جو موضوع هجي. انساني روين سان لاڳاپيل ٻين علمن کي ڇڏي، علم الانسان قديم آثارن جي کوجنائن ۽ مقامي ماڻهن کان ملندڙ مواد تي ٻڌل هوندو آهي. جنهن کي اوڻيهين صديءَ جي وچ ڌاري هڪ الڳ علم جي حيثيت ڏني وئي، -ان- کان اڳ -ان- کي حياتيات، ارضيات، لسانيات، نفسيات ۽ -آثار قديمه- جو هڪ حصو سمجهيو ويندو هو. انساني معاشرن جي آغاز ۽ ڏند ڪٿائي علم جي حقيقي مطالعي ۾ پڻ -ائنٿراپالاجي- اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هڪ منفرد علم جي حيثيت سان پنهنجو وجود برقرار رکندي انساني معاشرتي لڳ لاڳاپن جي مطالعي ۽ -ثقافت- جو وڏو حصو رهيو آهي جنهن کي ثقافتي بشريات چون ٿا. انساني روين سان لاڳاپيل ٻين علمن کي ڇڏي علم الانسان، قديم آثارن جي دريافتن ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن کان مليل معلومات واري مواد تي تمام گهڻي توجهه ڏني آهي. هڪ الڳ منفرد ۽ اعليٰ علم جي ناتي هن علم انساني روين ۽ معاشري سان لاڳاپيل علمن سان پنهنجو واهپو ۽ تعاون وڌايو آهي. علم الانسان جون ٻه وڏيون شاخون آهن. 1. جسماني بشريات جو تعلق -انساني جسم- جي ارتقا سان آهي. هن ۾ انساني ڍانچن جو مطالعو ڪري معلوم ڪيو ويندو آهي ته -انسان- جي واڌ ويجهه ڪيئن ٿي، -ان- ۾ وقت به وقت ڪهڙيون تبديليون رونما ٿيون. مختلف خطن ۾ رهڻ وارن انسانن جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي. وارن، چمڙيءَ جي رنگ، کوپڙي يا مٿي ۽ جسم جي گهاڙ يا بناوت ۽ انساني رت جي مختلف قسمن جو تقابلي مطالعو به جسماني بشريات جو حصو آهي.

2. ثقافتي بشريات جو تعلق انساني رهائش سان آهي. ثقافتي بشريات جا ماهر انهن سماجي ڪِرتن ۽ رسمن جو مطالعو ڪندا آهن، جيڪي انساني گروهن کي هڪ ٻئي مٿان فوقيت ڏين ٿيون. خاندانن ۽ قبيلن تي غور ڪيو ويندو آهي ته اهي ڪيئن وجود ۾ آيا. بشريات جي انهي شاخ ۾ ماهر ڪنهن معاشري جي رسمن، رواجن، ڪم ڪرڻ جي عادتن، تفريحي مشغلن، فنون لطيفه، هٿ جا هنر، موسيقي ۽ ادب جي -باري- ۾ -تحقيق- ۽ مطالعو ڪندا آهن. -ان- کان سواءِ هن علم جا ماهر مخصوص سماجن جي مذهب، زراعت، طب ۽ اوزارن جو به مطالعو ڪندا آهن.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A6%D9%86%D9%BF%D8%B1%D8%A7%D9%BE%D8%A7%D9%84%D8%A7%D8%AC%D9%8A